بلاگنئون

سنڌ جو محب وطن قومي اڳواڻ: جي ايم سيد

جـي. ايـم سـيـد سـنڌ جـي محـب وطـن قومي اڳواڻ، عالم ۽ اديب، جي. ايم سيد جو شمار، ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي اهم قومي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ذڪر کان سواءِ جديد سنڌ جي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن سڄي ڄمار پنهنجي تحريرن، عمل ۽ جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي ذهني رهبري ۽ قومي اڳواڻي ڪئي. جي. ايم. سيد جو پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد محمد شاهه آهي، سندس والد بزرگوار انگريز دور جو هڪ ارڏو شخص ۽ زميندار ٿي گذريو آهي، جنهن تي سڄي عمر انگريزن جي ڪَڙي نظر رهي ۽ شهر ۾ هُن جي چُرپُر تي نظرداريءَ لاءِ چَٽِي پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشهور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي. مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن: هڪ سيد حيدر شاهه سنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبريءَ هيٺ ميران محمد جونپوريءَ سان درياهي جنگ ڪري، کيس ڪابل ڀَڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٽيون بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاهه جو اهڃاڻ، سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي. جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو، سندس جنم اڳوڻي دادو ضلعي ۽ هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي جي تاريخي شهر سن ۾، 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو. هي پنهنجي والد سيد محمد شاهه جو ٻيو نمبر فرزند هو، اڃا 16 مهينن جو مس ٿيو، ته سندس والد، خانداني جهيڙي جي ڪري، 1 نومبر 1905ع تي شهيد ٿيو، سندس وڏي ڀاءُ سيد احمد شاهه 11 مهينن کان پوءِ 29 نومبر 1906ع تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ننڍڙي سيد کان سواءِ سڄي ڪُٽنب ۾ ڪو به مرد ماڻهو نه بچيو هو. جيڪو سندس سنڀال ڪري. اُن ڪري هن جي سنڀال سندس ٽن پُڦين، ٻن مائرن ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. خاندان ۾ ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڪو به مرد نه هئڻ ڪري، سندس سڄي ملڪيت اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان ’ڪورٽ آف وارڊس‘ جي سنڀال هيٺ، 1905ع کان 1921ع تائين رهي، جتان گذر معاش لاءِ معمولي رقم ملڻ سبب اڪثر، ڪارا ڪمدار ۽ نوڪر (پگهار نه ملڻ ڪري) ڪم ڇڏي ويا. سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي خانداني صورتحال ڏسندي، ننڍڙي هوندي ئي شادي عزيزن مان سيد مير حسن شاهه ڀاڻوٺيءَ جي نياڻيءَ، بيبي مريم سان، 20 اپريل 1910ع تي، ڇهن سالن جي عمر ۾ ڪرائي وئي. ان وقت سندس بيبيءَ جي عمر 9 سال هئي. جي. ايم. سيد کي 01 جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي ٻاراڻو پڙهيو. ان کانپوءِ سن جي ملا مڪتب ۾ قاضي فقير محمد وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، پر ٿوري وقت بعد جنوري 1913ع ۾ ٻيهر سنڌي اسڪول سن ۾ ماستر ڌرمداس ڀاڳو مل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان بعد ماستر ريوا چند وٽ پڙهيو، جتان چار درجا پاس ڪرڻ بعد هيڊ ماستر وسڻ مل ٻالچند وٽ پنج درجا پاس ڪري ڇهين ۾ آيو. شهر ۾ وڌيڪ تعليم جو انتظام نه هئڻ ڪري آخوند ميان سمن ولد محبوب ميمڻ وٽ قرآن شريف ناظره پڙهڻ ويٺو. ان سان گڏ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي محمد هاشم احمد ميمڻ سن واري وٽ ورتائين. ان دوران ميان حامد علي ميمڻ هالاڻيءَ واري وٽ سن ۾ ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو ۽ ڪجهه وقت ماستر نارائڻ داس وٽ به انگريزي پڙهيو. ان بعد مولوي الهه بخش دادوءَ واري کي گهرائي، وٽس وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪيائين. ان ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي جي. ايم. سيد ڳوٺ ۾ عربي فارسي مدرسي جو بنياد وجهرايو ته جيئن سندس ساٿي به ساڻس گڏجي پڙهي سگهن. مدرسي ۾ مولوي محمد سيال دادوءَ واري وٽ پڙهيو ۽ پوءِ ڪوشش ڪري سن ۾ ٽي درجا انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪرايائين. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ ننڍپڻ کان وٺي سماجي خدمت ۽ تعليم لاءِ وڏو چاهه هو. هن 19 مارچ تي ترڪن سان نـاانـصـافـيـن خـلاف سڄي سنڌ وانگر سن شهر ۾ به مڪمل هڙتال ڪرائـي. ان کانپوءِ هن 25 مارچ 1920ع تي مخدوم بلاول جي درگاهه تي سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ اڪثر ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. انهيءَ دور ۾ جي. ايم. سيد جي مهاتما گانڌيءَ سان، 27 اپريل 1921ع تي سن ريلوي اسٽيشن تي ملاقات ٿي، جڏهن گانڌيجِي، حيدرآباد کان دادو وڃي رهيو هو. 19 مئي 1921ع کان هن کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ۽ شهر ۾ کاڌِي تيار ڪرڻ جا آڏاڻا قائم ڪرايائين. سندس اباڻي زمين ڪورٽ آف وارڊس ۾ هئڻ سبب سرڪار ناراض ٿي، جي. ايم. سيد جي گذرمعاش لاءِ مقرر رقم بند ڪري ڇڏي ۽ کيس سياست ۾ حصي نه وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پر هيءُ نه مُڙيو ۽ 1923ع تائين ان ۾ حصو وٺندو رهيو. کيس ان ڏس ۾ معاشي ۽ سماجي طرح ڪافي تڪليفون آيون.
