دورانديشي فرد جي زندگيءَ ۾ سولايون پيدا ڪندي آھي. ساڳئي طرح جيڪڏهن اها خاصيت هڪڙي سماج سڌارڪ يا سياستدان ۾ هوندي آھي ته اهو پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ وڏي وٿ پيدا ڪري ويندو آھي. لڳ ڀڳ اٺن ڏهاڪن کان هندستان کان لڏي ايندڙ اسان جا ڀائر اڃان تائين پاڻ کي مهاجر سمجهن ٿا. تڏهن اهي هر ٻئي ڏينهن تي ڪنهن جي هٿان استعمال ٿيندي ڌرتيءَ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا. ڪالهه انهن جو مرڪز نائن زيرو هو، پر هاڻي گورنر هائوس تان اها ڳالهه ورجائجي رهي آھي. گورنر وفاق جو نمائندو هوندو آهي، ان جي واتان مان لسانيت ۽ ٽوڙ ڦوڙ جون سازشون ٿيڻ لڳن ته يقينن ان پٺيان ڪا سازش ٿي سگهي ٿي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته لسانيت جي بنياد تي گورنر جو عهدو اڻ سڌيءَ طور اردو ڳالهائيندڙ جي حوالي ڪيو ويو، اسان کي اردو ڳالهائيندڙ تي ڪو اعتراض ناهي، انهن جي گورنرشپ تي ڪو اعتراض نه آهي، پر سندن نيتن ۽ عملن تي پوري سنڌ کي شڪايت آھي جو خود کي مهاجر سڏائيندڙ ڪراچيءَ سميت سنڌ جو ورهاڱو چاهين ٿا. پوري دنيا ۾ مهاجرن لاءِ ڪئمپون قائم ٿيل هونديون آهن، پر اسان انهن کي وڏا بنگلا ۽ وڏا عهدا ڏيئي ملڪيتن جو مالڪ ڪري ڇڏيو. لياقت علي خان کان وٺي ڪامران ٽسوري تائين سڀني جي ايجنڊا سنڌ کي ورهائڻ رهي آھي. اڄ وري ساڳئي گورنر هائوس مان سنڌ ورهائڻ جي سازش نمودار ٿي رهي آهي. ڪامران ٽسوري جي سموري دور تي نظر وجهجي ته اهو سڄو وقت سنڌ خلاف سازش جو دور نظر اچي ٿو، جنهن خلاف سنڌي ماڻهن پنهنجي بيداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. هن ڀيري به ان بيداري مهم جي سلسلي ۾ ڪامران ٽسوري 45 ڏينهن پاڻمرادو موڪل ڪري هليو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس کي ملتوي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. آئيني ماهرن موجب، پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 109 تحت، گورنر صوبائي اسيمبلي جو اجلاس به طلب ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ملتوي/ختم به ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته آرٽيڪل 105 موجب هو عام طور تي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي صلاح جو پابند هوندو آهي. اجلاس کي ملتوي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به رسمي الزام يا سبب جي ضرورت ناهي، ان کي انتظامي طاقت سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته سياسي روايت آهي ته هي قدم چونڊيل حڪومت جي صلاح تي کنيو ويندو آهي. هي فيصلو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران گورنر جي اڍنگي رويي سبب قرارداد پاس ٿي. ايوان ۾ موجود ميمبرن جي وچ ۾ تلخ بحثن کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي هئي.ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ ميمبر شوڪت راجپوت فلور تي الزام لڳايو هو ته سندس پنهنجي پارٽي جي ميمبرن شارق ۽ عثمان کيس ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته، “ٻاهر اچو نه ته اسان توهان کي ڏسنداسون.” جڏهن ته گورنر ڪامران ٽسوري سنڌ جي ورهاڱي بابت پنهنجي تڪراري بيانن جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻجي رهيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صوبائي حڪومت طرفان هن فيصلي تي اڃان تائين ڪوبه باضابطه رد عمل نه آيو آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي سنڌ کان ممڪن طور الڳ ڪرڻ بابت ڪنهن به تجويز يا قدم خلاف متفقه موقف اختيار ڪندي چوٿون ڀيرو قرارداد منظور ڪري ڪامران ٽسوري کي گورنر هائوس مان ڀڄائڻ تي مجبور ڪيو. هن قرارداد وسيلي سنڌ اسيمبليءَ واضح پيغام ڏنو ته ڪراچي سنڌ جو تاريخي، آئيني ۽ انتظامي اڻٽٽ حصو آهي ۽ ان جي حيثيت ۾ ڪنهن به هڪطرفي تبديلي کي سنڌ جا ماڻهو قبول نه ڪندا. ان حوالي سان پهرين قرارداد 10 فيبروري 1948ع تي تڏهن جي سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي، جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو سامهون آيو هو. هيءَ قرارداد قاضي اڪبر طرفان جمع ڪرائي وئي جڏهن ته محمد اعظم ان کي ايوان ۾ پيش ڪيو. قرارداد گهڻي راءِ سان منظور ٿي، پر ان باوجود ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪري وفاقي علائقو قرار ڏنو ويو. ٻيو ڀيرو 25 سيپٽمبر 2014ع تي سنڌ اسيمبلي ڪراچي جي ممڪنه عليحدگي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي. اها قرارداد تنهن وقت جي قائد حزب اختلاف محمد شهريار خان مهر پيش ڪئي، جنهن تي شفيع محمد ڄاموٽ، نصرت سحر عباسي، ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ، سعيد خان نظاماڻي، وريام فقير، سيد محمد راشد شاهه، نند ڪمار گوڪلاڻي، حاجي خدا بخش راڄڙ، همايون محمد خان ۽ مسرور احمد جتوئي سميت ٻين ميمبرن پڻ صحيحون ڪيون. هيءَ قرارداد پڻ ايوان گهڻي راءِ سان منظور ڪئي. ٽين قرارداد 16 سيپٽمبر 2019ع تي منظور ڪئي وئي، جيڪا گڏيل طور ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، ريحانه لغاري، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، فياض علي ٻٽ، هير سوهو، عبدالڪريم سومرو، تنزيلا قمبراڻي، شميم ممتاز، سجيله لغاري، سيده ماروي فصيح، حنا دستگير، غزاله سيال، فريال ٽالپر، شازيه عمر، سيد فرخ احمد شاهه، شاهينه شير علي، فرحت سيمين، شهناز بيگم، محمد قاسم سراج سومرو ۽ محمد علي ملڪاڻي پيش ڪئي. هن قرارداد ذريعي به ايوان ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ بابت هر تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته چوٿين قرارداد ٻولين جي عالمي ڏينهن يعني 21 فيبروري 2026ع تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پيش ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ھڪ وحدت آھي، ان ڪري ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارين ڳالهين جي سخت مخالفت ڪريون ٿا ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪوبه سمجهوتو قبول ناهي. اهو ٺهراءِ به گهڻي راءِ سان منظور ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تاريخي موقف ورجائيندي واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت اڻٽٽ ۽ ورهاست جوڳي ناهي.