ڪُئير موجوده دور جو جديد موضوع ته ناهي، پر افسانوي ادب ۾ ان جي مقبوليت وڏي اهميت رکي ٿي. بنيادي طور قدامت پسند، دقيانوسي سماج، مذهبي ۽ جبر تي قائم رياستن اندر ڪُئير يا ٽين جنس کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي. انهن کي مڪمل انسان تسليم نٿو ڪيو وڃي. پڙهيل لکيل طبقو اهڙن موضوعن کي ڇُهڻ ۽ کليل نموني اظهار ڪرڻ کان ان سبب ڪري ئي لنوائي ٿو. عالمي سطح تي اهڙن ڪردارن کي سماجي حيثيت ڏيڻ يا سماج ۾ انهن جي رتبي، جنس، خواهشن ۽ حقن لاءِ ڀرپور اظهار ٿيل آهي. عالمي سطح تي ادب کي نج ادبي مختياري حاصل آهي ۽ اسان جو ادب يرغمال بڻيل آهي. اسان وٽ ادب ۾ رياستي عمل دخل رهيو آهي ان جي ڪري ئي هتي ناول نگار اهڙن پاسن کي حساس سمجهن ٿا.
ڪهاڻي:
ناول Written on body جي ليکڪاJeanette Winterson آهي. هي ناول ڪُئير جي طرفان ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، جنهن جي شديد محبتLouise سان ٿي وڃي ٿي جنهن جو مڙس هڪ ڊاڪٽر هوندو آهي. هوءَ هن جي زندگي جو مرڪز ۽ ڪل ڪائنات بڻجي وڃي ٿي. جتي هو ”پنهون ٿيس پاڻ“ واري سطح تي پهچي پنهنجي جوهر جو مقصد محبت کي سمجهي ٿو. جڏهن Louise کي ڪينسر جي بيماري ظاهر ٿئي ٿي ته هو ان کان عليحدگي اختيار ڪري پنهنجي محبت جي قرباني ڏئي ٿو. جيئن ڊاڪٽر لوئيس جو علاج ڪري ان کي بهتر زندگي ڏئي سگهي. هُو پنهنجي خواهش تي پنهنجي محبوبا کي اهميت ڏئي پنهنجي محبت قربان ڪري ٿو. ان کان بعد ۾ تنهائي، ويڳاڻپ، ذهني اذيت ۽ پنهنجي وجود کي اڻپورو، اڌورو، کٽل ۽ خالي محسوس ڪندو رهي ٿو. ڏکن جي اڏوهي هن جي وجود کي کائڻ لڳي ٿي. هو خيالن جي دنيا جو رهواسي بڻجي وڃي ٿو. ناول جو ڪلائمڪس مبهم آهي ته لوئيس جڏهن هن سان ٻيهر ملي ٿي ته اهو مبهم بڻيل آهي، پر نيريٽر جي حالت شيزوفرينڪ ٿي وڃي ٿي، خيالن جو طوفان ان کي حقيقت کان انڌو ڪري ڇڏي ٿو ۽ اها ملاقات خيالي آهي.
ايم اسڪاٽ پيڪ جو محبت جي نفسيات تي لکيل ڪتابThe road less traveled ۽ هن ناول جا محبت تي فڪري نقطا ڏسجن ته ايم اسڪاٽ جو چوڻ آهي محبت مان مراد ٻئي کي وجودي طور مڪمل انسان سمجهڻ آهي. جيئن هن ناول جو مرڪزي ڪردار لوئيس کي زندگي جيئڻ جي حوالي سان مڪمل آزادي ڏئي ٿو. حقيقي محبت ۾ انا/ايگو کي مات هوندي آهي، جنهن کي ايم اسڪاٽ پيڪ “ميچوئر محبت” سڏيو آهي. ساڳيو نقطو هن ناول جي مرڪزي ڪردار ۾ ڏسجي ٿو جيڪو پنهنجي محبوب کي ان ڪري ڇڏي ٿو، ڇو ته هي ان سان بي انتها محبت ڪري ٿو، پر ناول جو موضوع ۽ فڪر مادي دنيا آهي. جڏهن ته ايم اسڪاٽ پيڪ صوفيزم ۽ مذهبي پاسن تي زور ڏيندڙ آهي.
محبت شعوري لاڳاپو conscious commitment آهي. محبت ۾ جنس جي پابندي ناهي، سماجي حدبندين جي سرحد ناهي، ڪو طئي ٿيل سماجي اصول ناهي. اها شعوري ذميداري آهي. جديد سرمائيداري نظام جي اندر محبت منافعي جو ذريعو آهي. مان محبت ڪيان موٽ ۾ ساڳي محبت ملڻ گهرجي. اهڙي ماحول ۾ انساني خواهشن جو تعين به سماجي حد بنديون ۽ مارڪيٽ ڪري ٿي. ان لحاظ کان محبت فطري احساس هئڻ بدران سرمايو بڻجي وڃي ٿي، پر ان جي ابتڙ محبت پنهنجي سرگرم/مثبت صلاحيتن سان باقاعده زنده آهي، جيئن هن ناول جي اندر ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. بيل هوڪس پنهنجي ڪتابAll About Love ۾ لکيو آهي ته اهڙو سماج جيڪو پدر شاهي ۽ منافعي خور هجي اتي فرد کي ٻئي جو خيال رکڻ، ان کي تسليم ڪرڻ، خود مختيار وجود سمجهڻ بدران ان ۾ مالڪي ۽ طاقت وارو عنصر اڀاريو ٿو وڃي. ان ڪري سماجي منافقت ان ۾ مڪمل عمل دخل رکي ان کي گهٽائي انساني لاڳاپن ۾ انتشار ڦهلائي محبت جهڙي فن کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.
محبت ۽ ڪُئير ناول:
محبت کي ريڊيڪل انداز ۾ منطر ڪشي ۽ پلاٽ جو حصو بڻايو ويو آهي. محبت ۾ ڪيفيتن جي گهرائپ کي لفظ بيان ڪرڻ جي قابل ناهن هوندا. محبت آزادي جو نالو آهي چاهي ان آزادي جي قيمت سِر جو سودو ئي ڇو نه هجي. محبت ۾ خالي پڻي جو احساس ضرور ٿيندو آهي، پر ان ۾ به يادن جا قافلا پنهنجي موجن ۾ پيا وهندا ۽ هلندا آهن. محبت ۾ وقت ڌنڌلو بڻجي وڃي ٿو، زمان مڪان جي حد ۾ خلا پيدا ٿيڻ لڳي ٿو. محبت ختم ناهي ٿيندي، اها وجود جي هستي تي گهرا اثر ڇڏيندي آهي. محبت جي ابتدا محبوب جي وڇوڙي ۽ دوري کان ٿئي ٿي. اصل امتحان ۽ پچڻ جو عمل شروع اتان ٿئي ٿو. محبت ڪڏهن ڪڏهن مڪمل ٿيڻ ڪل عمل هئڻ بدران اذيت ۽ آڙاھ بڻجي ويندي آهي. محبت جذباتي بنياد تي ناهي شعوري طور ان ۾ جيئڻ جي قوت وڌيڪ موجود رهي ٿي.