هوا مان پاڻي ٺاهڻ جي مشين
سائنسدانن هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جنهن جي مدد سان هوا مان پاڻي ٺاهي سگهبو. هي مشين سولر پينل جي ڊزائين وانگر آهي جنهن جي مدد سان هوا کي پهريون بخارات ۽ پوءِ پاڻي ۾ تبديل ڪيو ويندو. هي مشين هڪ ڏينهن ۾ 10 ليٽر تائين پاڻي تيار ڪري سگهندي. هي مشين ريگستاني علائقن ۾ تمام گهڻو ڪم ايندي. جتي پاڻيءَ جا ذخيرا نه هجڻ جي برابر هوندا آهن ۽ اتي پاڻي به تمام گهڻو املهه عنصر بڻجي ويندو آهي. هي مشين 10 سالن تائين ڪم ڪندي رهندي جنهن جي قيمت 450000 آهي.

