جيئن ئي جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ گيٽ وي (بورڊنگ) ڪائونٽر کليو ته پاڻ به وڃي لائين ۾ لڳاسين. دبئي کان لنڊن لاءِ ڪنيڪٽيڊ فلائٽ به ايمريٽ جي ئي ورتل هئي، سو بس رڳو جهاز ئي تبديل هو. ڪراچي کان دبئي لاءِ بوئنگ ايئرڪرافٽ هو، جڏهن ته دبئي کان لنڊن لاءِ ايئربس (ايئر ڪرافٽ جو قسم) ۾ سفر جاري رکڻو هو. انهن ٻنهي قسمن جي جهازن ۾ ٽيڪنالاجي جو مختلف استعمال ٿئي ٿو جيڪو پاڻ جهڙن اڻ پڙهيلن جي سمجهه کان مٿي آهي. پنهنجو ڪم آهي انب کائڻ، ککڙيون (ڪوئلا) ڳڻڻ سان پنهنجو ڇا وڃي؟ اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي سا اُٺ جي مرضي، باقي پاڻ کي آهي سفر کي جاري رکڻو، سو سائين منهنجا پنهنجو سفر جاري آهي. لائونج جي گيٽ مان جهاز ڏانهن ويندڙ ٽنل مان گذري جهاز ۾ داخل ٿيس. جهاز جي مين گيٽ تي ايئرهوسٽيسن جي اُها ئي مسڪراهٽ سان آجيان، اڳتي نڪري اچي پنهنجي سيٽ تي ويٺس. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، “ماڻهو جي زندگي ڪيڏي نه مختصر آهي، پوءِ به هُو پنهنجي اندر ۾ نفرتون پالي ٿو ۽ منهن ڦِٽائي هلي ٿو. ڇا ماڻهو انهن ايئرهوسٽيسن جي صدا بهار مرڪن جهڙي مرڪ چهري تي سجائي زندگي نٿو گذاري سگهي؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪير ماڻھو جي نفرت ڀرئي رويي کي جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ منهنجي انهيءَ موقف کي معاشي نابرابري ۽ سماجي ناانصافي ۽ نظام جي بي ترتيبي ۽ ناهمواري جا دليل ڏيئي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اهو رد عمل ڀلي ڪافي حد تائين صحيح به هجي، پر ڇا اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجي دل کي جيڪا اول ۽ آخر محبت لاءِ ئي ٺهي آهي، اُن کي نفرت سان آلوده ڪريون؟ ڇو نه مرڪون وکيري محبت کي اُجاڳر ڪجي جيڪا ئي ناانصافين ۽ نابرابرين جو واحد حل ۽ جيون جو خوشحال جياپو آهي.”
