سنڌ کي سيراب ڪندڙ سنڌو ندي صدين کان اسان جي جياپي جو واحد وسيلو رهي آهي ماضيءَ ۾ درياءَ جي گجگوڙ پري پري تي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ۽ درياءَ جون ڇوليون ڏسي هرڪو خوش ٿيندو هو، ائين درياءَ جي مڇي ۽ پلو کائي موج ڪندا هئاسين، پر وقت جي وير اهڙي گهلي جو درياءَ بادشاهه خاموش ٿي ويو آخري پساهن وانگر آهستي آهستي سندس ساهه نپوڙجڻ لڳو ۽ منجهس پاڻيءَ بدلي رڳو واري اڏامڻ لڳي ۽ هتان جي ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجندي رهي. ڇو ته هي درياءَ رڳو پاڻيءَ جي وهڪري جو نالو نه آهي، پر سنڌ جي ثقافت، زراعت ۽ معاشيات جو به اهم حصو رهيو آهي، پر جڏهن به سنڌو تي غير قانوني مداخلتون ٿين ٿيون، تڏهن سنڌ جي عوام جو رد عمل فطري رهيو، ڇاڪاڻ ته هي معاملو رڳو پاڻيءَ جو نه، پر مستقبل جي بقا جو آهي، جنهنڪري پنجاب توڙي وفاق جي گڏيل حڪمت عمليءَ سان سنڌو درياءَ تي ڇهه ڪئنال اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ويو- صدر آصف علي زرداريءَ جي صحيح سان جاري ٿيل ارسا آرڊيننس کانپوءِ پنجاب خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج ٿي وئي، جڏهن احتجاج شدت اختيار ڪئي ته زرداريءَ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي تقرير ڪئي ته مان صدر جي حيثيت سان ان منصوبي کي قبول نٿو ڪريان، اهڙي بيان کانپوءِ قوم کي ڏاڍي حيرت ٿي ته آخر ملڪ ڪهڙن ماڻهن جي ھٿ ۾ اچي ويو آهي. پاڻ صحيحون ڪري وري پاڻ ئي ان کي قبول نٿو ڪري. صدر جي اهڙي حرڪت تي قوم مايوسي اختيار ڪندي سراپا احتجاج بڻجي وئي، سڄي سنڌ جي هڪ ئي نعري هيٺ جمع ٿي وئي آهي ته “ڪئنال سمورا نامنظور” اها ڳالهه رياست کي نه وڻي ۽ پنهنجي جائز حق لاءِ مظاهر ڪرڻ تي رياست طرفان پرتشدد پاليسي اپنائي ٿي وڃي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌو تي ٺهندڙ ڇهن غير قانوني ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مٿن گوليون ۽ آسو گئس استعمال ڪري پوليس مٿن دشمن وانگر ظلم جي انتها ٿي ڪري ڇڏي ته ڪڏهن مورو ۾ پرامن مظاهرين مٿان پوليس ڪڙڪي مٿن دهشتگرديءَ جا قلم هڻي کين سينٽر جيل ۾ واڙيو ٿو وڃي. آخر انهن معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن جو قصور اهو آهي ته اهي پنهنجن بنيادي آئيني حقن جي دفاع لاءِ آواز بلند ڪن ٿا توهان جو خيال ان درياءَ جي غلط پاليسين طرف ڇڪائين ٿا.