پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سامونڊي طوفان بائپرجواءِ جي ڪري هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل

ٺٽو، بدين، سجاول، کاروڇاڻ ۽ ٻين سامونڊي علائقن مان 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل. فوج، نيوي، رينجرز ۽ انتظاميا جي گڏيل ٽيمن پاران کاروڇاڻ مان به ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ڪيٽي بندر مان 11 هزار، گهوڙا ٻاري مان 3 هزار ۽ تعلقي شهيد فاضل راهو مان 16 هزار ۽ بدين مان 9 هزار ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. شاهبندر مان 5 هزار ۽ جاتي مان پوڻا پنج هزار ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا آهن. رينجرز طرفان سجاول، ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته راشن بيگز، صاف پاڻي ۽ ٻين ضروري شين تي ٻڌل 11 ٽرڪون متاثر علائقن ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن. سجاول، ٺٽي ۽ بدين جي متاثر علائقن ۾ رينجرز طرفان 77 امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، هيل تائين 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.