ايئربس جهاز ڪافي وڏا ٿين ٿا جن ۾ تقريبن 600 کان مٿي مسافر سفر ڪري سگهن ٿا. اڪانامي ڪلاس ۾ هر لائين ۾ 11 سيٽون (3+4+3) هجن ٿيون، جنهن ۾ ٽن وارين سيٽن کانپوءِ رستو هجي ٿو، جنهن تان عام لنگهه ۽ ايئرهوسٽيسون مسافرن کي سروس ڏين ٿيون. مونکي چئن سيٽن واري ترتيب ۾ سيٽ ملي، جنهن ۾ منهنجي هڪ پاسي ٻن سيٽن تي هڪ فارينر جوڙو ويٺل هو ۽ ٻئي پاسي کان ڪو انڊين ويٺل هو. جيئن ئي جهاز ۾ ڪُل مسافر چڙهي چڪا ته جهاز جا گيٽ بند ٿيا ۽ پائليٽ جي جهاز جي اُڏام لاءِ انائونسمينٽ شروع ٿي. مون سان گڏ سفر ڪندڙ وڪيل جي سيٽ منهنجي سيٽ کان ٻه ٽي لائنون پويان هئي. منهنجي هڪڙي پاسي کان فارينر جوڙو ويٺل هو، جنهن کي چوڻ کان ته رهيس ڇو جو پيار محبت جا جوڙا ٽوڙڻ تہ پنھنجي نظر ۾ گناھ ڪبيرا آھي، باقي منهنجي ٻئي پاسي ڀرسان سيٽ تي انڊين نوجوان ويٺل هو جيڪو اڪيلو ئي سفر ڪري رهيو هو، اُن کي چيم ته، ” جي توهان بُرو نه سمجهو ته منهنجو دوست (وڪيل) پويان ويٺو آهي، توهان وڃي اُن جي جاءِ تي ويهو ته جيئن اسان گڏ سفر ڪري سگهون.“ پر نوجوان نه مڃيو. الاهجي هن مونکي پاڪستاني سمجهي ائين ڪيو يا هو فطرتن بخيل هو!؟ حالانڪه سيٽ تبديل ڪرڻ ۾ اهڙي ڪا تڪليف يا پريشاني جي ڳالهه به ڪونه هئي ۽ هُو اڪيلو ئي ته هو، جيڪو ڪٿي به ويهي سگهيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي اهڙن روين تي حيرت ٿيندي آهي. سيٽ ڏيڻ ۾ ڀلا هن جو ڪهڙو پئسو خرچ ٿئي ها؟ بس ڪن ماڻهن جي شايد فطرت ۾ ئي گند ڀريل هوندو آهي. هنن کان مفت ۾ به ڪنهن سان چڱائي نه ٿي سگهندي آهي ۽ ٻين جي دل آزاري ۾ کين شايد مزو ايندو آهي. نڀاڳو سڄي واٽ هيروئنين وانگي پنڪين واري ننڊ ڪندو هليو، پر پنهنجي ڪوڙي انا نه ڇڏيائين.
هاڻي اسانجو جهاز دبئي جا روڊ رستا ۽ عمارتون ھيٺ ڇڏي مٿي پرواز ڪري رهيو هو. سمنڊ جنهن جون ڇوليون من ۾ مانداڻ مچائينديون آهن، اُهو هاڻ مٿان کان هيٺ نهاريندي گهري سانت ۾ ائين نظر اچي رهيو هو، جيئن ڪو ساڌو ورهين کان ايڪانت ۾ ويٺل هجي. جهاز جي اڃان اوچي اُڏام تي هاڻي نه ڌرتي ٿي نظر آئي ۽ نه ئي سمنڊ. هاڻ جهاز مان نهارڻ سان فقط بادل ئي بادل نظر آيا ٿي، بلڪل ائين جيئن اُڀ جي هيٺان ڌرتي وڇايل هوندي آهي. بادلن جي ڌرتي تي بادلن جي آوارگي مان تجريدي آرٽ جهڙيون ٺهندڙ، ڊهندڙ ۽ وري هر ڀيري نيون ٺهندڙ انوکيون شڪليون، فطرت جو انوکو جهان باسن ٿيون. ماڻهو جي من اندر سوچن جو سفر به ائين ئي ته آهي. ڪڏهن جي تسلسل جڙي ٿو پوي، ته ڪو شاهڪار تخليق ٿي ٿو پوي، جي نه ته ڪيئي اڻ سامايل ڪويتائون رڻ ۾ رليو وڃن.