پهرين جون 1925ع تي جي. ايم. سيد تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ به چونڊيو. هن خانبهادر ولي محمد حسن علي آفنديءَ کي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن ۽ شيخ عبدالحق کي جيڪب آباد مان گهرائي، ضلعي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر ڪري رکايو ۽ ضلعي جي تعليم کي وڌايو. سن ۾ انگريزيءَ جا اي. وِي ڪلاس، ڇوڪرين جو اسڪول، نائيٽ اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرايائين ۽ اسٽيشن کان ڳوٺ تائين پڪو رستو ٺهرايائين. اهڙيءَ طرح ضلعي لوڪلبورڊ ۾ رهي، ٺٽي ۾ به تعليمي ۽ سماجي ڪم ڪرايائين. جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي (ان وقت ٺٽو ۽ دادو ضلعا اڃا نه ٺهيا هئا) جي آبادگار ۽ زميندار طبقي جي سُڌاري لاءِ ڪراچي ضلعي جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسئيشن ٺهرائي.
1928ع ۾ جي. ايم. سيد شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي تعليمي ۽ سماجي ڪانفرنس سڏائي ۽ اُن موقعي تي سن پرائمري اسڪول لڳ ٺهرايل دروازي جو نالو ”باب قليچ“ رکرايو، جنهن جو افتتاح ميران محمد شاهه ڪيو. ان ئي سال ميران محمد شاهه کي بمبئي ڪائونسل جي ميمبر چونڊائڻ ۾ مدد ڪيائين. ساڳئي سال هن جمشيد نسروانجي مهتا ۽ خانبهادر عزيز خان، ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽوِ سوسائٽيز سان گڏجي ڪوآپريٽوِ تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ اٺن سالن تائين سنڌ ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ساڳئي وقت سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر، ڪانگريس ڪميٽي سنڌ جو صدر، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو ميمبر، مسلم جمخاني ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيِءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين. 1928ع ۾ لوڪلبورڊ جو ٽرم پورو ٿيو ته نومبر جي نين چونڊن ۾ بهادر شيوارام’>راءِ بهادر شيوارام ڏيون مل جهڙي با اثر ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن چونڊيو. هن هڪدم ضلعي ۾ ڳوٺ سڌار پروگرام تيار ڪري، ماڻهن جي سڌاري ۽ حالتن جي جائزي لاءِ گشت ڪيو. ڪراچي ڳوٺ سڌار هلچل جو بنياد رکي، ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي سروي ڪرايائين. ان سان گڏ اڇوتن جي ڀلائيءَ لاءِ به ڪم ڪيائين. ان وچ ۾ 1928ع کان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته سيد صاحب ان ۾ وڏيءَ سرگرميءَ سان حصو ورتو. ان ڏس ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون: (1) ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ، (2) حيدرآباد ۾ علامه يوسف علويءَ جي صدارت هيٺ، ۽ (3) ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي صدارت ۾ ٿيون، جن ۾ نه رڳو حصو ورتائين، پر سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي به ڪم ڪيائين. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۾ به ڪم ڪندو آيو. جڏهن انگريز سرڪار هندستان جي حالتن جي سڌاري لاءِ سر جان سائمن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميشن موڪلي ته جي. ايم. سيد ڪانگريس ۽ آزاد خيال سياسي ڪارڪنن سان گڏجي، ’گــو ســائمـن گــو‘ (Go Siman Go) تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. 10جنوري 1929ع تي جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي ڪوآپريٽوِ انسٽيٽيوٽ جو بنياد وجهرايو. ان ئي عرصي ۾ ڪراچيءَ جي ڳوٺ سڌار جماعت ٺهرايائين، ڪوآپريٽوِ انسٽيٽيوٽ ۽ ڳوٺ سڌار جماعت جو صدر جمشيد نسروانجي مهتا ۽ جنرل سيڪريٽري پاڻ ٿيو. ان جو مقصد ڳوٺاڻا رستا ٺهرائڻ، زناني ۽ مرداڻي تعليم کي زور وٺرائڻ، مڪاني هنرن جي ترقي، صفائي ۽ صحت جو انتظام، سماجي سڌارا آڻڻ هو. 1929ع ۾ ئي سيد صاحب ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ سماجي شعور، ٻارن جي سنڀال ۽ پرورش، داين کي ويم لاءِ تربيت ڏيڻ ۽ زالاڻن هنرن جي ترقيءَ وغيره لاءِ ’رورل وومين ويلفيئر ائسوسيئيشن‘ ٺهرائي، جنهن جي صدر مسز هومي مهتا ۽ سيڪريٽري رڪمڻي آڏواڻي ٿي. هي عورتون ميجڪ لينٽرن، دوائون ۽ رانديڪا کڻي ڳوٺن جي عورتن سان رابطي ۾ آيون. 1930ع ۾ ئي ميرپورخاص ۾ جمشيد نسروانجي ميهتا، ڄيٺمل پرسرام، پرنسپال گوڪلي ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد وجهرايائين، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال جي. ايم. گوڪلي چونڊيو ۽ اُن جو سيڪريٽري ڄيٺمل پرسرام ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد چونڊيا ويا. جي. ايم. سيد سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ 1954ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندو آيو. ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ کان وٺي هارين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترا ڪم ڪيائين. ان عرصي دوران هو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ به سرگرم رهيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست بابت پروگرام ڪرايائين. مئي 1930ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي اهم قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ انگريزي اخبار ڪڍڻ جو سوچيو ويو ۽ هڪ وفد سان گڏ محمد علي جناح سان ملي کيس سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ گذارش ڪيائين. ان ڏس ۾ نومبر ۾ ٻي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي شرڪت ڪئي. 1931ع ۾ خان عبدالغفار خان سان ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ خالق ڏني هال ۾ ’نوجوان ڀارت سڀا‘ جي پليٽ فارم تان سخت تقريرون ڪيائين. 1931ع ۾ ئي سباش چندر بوس ۽ ڀڳت سنگهه جي يوٿ ليگ جو ميمبر ٿيو. جي. ايم. سيد ڪمشنر گبسن جي سخت مخالفت جي باوجود ضلعي لوڪلبورڊ جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن ۾ اڳتي هلي، ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين رستو قائم ڪرايائين، ڪليڪٽر گبسن سندس سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان تنگ ٿي، تعلقي ڪوٽڙيءَ کي 1 آڪٽوبر 1931ع تي ڪراچيءَ کان جدا ڪرائي، نئين ٺهرايل دادو ضلعي ۾ شامل ڪرايو.
1936ع ۾ جي. ايم. سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، ’اتحاد پارٽي‘ قائم ڪئي، جنهن ۾ سر غلام حسين، سر شاهنواز ڀٽي، حاجي عبدالله هارون ۽ ان جي ساٿين شرڪت ڪئي. پر جيئن ته وائيس پريزيڊنٽ ميران محمد شاهه چونڊجي ويو، ان ڪري سر غلام حسين پنهنجي ٽولي سميت ڌار ٿي، نئين جماعت ’مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ ٺاهي. اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. 1937ع ۾ جڏهن 1935ع جي ائڪٽ هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون، ته جي. ايم. سيد اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، جڏهن ته سر غلام حسين جي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ جا صرف پنج ميمبر چونڊيا، پر اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر حاجي عبدالله هارون چونڊجي نه سگهيا. گورنر، دستور جي خلاف اتحاد پارٽيءَ جي نمائندي خان بهادر الهه بخش سومري کي وزارت ٺاهڻ جو سڏ ڏيڻ بدران پنجن ميمبرن واري سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڏيو. نتيجي طور سنڌ جا اڪثر مسلمان ميمبر حڪومت سان وڃي شامل ٿيا. ان ڪري اتحاد پارٽيءَ جي ليڊر الهه بخش سومري ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر ڪانگريس سان گڏجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جو ڪردار ادا ڪيو. آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جي ڪوٺائڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ جي. ايم. سيد جو وڏو هٿ هو. هن اجلاس ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو ۽ جي. ايم. سيد جي سهڪار سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مسلمانن جي آزاد رياستن تي مشتمل ڌار وطن جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي تائيد سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ ٻين ڪئي. ان ٺهراءُ اڳتي هلي مسلم ليگ جي 1940ع واري لاهور اجلاس ۾ هندستان جي ورهاڱي واري ٺهراءُ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن کي پوءِ ’قرارداد پاڪستان‘ سڏيو ويو. 1938ع واري اجلاس کان پوءِ الهه بخش سومري، وزيراعظم سنڌ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو، پر صلح نه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم ليگ جي پارٽي ليڊر خانبهادر کهڙي کي ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر کي چـونڊايو ۽ اسيـمبليءَ کان ٻاهر مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. ان وچ ۾ سکر مسجد منزل گاهه جو واقعو پيش آيو. هندو مسلم فساد ٿيا. الهه بخش وزارت اقليت جو بچاءُ ڪري نه سگهي، ان ڪري هندو ميمبرن، مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش سومري جي وزارت کي ڊاهي، نئين وزارت مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ خانبهادر کهڙو وزير ٿيا. جي. ايم. سيد کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ ٻيلي کاتي جا کاتا مليا. ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم ليگ کي، سنڌ ۾ منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. آل انڊيا ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، 1942ع ۾ حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ صوبائي مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيو ۽ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايو ۽ هڪ يادگار تقرير ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان اندر سنڌ لاءِ هڪ خودمختيار رياست جو تصور ڏنو ويو. ساڳئي سال جي آخر ۾ هن انڊيا مسلم ليگ آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ سڏائڻ جو انتظام ڪيو، جتي کيس آل انڊيا ڪميٽي آف ايڪشن جو ميمبر چونڊيو ويو. 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي محب وطن سياستدان الهه بخش سومري کي شڪارپور ۾ ڪنهن فرقيوار ذهنيت رکندڙ شخص ٽانگي تي ويندي فائر ڪري، شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳو. 1944ع ۾ جي. ايم. سيد جا سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت سان اختلاف ٿي پيا، جنهن سلسلي ۾ 25 جولاءِ 1944ع تي جي. ايم. سيد لاهور ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان هڪ وفد وٺي ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته انڊيا مسلم ليگ’>آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ جي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. پر سيد صاحب کي مثبت جواب نه مليو. آخر ۾ نين چونڊن لاءِ سيد صاحب مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ ۽ چونڊن ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽري بورڊ چونڊيو. مرڪزي مسلم ليگ مداخلت ڪري، وزارت جو طرف وٺي، صوبائي مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ان جي اميدوارن خلاف اميدوار بيهاريا. باوجود مخالفت جي جي. ايم. سيد جي حمايتي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪجهه اميدوار چونڊجي آيا، جن سيد صاحب کي ليڊر چونڊيو، جنهن ڪانگريس پارٽيءَ جي 22 ميمبرن سان ٺاهه ڪري، اڪثريت ڏيکاري گڏيل وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر کان گهر ڪئي، پر گورنر سر غلام حسين کي باوجود ٿورن ميمبرن جي وزارت ٺاهڻ جو حڪم ڪيو، نتيجي طور جي. ايم. سيد پنهنجن ميمبرن سميت مخالفت ۾ رهيو.
ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم جماعت جي نالي سان پارٽي ٺاهي ڪم شروع ڪيو، ترت ئي پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو. قيام پاڪستان کان پوءِ 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت کهڙو صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي کهڙي جي وزارت کي ڊسمس ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ ڪيو، اهڙيءَ طرح ڪراچي مرڪز جـي حــوالي ٿـي وئـي. جي. ايم. سيد ڪراچي مرڪز کي حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿـاريـو تـه ان کـي سـن ۾ ٽـن مهيـنـن لاءِ نـظـربـنـد ڪـيو ويـو. ان مرحـلي تي خان عبدالغفار خان ۽ ٻين کي به جيل ۾ موڪليو ويو. 1948ع ۾ جي. ايم. سيد پاڪستان جي ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي ’پاڪستان نيشنل پارٽي‘ ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ جڏهن جي. ايم. سيد جي درخواست تي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي موجب پير الاهي بخش وزارت اعليٰ تان خارج ٿيو ۽ قاضي محمد اڪبر جي اليڪشن به رد ٿي.
ان وچ ۾ آگسٽ 1955ع ۾ جي. ايم. سيد مغربي پاڪستان جي قومي ڪارڪنن جي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ”ائنٽي ونيونٽ فرنٽ“ ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ ”نئشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي خان عبدالغفار خان کي صدر چونڊرايائين.
