بلاگنئون

رياست ۽ سياست پريشاني جو شڪار آهي

اسان پنهنجن نسلن کي انتها پسندي ۽ ويڙهاند ڏانهن مسلسل پئي ڌڪيو آهي، رڳو هڪ صوبي جي پراڻي خواهش سبب باقي صوبا هڪ غريبي ۽ ويچارگي جي حالت ۾ هليا ويا آهن. اهي صوبا هاڻي ته بنيادي سهولتن کان به وانجهيل رهن ٿا. انهن صوبن ۾ پيئڻ جي پاڻي کان وٺي تعليم، صحت، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي به سڪت ناهي رهي، پر رياست جي زور آوريءَ ۾ اها ڳالھ ضرور رهي آهي ته جيڪو به ڳالهائي ان جي منڍي مروڙي ڇڏجي ۽ اظهار جي آزادي به کسي ڇڏجي، جنهن جا ثبوت جلسن جلوسن تي پابندي، لٺ باٺو ۽ انٽرنيٽ جي هر روز ڪا به ڪا نئين ڀڳت. هڪ پارٽي (پي ٽي آءِ) جي آڙ ۾ رياست سموري قوم کي داوَ تي هڻي ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال دنيا جي بدترين آمرن وٽان به نه ملندو. هن رياست ڪڏهن مغربيت جي آڙ ۽ تاڙ ۾ ته وري ڪڏهن شيعت ۽ سنيت جي جهيڙن ۾ پنهنجي عوام جو رتُ ستُ ئي پي ڇڏيو آهي. اهي سمجهندا آهن ته ٻين ملڪ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ملڪي عالمن، فاضلن، ڏاهن، سياستدانن، دانشورن، مذهبي عملبردارن يا سماجي ڪارڪن جا قتل ڪيا وڃن ته ان ۾ ڪو مباھ ناهي ۽ ڪري سگهجي ٿو. ڇو جو رياست آل نال آهي، اهي ڪجھ به ڪري سگهن ٿا، انهن کي ڊڄ آهي ته متان رياست جا ڪنگرا ڪري ڊهي نه پون. اهي سڀ ان ڪري به ڪندا ٿا وتن ته جيئن اهي پنهنجون مسندون، ذاتي ملڪيتون ۽ اقتدار بچائي سگهن ۽ ديرپا هلائي به سگهن، باقي عام خلق جو خير آهي اهي ڪجھ به نه ڪندا. اسان جهڙا ملڪ پنهنجي عوام کي پنهنجي ڪرسين جي خواهشن جي تاڙ ۾ اهو سڀ ڪجھ ڪرائي ٿا ويهن جيڪي اهي چاهين ٿا.

ڪتاب “سليپ واڪنگ ٽو سرينڊر” جنهن ۾ پاڪستان جهڙي ملڪ جو دهشتگرد تنطيمن سان وڙهڻ ۽ ڳالهيون طئي ڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي، هن ڪتاب ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ته ڪيئن ملڪ اندر جيڪي به بغاوتون ٿين ٿيون، انهن جو ڪو خاطر خواھ حل سامهون نٿو اچي ۽ اهي طالبان ۽ بلوچن جي شڪل ۾ باغي قوتون وري وري اڀرن ٿيون. هن ڪتاب ۾ اسلام جي بريلوي، صوفي مرڪز واري عمل کان نظرياتي ديوبند جي فڪر ڏانهن ڦير ڦار جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ته جيئن پراڪسي جنگين لاءِ توپن جي چاري کي راغب ڪيو ٿو وڃي (جنهن ۾ رياست پاڻ ملوث هئي). شروعاتي طور تي ڏکڻ پنجاب ۾ عربن جي شڪار جي رعايت جي آڙ ۾ هڪ پرائيويٽ لينڊنگ ذريعي بين الاقوامي رستو اختيار ڪيو ويو، جنهن ۾ مدرسن جي فنڊنگ شروع ڪئي وئي، جيڪا سخت ديو بند ۽ وهابيت جي عروج جو سبب بڻي. جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل خاص قانون سازي ۽ تشريح ڪري سعودي مذهبي قاعدن موجب عالمن کي ڌڪي ورتو.