جھاز جي ٻاھر جي دنيا کان وري جهاز جي اندر جي دنيا ئي ڪجھ ٻي آهي. ڪو هيڊفون لڳائي سيٽ جي پٺ تي لڳل اسڪرين تي ڪا فلم، گانا يا ٻي ڪا وڊيو/ڊاڪيومينٽري ڏسي رھيو آھي، يا ڪو وري پاسي ۾ ويٺل اڻ واقف مسافر سان ڪچهري ڪري رهيو آهي. ڪو بلڪل خاموش ويٺو آهي، ته ڪو وري اکيون پوري ننڊ اچڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪري رهيو آهي… هاڻي ايئرهوسٽيسن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي آهي ۽ اُهي ٽرالي ساڻ هلائيندي پئسينجرن کي کاڌو، من پسند مشروب يا شراب ڏيئي رهيون آهن. جهاز جي سيٽ جي ننڍڙي ڊيڪ (ٽيبل) تي ننڍڙي ٽري ۾ کاڌي جي مختصر پر سڄي وئرائٽي واري سامگري هجي ٿي، جنهن ۾ چڪن (ويجيٽيرين لاءِ سبزي)، سينڊوچ يا رول، چانور، بن، سوئٽ ڊش ۽ مشروب يا شراب شامل هجي ٿو. پاڻ وٽ عام طور تي وسڪي جي ويهڪ پهرين ٿيندي آهي ۽ پوءِ ماني جو سلسلو هلندو آهي، اُن جو ڪجهه مزو ئي ٻيو هوندو آهي. ظاهر آهي کلئي ماحول ۾ ۽ سنگت سان گپ شپ ۽ کائڻ پيئڻ جي مزي کي جهاز جي اندرئين ماحول سان ڀيٽي ئي نٿو سگهجي. دبئي کان لنڊن جو فلائيٽ مفاصلو 550 ڪلوميٽر آهي ۽ تقريبن ست ساڍا ست ڪلاڪ لڳن ٿا. هي نان اسٽاپ فلائيٽ آهي جنهن ۾ جهاز عراق، ترڪيه، بلغاريه، رومانيه، هنگري، جرمني، نيدرلينڊ، بيلجيم ۽ فرانس جي حدن مان گذري ٿو. هوائن يا موسمي تبديلين سبب ڪڏهن ڪڏهن فلائيٽ جي رستي (Route) ۾ تبديلي به ڪرڻي پوندي آھي ۽ ان صورتحال ۾ پهچڻ ۾ ڪڏھن ڪڏھن وڌيڪ وقت بہ لڳي ويندو آھي. جھاز ۾ ھڪڙي ئي سيٽ تي ويھي لڳاتار سفر ڪرڻ عمومن ٿڪايو به ڇڏي ٿو. جهاز جي نسبت ريل جو ڊگهو سفر وڌيڪ آرامده هجي ٿو ۽ مزو به ڏئي ٿو، جو اُن ۾ ماڻهو زميني نظارا ڪندو هلي ٿو، جن ۾ وڻ ٽڻ، ندين، جبلن، کيتن، اسٽيشنن تي چھل پھل ۽ آسمان جا مختلف رنگ به شامل هجن ٿا ۽ جي ماڻهو ٿڪي پوي ته ٽنگون ساهڻ لاءِ سڄو ريل جو دٻو پسار ڪرڻ لاءِ ڪافي هجي ٿو. اُن کان سواءِ به ريل جي اندر جي دنيا جنهن ۾ شيون وڪڻندڙ گهورڙيا ۽ آس پاس ۾ ويٺل ماڻهن جي رهاڻن وارو ماحول هڪ ڳوٺ جيان باسي ٿو. جڏهن ته جهاز ۾ ماڻهو جهڙو سيٽ تي رسي سان ٻڌو پيو هجي. ايئرهوسٽيسون به سروس ڪري هليون وڃن ٿيون ۽ سيٽن تي ويٺل ماڻهو به هر ڪو پنهنجي منهن هجي ٿو. هن يڪسانيت واري ماحول ۾ اسان پارا ماڻهو، جن کي ههڙي ماحول ۾ ننڊ اچي ئي ڪانه بس ڪيڏي مهل وڊيو ڏسندي ته ڪيڏي مهل پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي وقت گذارين ٿا. ڊگهي فلائيٽ هئڻ جي ڪري ٻه ٽي ڪلاڪ رکي شام جي رفريشمينٽ ڪيڪ، سينڊوچ بمع چانهه/ڪافي/جوس/به ڏني وئي ۽ ائين