خاصنئون

تيل جي اگھن سان گڏ شيون به سستيون ڪيون وڃن، وزير اعظم

وزير اعظم عمران خان ڪورونا سبب روزگار کان محروم ٿيندڙ ماڻهن لاءِ احساس ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن تحت بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن کي 12 هزار رپيا ڏنا ويندا. ڪالهه اسلام آباد ۾ ڪورونا رليف فنڊ جي ويب پورٽل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم احساس ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي لاءِ ويب پورٽل جو اعلان ڪيو، جتي روزگار کان محروم ٿيندڙ ماڻهو رقم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته هيستائين ٽن هفتن ۾ 68 لک ڪٽنبن ۾ 81 ارب رپيا ورهائي چڪا آهيون. آئون پاڻ ڪورونا رليف فنڊ جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ ان تحت پئسا شفاف طريقي سان ورهايا ويندا، ان جي آڊٽ ٿيندي ۽ عوام سامهون رقم جا تفصيل آڻينداسين. تعميراتي صنعت کي مڪمل طور کولي رهيا آهيون. تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سمورين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ انتظاميا کي هدايتون ڪيون آهن