جلاوطني ايشيائي رياستن جو الميو رهيو آهي. هتي هر اسٽيبلشمينٽ اڳواڻ يا مخالف ڌر جا اڳواڻ هجن انهن کي ٻيو نه ته به جلاوطن ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري ته جيئن اهي واري وٽي سان هڪٻئي کي اقتدار بخشيندا رهن. مثال طور: جيئن ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ ٿيون رهي سگهن ۽ ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ نٿا رهي سگهن، تيئن هن رياست جي به اها ئي خواهش رهي آهي ته ڪنهن به هڪ پارٽي کي اقتدار جي مالڪي ڏني وڃي ۽ ٻين کي ملڪ بدر ڪيو وڃي يا جيل اندر واري ڇڏجي ته جيئن اهي من گهريا بل پاس ڪرائي سگهن، اهي اليڪشن ڪميشن جي مفاهمت سان فارم 45 ۽ 47 جون نيون انجنيئرنگس ڪرائي سگهن، يا اليڪٽرونڪ مشين جي ذريعي ووٽن جي انوکي ڳالھ ڪن. اهي ڪنهن به سياسي ٽولي جي پريشر ۾ اچي 4 سال پهرين به آدمشماري ڪرائين ته ڪرائي سگهن ٿا. وري مثال اهي به وٺي سگهجن ٿا ته هن ملڪ ۾ انيڪ دفعا عسڪري آپريشن ٿيا آهن جن جو ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، جيڪا عجب جهڙي ڳالھ آهي. مثال طور: آپريشن انڊيرنگ فريڊم: جيڪو آمريڪا جي اڳواڻي ۾ 2001-2002 تائين ٿيو ۽ ان جو مقصد افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هو سو ٿي ويو. آپريشن الميزان: جيڪو 2002 کان 2006 تائين ڪيو ويو، آپريشن زلزالا: 2008 ۾ ٿيو، جنهن سان پڻ طالبان جي ڳولها ڪئي وئي ته جيئن آقا آمريڪا کي خوش ڪري سگهجي، آپريشن شير دل، راهه حق ۽ راهه راست: اهي آپريشن هئا جيڪي 2007 کان 2009 تائين ٿيا، اهي به فاٽا ۽ پاٽا وارن علائقن ۾ ڪيا ويا، جن ۾ مُٺِ جيترن طالبان جي ٽولن خلاف رياستي طاقت آزمائي وئي.

وري آپريشن راہه نجات: 2009 کان 2010 تائين ڪيو ويو. ان کانپوءِ 2004 کان 2017 تائين آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ جاري رهي ۽ ان دوران 2004 کان 2018 تائين ڊرون حملن واري جنگ به شامل هئي، جنهن ۾ آمريڪا جي آشيرواد ۾ “ڊو مور” واري حڪم تحت شيون ٿينديون رهيون. ان کانپوءِ بلوچستان تڪرار جيڪو 2004 ۾ شروع ٿيو (جيڪو اڃان جاري آهي) جنهن ۾ عسڪري ادارا فوجي بغاوتن جي ڪچلڻ ۾ ملوث رهيا، اهي بغاوتون ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون گهريلو جنگيون 1958، 1977-1988 ۽ 1999-2008 ۾ ٿي چڪيون، پر وقتن بوقت فوج انهن بغاوتن ۾ حڪومت جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، ۽ تختن ڪيرائڻ کي رڳو ڪرپشن ۽ نااهلي کي سبب قرار ڏنو ويو، انهن سڀني آپريشنن ۾ ردالفساد، ضرب عضب ۽ هاڻي عزم استحڪام به شامل آهن، جيڪي ديسي باغي قوتن کي ڪچلڻ لاءِ لڳاتار ۽ ڪي قدر ڪارگر آپريشن رهيا.

