بلاگنئون

ناٽڪ: اسڪرپٽ

ليکڪ: رشيد امجد

ڊرامو پنهنجي جذباتي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو هو. ڏسندڙ پنهنجين سيٽن تي ڄمي ويا هئا ته اوچتو هڪ اداڪار پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ وچ ۾ آيو، جوش جي حالت ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ رڙ ڪندي چيو۔۔۔

“مان پنهنجي مرضيءَ سان ڊرامي کي هلائيندس ۽ جيڪي ڊائلاگ مون کي پسند آهن اهي ڳالهائيندس.”

اسٽيج جي ساڄي پاسي کان پردي جي پويان ويٺل ڊائريڪٽر اٿي بيهي رهيو۔۔۔

“هي ڇا ٿو ڪري ۽ ڇا چئي رهيو آهي۔”

پر ان لمحي ڏسندڙ جيڪي هن کي به ان ڊرامي جو حصو سمجهي رهيا هئا، مسلسل تاڙيون وڄائي اداڪار کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ ڊائريڪٽر پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو ۽ پنهنجي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي چوڻ لڳو۔۔۔

“اسڪرپٽ ۾ ته اهو لکيل نه هو، پر پبلڪ ان کي پسند ڪيو آهي ان جي ڪري اهو به اسڪرپٽ ۾ شامل ڪر۔”

اسٽيج تي هڪ ٻي ڳالھ ٿي هڪ اداڪار پنهنجي جاءِ تان اٿي ڪري سامهون آيو ۽ ٻئي هٿ مٿي ڪري چوڻ لڳو۔۔

“جيڪڏهن هي پنهنجي مرضيءَ جا ڊائلاگ ڳالهائيندو ته مان هن ڊرامي کان الڳ ٿو ٿيان۔”

پوءِ هو اسٽيج تان هيٺ لٿو ۽ ڊوڙندو هال کان ٻاهر نڪري ويو۔ پبلڪ ان کي به ڊرامي جو حصو سمجهيو هن جا ڊائلاگ ۽ عمل انهن کي ڪجھ وڌيڪ پسند آيو۔ دير تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا۔ ڊائريڪٽر جيڪو ٻيهر پنهنجي سيٽ تان اٿي بيٺو هو ويهي رهيو ۽ پنهنجي اسسٽنٽ کي چوڻ لڳو۔۔۔

“ان کي به اسڪرپٽ ۾ شامل ڪر۔”

هاڻي اسٽيج پوري طرح سان ڊائريڪٽر جي هٿن مان نڪري وئي۔ اداڪار پنهنجا پنهنجا ڊائلاگ ڳالهائي رهيا هئا۔ سامعين کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هي ڪهڙي قسم جو ڊرامو آهي؟ اوچتو، سامعين مان هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ اسٽيج تي چڙهي آيو۔ هن اسٽيج تي موجود اداڪارن کي جيڪي پنهنجا ڊائلاگ وساري يا ڄاڻي واڻي ٻيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا انهن کي پنهنجي هٿ جي اشاري سان هڪطرف ڪري ڇڏيو۔ اداڪار اسٽيج جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيا۔ ان کي به ڊرامي جو حصو سمجهيو ويو۔ تاڙيون وڄيون، تاڙين جي گوڙ ۾ نئين شخص اعلان ڪيو۔۔

“ڊرامو اتان شروع ٿئي ٿو جتان انتشار شروع ٿيو هو.”

اسٽيج جي پويان ڊائريڪٽر مٿي تي هٿ رکي ڇڏيا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پڇيو۔۔۔

“سر! ان کي به اسڪرپٽ ۾ شامل ڪريان۔”

اسٽيج تي هاڻي اهو بحث شروع ٿي ويو ته انتشار ڪٿان ٿيو، نئون ايندڙ اهو شخص، جيڪو هاڻي هڪ اداڪار طور تسليم ڪيو ويو ان پڇيو،

“اسڪرپٽ کان ڌار ٿيڻ وارو پهريون ڪير هو؟”

مختلف آواز، مختلف اشارا۔۔۔

بحث شروع ٿي ويو، ڏسندڙ تاڙيون وڄائيندا رهيا، هڪ اداڪار خاموش لهجي ۾ چيو: “هيءَ ڪهڙي پبلڪ آهي جنهن کي خبر ئي نٿي پوي ته ڊرامو اسڪرپٽ کان ٻاهر هليو ويو آهي۔”

اسٽيج تي هاڻي باقاعدي جهڳڙي واري صورتحال ٿي وئي۔

اڌ هڪ پاسي ته ڊرامو اسڪرپٽ جي اندر آهي ۽ ٻيا ٻئي پاسي ته ڊرامو اسڪرپٽ کان ٻاهر آهي.

هڪ وچين عمر واري اداڪار ڳالهايو۔۔۔

“جيئن به آهي، ڊرامو ته ٿي رهيو آهي ۽ سامعين ان کي پسند به ڪري رهيا آهن۔”

هڪ نوجوان اداڪار ڪاوڙ ۾ پنهنجو مٿو ڌوڻيو.۔۔

“مسئلو ڊرامي جي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو ناهي، اسڪرپٽ جو آهي۔۔۔ اسڪرپٽ آهي ڪٿي؟”

“ڊائريڪٽر وٽ۔” هڪ اداڪاره چيو۔

ڊائريڪٽر جيڪو پنهنجي پيشانيءَ تي هٿ رکي پاڻ ۾ گم هو۔ بار بار پنهنجو نالو ٻڌي حيران ٿي ويو۔

“اسڪرپٽ کڻي اچو۔۔۔ اسڪرپٽ کڻي اچو۔۔

سڀئي اداڪار، ننڍا ۽ وڏا، رڙيون ڪري رهيا هئا.

اسسٽنٽ چيو: “اسڪرپٽ ڇا کڻي اچان۔ ان ۾ ايتريون تبديليون ٿي ويون آهن جو۔۔۔”

پبلڪ ان تي به تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون۔

“جڏهن ان کي اسڪرپٽ جي اهميت ئي ناهي معلوم ته اسڪرپٽ کان بغير ئي هلو۔“ هڪ اداڪار ٻئي کي چيو۔

“پر ڪيستائين” ٻئي پريشانيءَ مان پڇيو۔

“جيستائين هلي۔” پهرين جواب ڏنو۔

ڊرامو شروع ٿي چڪو آهي- سامعين هر تبديلي تي تاڙيون وڄائين ٿا ۽ خوش ٿين ٿا. ڊرامو هلائڻ وارا مطمئن ٿي ڊرامو جاري رکن ٿا. ڊائريڪٽر پنهنجي سيٽ تان اٿي ٿو ۽ سامعين جي وچ ۾ ويهي رهي ٿو۔ ڊرامو هلي رهيو آهي۔۔۔ جيستائين هلي۔!

***