چنڊ تي انسان پھريون دفعو 1969ع ۾ پھتو ھو، پر چنڊ تي پھچڻ جي ڪوشش جي تاريخ وڏي آھي ۽ ان ڪوشش ۾ لکين جانيون ذيان ٿيون ھيون. انسان ھاڻ مريخ تي پھچي چڪو آھي ۽ اتي وڃي آباد به ٿيڻ چاھي ٿو، مريخ تي وڃڻ لاءِ جھاز ۾ 261 انسان، ڪڪڙ، ٻڪريون، ٻيون جنسون ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ٻج ۽ ٻيون شيون کڻي وڃڻ لاءِ تياري ڪري رھيا آھن. چيو وڃي پيو ته انھن جي ڌرتيءَ تي واپسي گھٽ ممڪن ھوندي، اھي مريخ تي آباد ٿي ويندا. بعد ۾ تجربي جي ڪاميابي کانپوءِ ٻيا به ويندا.
مريخ تي ڪنھن به بيماري جو وائرس، جراثيم يا بيڪٽيريا وغيره نه آھي، پر اتي تابڪاري جو خطرو ۽ ڪشش ثقل جو گهٽ هجڻ جي ڪري اتي ٻيا صحت جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه اتي زمين کان ڪٽيل هجڻ جي ڪري هڪ نئون ماحول انسان جي ذهني صحت کي متاثر ڪري سگهي ٿو، پر جيئن ته هتان وڃڻ وقت انهن جي لاءِ هڪڙو مڪمل طور تي صحتمند ۽ تندرست ماحول جوڙيو پيو وڃي ان ڪري انهن کي ڪافي سهولتون حاصل هونديون. رٽائرڊ انجنيئر ۽ سائنسدان اھو چون ٿا مرڻو ته ھونئن به آھي پوءِ ڇو نه نئين دنيا تي نوان تجربا ڪجن. ابتداءَ ۾ مريخ تي وڃڻ وارن جو چوڻ آھي ته اسين اتي پندرھن سالن ۾ گھڻو ڪجھه ڪري وينداسين، گھر بنگلا، فيڪٽريون شھر اڏينداسين ۽ پندرھن سالن ۾ واپس ڌرتي تي اچي وينداسين ۽ ٻين انسانن کي اتي وٺي وڃي آباد ڪنداسين.
مريخ پٿريلو گرھه آھي، سج کان لڳ ڀڳ 228 ملين ڪلو ميٽر پري آھي، ان جو قطر لڳ ڀڳ 6,779 ڪلو ميٽر (ڌرتيءَ جي اڌ جيترو)، ڌرتيءَ جي ڪشش ثقل جي تقريبن 38 سيڪڙو جيتري ڪشش ثقل اتي موجود آھي، مريخ جو ھڪ ڏينھن ڌرتي جي ھڪ ڏينھن جي مقابلي ۾ صرف 37 منٽ وڏو آھي، مطلب 24 ڪلاڪ 37 منٽ جو آھي، مريخ جو سال ڌرتي جي ھڪ سال 365 ڏينھن جي مقابلي ۾ 687 ڏينهن جو، تقريبن ٻيڻو آھي. مريخ تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽروجن، آرگن ٻيون گئسون موجود آھن. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار تمام وڏو آھي، اتي جي موسم تمام ٿڌي آھي، مريخ تي وڏا جبل ۽ وڏيون کاهيون آھن. مٽي ڳاڙهي آهي ان ۾ لوهي آڪسائيڊ (زنگ) گهڻو آهي، تنهنڪري ان کي ڳاڙهو گرهه به چيو ويندو آهي. مريخ تي ٻه ننڍڙا چنڊ آهن، مريخ تي ڪيترائي روبوٽڪ مشن ۽ رور ڪم ڪري رهيا آهن. سائنسدان مريخ تي پاڻيءَ جا آثار ڳولهي چڪا آهن ۽ امڪان آهي ته مستقبل ۾ هتي زندگيءَ جا نشان يا انساني بستيون قائم ٿي سگهن ٿيون.
مريخ جي فضا ۾ آڪسيجن جو مقدار تمام ٿورو آهي ۽ اتي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂) لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو آھي، نائٽروجن (N₂) لڳ 2.7 سيڪڙو، آرگن (Ar) لڳ ڀڳ 1.6 سيڪڙو، آڪسيجن (O₂) صرف لڳ 0.13 کان 0.16 سيڪڙو آھي، ڪجھه ٻيون گئسون به ٿوري مقدار ۾ آھن، ڌرتيءَ جي فضا ۾ آڪسيجن لڳ ڀڳ 21 سيڪڙو آهي، مريخ تي آڪسيجن جو ٿورو مقدار انسان جي ساھه کڻڻ لاءِ بلڪل به ڪافي ناهي. ان ڪري جيڪڏهن انسان مريخ تي رهڻ چاهين ته انھن کي اتي وڏي تعداد ۾ ٻوٽا پوکي آڪسيجن پاڻ پيدا ڪرڻي پوندي.
مريخ جي فضا جو تقريبن 95 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان ڀريل آهي، ان مان ئي ٽيڪنالاجي جي مدد سان آڪسيجن ٺاهڻ آسان آھي، مريخ جي هوا مان CO₂ وٺي، ان کي اليڪٽرولائيٽڪ طريقي سان ٽوڙيو وڃي ٿو، ان طرح ڪاميابي سان ان عمل ذريعي آڪسيجن تيار ٿئي ٿي، مريخ تي برفاني پاڻيءَ جا به ذخيرا موجود آهن، اليڪٽرولائسس سان پاڻيءَ کي بجليءَ ذريعي ٽوڙي سگھجي ٿو ان عمل سان به آڪسيجن تيار ٿئي ٿي. مريخ جي مٽي ۾ آڪسيجن تي مشتمل مرڪب آڪسائيڊز موجود آهن، انھن کي ڪيميائي رد عمل ذريعي ٽوڙڻ سان آڪسيجن آزاد ٺھندي، ان طرح هائيڊروجن يا ڪاربان ذريعي آڪسيجن الڳ ڪري سگھجي ٿي. مستقبل ۾ مريخ تي ٻوٽن جو تعداد وڌائي سگھجي ٿو، جيڪي فوٽوسينٿيسز (روشنائي ترڪيب) ذريعي آڪسيجن پيدا ڪندا، هي سڀ طريقا ڊگهي عرصي تائين مريخ تي انساني آبادڪاري لاءِ فائديمند ٿي سگھندا. انسان پنهنجي تاريخ ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو جيڪو به خواب ڏسي ٿو ان کي ساڀيان ڪرڻ جي سگهه به رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي يقين آهي ته انسان هڪ ڏينهن مريخ تي پنهنجي حڪمراني ضرور قائم ڪندو.