ئي ڪلاڪ ٻن کانپوءِ پائلٽ جو آواز جهاز ۾ گونجيو. هن اڌ ڪلاڪ جي اندر لنڊن پهچڻ جو ٻڌائيندي اُتي جي موسم (گرمي پد) جو به ٻڌايو. تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اسانجو جهاز گيٽوڪ ايئرپورٽ جي رن وي تي ڊوڙي رهيو هو ۽ ٿوري ئي دير ۾ جهاز بيهه رهيو ۽ آئون انتظار ڪرڻ لڳس ته جيئن ئي جهاز جا دروازا کلن ته ٻاهر نڪران ۽ انگريزن جي ڌرتي تي پهريون قدم رکان، ان محسوسات سان ته آخر هِن ڌرتي ۾ ڇا هو جو هِتي جا ماڻهو ڪنهن وقت ۾ دنيا جي اڌ حصي کان به وڌيڪ علائقن تي ڇائنجي ويا؟
هونئن ته هن ايئرپورٽ 1920 کان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو ھو، پر تڏهن هي فقط فلائنگ ڪلب ۽ پرائيويٽ ايويئيشن لاءِ استعمال ٿيندو هو. هن ايئرپورٽ 1933 ۾ پبلڪ اُڏامن لاءِ باقاعدي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 1958 ۾ هن ۾ جديد ٽرمينل ٺاهيو ويو. گيٽوڪ جا ٻئي ٽرمينل (سائوٿ ۽ نارٿ) ريلوي ٽريڪ سان ڳنڍيل آهن. پئسينجرن جي سفر ڪرڻ جي حساب سان هي ڪافي busy ايئرپورٽ آهي جنهن تان ساليانو 41 ملين پيسينجر اچن وڃن ٿا. هي دنيا جو پهريون ايئرپورٽ آهي جيڪو 1935 ۾ سڌو ريلوي اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو. 1958 ۾ هن ايئرپورٽ کي رينوويٽ ڪري جديد بنايو ويو جنهن جو راڻي ايلزبيٿ II افتتاح ڪيو. 1988 ۾ هن ۾ نارٿ ٽرمينل ٺاهيو ويو ۽ سائوٿ ٽرمينل کي ان سان ٽرين (Shuttle) جي ذريعي ڳنڍيو ويو.
جيئن ئي جهاز جو گيٽ کليو ته پاڻ لهڻ جي ڪئي. ايمريٽ ايئرلائن نارٿ ٽرمينل تي لهي ٿي. هاڻ جڏهن ٽرمينل تي لٿو آهيان ۽ اميگريشن لاءِ لائن ۾ لڳو آهيان ته هن وقت شام جا ست ٿيا آهن. منهنجو رهائش جو انتظام لنڊن جي علائقي رومفرڊ ۾ ڪيل هو جنهن کي هيٿرو ايئرپورٽ ويجهو پوي ٿو. پر جيئن ته هيٿرو ايئرپورٽ تي پاڻ جيڪي سائو پاسپورٽ رکون ٿا، اُنھن کان گهڻي آڏي اُبتي پڇا ڪن ٿا ۽ ڪجهه ڪيس اهڙا به ٿيا آهن جو پنهنجن ماڻهن کي ايئرپورٽ تان ئي واپس پاڪستان موڪليو اٿن. سو چوندا آهن ته وٽو کڻي هڪڙو ۽ واٽ وڃي سڀن جي. واقعي اسانجا ڪجهه ماڻهو هِتي اچي غلط ڪم (حرڪتون) ڪري ملڪ جو نالو بدنام ڪن ٿا، نتيجن ٻين اچڻ وارن لاءِ به مسئلا پيدا ڪن ٿا. هِتي گيٽوڪ ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن واقعي به ايڏو تنگ نه ڪيو، پر تڏهن به اسان پاڪستانين کان ٿوري گهڻي پڇا ڳاڇا (سوال جواب) ضرور ڪن ٿا. خير اميگريشن جي مرحلي مان ايئرپورٽ ننڍي هئڻ سبب جلدي واندو ٿي ٽيڪسي ۾ سڌو رومفرڊ وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري آيس.