سـيـد صـاحـب مـغـربي پـاڪـسـتان اسـيـمـبـليءَ ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبليڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري، 310 ميمبرن جي اڪثريت سان ونيونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف چئن ميمبرن مخالفت ڪئي.
ان کان پوءِ، مولانا ڀاشانيءَ سان ٺاهه ڪري جي. ايم. سيد نئشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان ٿيو.
اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ونيونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ مغربي پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري وعدي تان ڦِري وئي. هن وعدي شڪنيءَ کان پوءِ جي. ايم. سيد ايندڙ چونڊن ۾ ونيونٽ کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن کي (ونيونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري ”ائنٽي ونيونٽ“ فرنٽ قائم ڪيو ۽ اهڙي طرح بلوچستان ۽ سرحد ۾ به اهڙا فرنٽ قائم ٿيا. جي. ايم. سيد ۽ ٻين صوبن ۾ (بنگال سميت) ونيونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، ونيونٽ جي حامي گروهه، 8 آڪٽوبر 1958ع تي پوري پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي. ايم. سيد ۽ نئشنل عوامي پارٽيءَ جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. جي. ايم. سيد پوءِ 1960ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابيءَ جي ڪري کيس مارچ 1966ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، جي. ايم. سيد مطالعو جاري رکيو. ايوبي آمريت، جي. ايم. سيد کي جولاءِ 1967ع جي شروعات کان 1968ع جي آخر تائين وري نظربند ڪيو. ان نظربنديءَ کي جي. ايم. سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان ڪناره ڪش آهي، پر کيس ونيونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي. 1 مارچ 1969ع تي جي. ايم. سيد کي آزاد ڪيو ويو. هن ونيونٽ مخالف دوستن ۽ ڪارڪنن سان رابطا ڪيا ۽ 9 مارچ 1969ع تي هڪ نئين سياسي جماعت ”سنڌ متحده محاذ“ قائم ڪيائين. 10 آگسٽ 1969ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچيءَ گهرائي آجياڻو ڏنائين ۽ سنڌ، بنگال ۽ ٻين قومن جي وطنن بابت تاريخي سپاسنامو پڙهيائين. ائين ونيونٽ جي تحريڪ زور پڪڙيو.
وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت تي دٻاءَ وجهي، هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن کي سنڌ جون سرڪاري زبانون قرار ڏنو. ان صورتحال ۾ جي. ايم. سيد، 31 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ اجلاس ڪوٺائي، سنڌ جي گشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1 آگسٽ 1972ع تي پريس ڪانفرنس ڪري، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌ کي خوداختياري ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا مطالبا کڻي، ٺٽي ضلعي کان دورو شروع ڪيائين. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد واري جلسي ۾ شرپسندن مٿس بم اڇلايو، جنهن ۾ جي. ايم. سيد خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويو، پر سندس هڪ ساٿي دوست محمد پراچا شهيد ٿي ويو. نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شوري سميت 18 ڪارڪن سخت زخمي ٿيا. جي. ايم.سيد گشت ڪري جيئن سن واپس پهتو ته 8 آگسٽ 1972ع تي سنڌ حڪومت کيس گهر ۾ نظربند ڪيو. اهڙيءَ طرح جي. ايم. سيد سواءِ ٿورن وقفن جي وڏو عرصو نظربند رهيو. ان وچ ۾ سندس پوئلڳن سندس رهبريءَ ۾ 1977ع ۾ ”جيئي سنڌ محاذ“ ۽ اڳتي هلي ڪجهه شاگردن ”جيئي سنڌ تحريڪ“ نالي پارٽيون ٺاهي، قومي جدوجهد شروع ڪئي. 19 جنوري 1992ع تي کيس نظربند ڪيو ويو، جيڪا نظربندي سندس زندگيءَ جي آخري لمحن تائين قائم رهي. 17 مارچ 1995ع کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي. 18 مارچ کان وٺي جناح اسپتال ۾ نظربنديءَ دوران زير علاج رهيو ۽ 25 اپريل 1995ع جو رات جو دير سان جي. ايم. سيد پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. صبح تائين لکين ماڻهو سن پهچي ويا. 25 اپريل تي لکين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ سيد کي سن جي آبائي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد دفن ڪيو ويو. سندس تدفين وقت قرآن پاڪ، انجيل، توريت، گيتا ۽ شاهه جي رسالي جو ورد ٿيندو رهيو ۽ ان ورد دوران سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم شخصيت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ويب سائٽ https://encyclopediasindhiana.org جي ٿورن سان