اسان وٽ سياست اناپرستي ۽ شصي لڀاءَ کان وڌيڪ ڪجھ به ناهي، جيڪي به سياستدان اچن ٿا اهي سمجهن ٿا انهن اٻوجھ ماڻهن کي ڪو نه ڪو نعرو ڏجي جنهن ۾ هو پاڻ نچندا وتن، ڪڏهن نئون پاڪستان ڪڏهن اٽو، لٽو ۽ اجهو، ڪڏهن مذهبي جنونيت ته ڪڏهن جنت جا خواب ۽ جهنم جا خوف. انهن ماڻهن کي اها سُڌِ ناهي هوندي ته عام ضرورتن جي پورائي کانپوءِ اهي پاڻ سڃاڻڻ واري سگھ به ساري سگهن ٿا ۽ اهي پاڻ سڃاڻي پنهنجن پنهنجن مقصدن جو تعين به ڪري سگهن ٿا، مقصدن جي سڃاڻ ڪرڻ به زندگي جي نئين آغاز جي علامت آهي. اهي اها ڳالھ نه ٿا سمجهن ته هتي ايجنسيون جيئن طالبان جي اڻت ڪري سگهن ٿيون، تئين اهي اسٽيبلشمينٽ جا آشيرواد سان نوان نوان ليڊر ۽ نيون نيون سياسي پارٽيون به ٺاهي جوڙي سگهن ٿيون، جيڪي عوام جي خدمت گهٽ، پر انهن آقائن جي خدمت وڌيڪ ڪري سگهن ٿيون، اهي اڳواڻ انهن جي آڱر جي اشاري تي نچي به سگهن ٿا. عام فهم ۾ عوام ڀلي طاقت جو سرچشمو هجي، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ مالڪن جي نظر ۾ طاقت جو سرچشمو يا ته اهي مالڪ پاڻ آهن يا اهي پتلي تماشي وارا اڳواڻ جيڪي هر نئين شڪل ۾ ڪم پراڻا ڪندا ٿا وتن، جيڪي سمجهن ٿا اهي ماڻهو انهن جا سڀ ڪم ڪندا. اهي اڳواڻ پاڻ ڪرپشن ڪن، پاڻ مني لانڊرنگ ڪن، ڀلي فارين فنڊنگ ڪن، پاڻ توشا خانا مان تحفا چوري زوري ڪري پنهنجي پنهنجي گهر کڻي وڃن ته ڀلي کڻي وڃن، ان ڪري سرڪاري مال دشمن جو مال هوندو آهي، اتي اکيون بند ڪري بي شرم ٿي کڻي سگهجي ٿو. اهي اڳواڻ پاڻ سوئيٽزرلينڊ کان وٺي مغربي ملڪن ۾ ڪارو ڌن کڻي وڃن ته ڀلي کڻي وڃن، لنڊن ۾ ويهي لڪي ڇپي ملڪي ڪارو ناڻو اڇو ڪري اچن ته ڀلي ڪن، سعودي ۾ لوھ جا ڪارخانا هڻن، اوورسيز ڪمپنين جا مالڪ بڻجن، القادر يونيورسٽي جي 190 ملين پائونڊن جي ڪرپشن ڪن ۽ وري وڪي ليڪس، پاناما ليڪس، پنڊورا باڪس ۽ دبئي ليڪس ۾ جيڪي ڪجھ ٿيو اهو به ڪوڙ هو، العزيزه شگر مل به ڪوڙ بدوڙ هئا، ايون فيلڊ وارن فيلٽن جي ڳالھ به زمين ڳهي وئي، آسمان اڳواڻن جي ڪرپشن تي پردو وجهي ڇڏيو، ماڊل ڪالوني واري خونريزي به ڪوڙ هئي.

هي هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي اڪثريت مذهب جي پيروڪار آهي. هر حڪمران هن ملڪ کي هڪ اهڙي رياست بنائڻ ٿو چاهي ۽ اهڙي کڏ ۾ ڌڪڻ ٿو چاهي جنهن مان نڪرڻ محال هجي. هن ملڪ ۾ هر حڪمران مذهب جي نظريي کي خارجي فائدن لاءِ اختيار ڪندو ٿو رهي، مثال طور: جيئن افغان “جهاد” ۽ ڪشمير جو مسئلو. 77 سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪي به حڪمران آيا انهن پاڻ کي ساڌو سمجهيو ۽ جيڪي به هليا ويا اهي وڏا چور هئا. مثال طور: نواز شريف جڏهن آيو ته زرداري چور هو ۽ جڏهن زرداري آيو ته نواز شريف چور هو ۽ جڏهن عمران خان آيو ته نون ليگ سميت سڀ جا سڀ پ پ وارا چور هئا ۽ يا جيڪي به 11 سياسي پارٽين وارا پي ڊي ايم جي ٽوليءَ ۾ يڪمشت ٿي آيا سي به سڀ چور هئا ۽ هڪ عمران خان ساڌو هو، پر جڏهن هي همراھ به ويو ته دنيا جي سامهون نون چورن ۽ ساڌن جا نت نوان ٽولا جڙي سامهون آيا، جيڪي ڪڏهن ڏٺا نه ٻُڌا. گوگي جي ڪرپشن جون داستانون، جهانگير خان ترين جي شگر “اسِڪَيَم” ۽ ڪڻڪ جون ٺڳيون، عثمان بوزدار جون ڪهاڻيون ۽ وري ٻيا قصا جيڪي اڃان تائين ختم ناهن ٿيا ته پوءِ عام خلق ڪاڏي وڃي، پر عام خلق اهو ٿي سمجهي ته مذهبي جلسن جلوسن وانگي سياسي جلوسن ۾ وڃڻ به ثواب دارين حاصل ڪرڻ آهي. انهن غريب ماڻهن کي جڏهن به نينڍ ٿي ملي ته دير ئي نٿا ڪن، نٿا ڏسن سردي، نٿا ڏسن گرمي، نه آنڌي، نه مانڌي، نه جهڙ نه مينهن، بس وٺي ٿا ڀڄن، پوءِ ڪاروبار ۽ سرڪاري نوڪريون ۽ خانگي ڌنڌا ۽ ذميواريون وڃي پون کڏ ۾، هي سڀ جا سڀ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي وڃي اتي ٿا پڄن، پوءِ جيڪو ٿيو.