هينئر تقريبن اٺ ٿيڻ وارا آهن، پر اڃان به سج بيٺو آهي. جيئن ته رومفرڊ (لنڊن جو علائقو) گيٽوڪ ايئرپورٽ کان 82 ڪلوميٽر پري آهي، تنهنڪري رومفرڊ پهچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ لڳو. هتي ٽيڪسي تمام مهانگي آهي. رومفرڊ پهچڻ تائين 91 پائونڊ (تقريبن 33 هزار رپيا) لڳا. ٽرين جي ذريعي سفر ڪرڻ سان تقريبن ڪرايو 20 کان 32 پائونڊ (11 ھزار رپين جي اندر) لڳي ٿو، اُنجو دارومدار ان تي آهي ته توهان ڪهڙن ٽائمن تي سفر ڪريو ٿا. رش جي ٽائمن ۾ ڀاڙو وڌيڪ لڳي ٿو ۽ اهو سڄو سسٽم آٽوميٽڪ ڪم ڪري ٿو. جيئن ته مون سان سامان گڏ هو، انهي ڪري ٽرين ۾ سفر ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇو جو رومفرڊ لاءِ هڪ ته ٻه ٽرينون مٽائڻيون ٿي پيون ۽ ٻيو ته ايئرپورٽ کان اسٽيشن تائين ۽ اُتان وري رهائش تائين سامان ساڻ کڻي پنڌ ڪرڻو پوي ها، جيڪو ممڪن نه هو.
گيٽوڪ ايئرپورٽ چارلوڊ ڳوٺ جي ويجھو آھي ۽ آئون اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته اهو لنڊن کان ڪافي پري آهي. هاڻي اچي ٽيڪسي ۾ ويٺو آهيان ۽ هاڻ ٽيڪسي M23 موٽروي تي هلي رهي آهي. اڃان سج لٿو ناهي ۽ ٻاهر ٺيڪ ٺاڪ روشني ۾ سڀ ڪجهه چٽو نظر اچي رهيو آهي. رستي جي ٻنهي پاسن وڻڪار ئي وڻڪار آهي. پاڻ وٽ هاءِ وي تي نڪرندئو ته رڳو بنجر زمينون، اُجڙيل کيت ۽ ٽٽل ڦٽل گهر، جهوپڙيون ۽ لوڙها نظر ايندا ۽ شهر به موهن جي دڙي جيان ويران کنڊرن جو ڏيک پيا ڏيندا. پر هِتي رستي هلندي جيڪي ننڍا ننڍا ڳوٺ نظر اچن ٿا، اُنهن ۾ زياده تر ڳاڙهين سِرن وارا گهر، جن جون ڇتون ٽڪنڊي نما ٺهيل آهن ۽ مٿان زياده تر کپريل (نريا) لڳل هجن ٿا. ڇتون سلوپ تي انهي ڪري ٺاهيون وڃن ٿيون جو هتي هلڪيون ڦلڪيون بارشون سڄي سال پونديون رهن ٿيون. وڻن ۽ ڇٻرن ۾ سٿيل (گهيريل) برٽش (گوئٿڪ) آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ تي ٺهيل هي گهر ڏاڍا خوبصورت ۽ پنهنجي ملڪ جي گهرن کان منفرد لڳن ٿا، پر ٿورو گهڻو وري به ڪوهه مري يا ناردرن ايريا جي گهرن سان مشابهت رکن ٿا. هتي ھن وقت ٻاهر پنهنجي ملڪ جي ڊسمبر جي شروعاتي ڏينهن واري ٿڌ محسوس ٿئي ٿي. تقريبن هڪ ڪلاڪ جو سفر ڪري ٽيڪسي اچي فليٽن جي پارڪنگ ايريا ۾ بيٺي آهي. ٽيڪسي واري کي ڪرايو ڏيئي سامان کڻي پهچي ويو آهيان پنهنجي ماڳ. ھاڻي ”پھرين پيٽ پنجو جو، پوءِ ٻار ٻچا،“ چوڻي تي عمل ڪندي، سڀ کان اول پيٽ پوڄا ڪبي ۽ پوءِ ننڍ مان خوب مزا وٺبا. باقي رھيو برطانيہ جي ڀُونءِ جو احوال، سو سڀاڻي اُٿڻ کان پوءِ اوربو. (ھلندڙ)