بلاگنئون

پاڻيءَ تي ٿيندڙ احتجاج ۽ رياستي جبر

سنڌ کي سيراب ڪندڙ سنڌو ندي صدين کان اسان جي جياپي جو واحد وسيلو رهي آهي ماضيءَ ۾ درياءَ جي گجگوڙ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ۽ درياءَ جون ڇوليون ڏسي هرڪو خوش ٿيندو  هو ائين درياءَ جي مڇي ۽ پلو کائي موج ڪندا هئاسين، پر وقت جي وير اهڙي گهلي جو درياءَ بادشاهه خاموش ٿي ويو آخري پساهن وانگر آهستي آهستي سندس ساهه نپوڙجڻ لڳو ۽ منجهس پاڻيءَ بدلي رڳو واري اڏامڻ لڳي ۽ هتان جي ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجندي رهي. ڇو ته هي درياءَ  رڳو پاڻيءَ جي وهڪري جو نالو نه آهي، پر سنڌ جي ثقافت، زراعت ۽ معاشيات جو به اهم حصو رهيو آهي، پر جڏهن به سنڌو تي غير قانوني مداخلتون ٿين ٿيون، تڏهن سنڌ جي عوام جو رد عمل فطري رهيو، ڇاڪاڻ ته هي معاملو رڳو پاڻيءَ جو نه، پر مستقبل جي بقا جو آهي، جنهنڪري پنجاب توڙي وفاق جي گڏيل حڪمت عمليءَ سان سنڌو درياءَ تي ڇهه ڪئنال اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ويو- صدر آصف علي زرداريءَ جي صحيح سان جاري ٿيل ارسا آرڊيننس کانپوءِ پنجاب خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج ٿي وئي، جڏهن احتجاج شدت اختيار ڪئي ته زرداريءَ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي تقرير ڪئي ته مان صدر جي حيثيت سان ان منصوبي کي قبول نٿو ڪريان، اهڙي بيان کانپوءِ قوم کي ڏاڍي حيرت ٿي ته آخر ملڪ ڪهڙن ماڻهن جي ھٿ ۾ اچي ويو آهي. پاڻ صحيحون ڪري وري پاڻ ئي ان کي قبول نٿو ڪري. صدر جي اهڙي حرڪت تي قوم مايوسي اختيار ڪندي سراپا احتجاج بڻجي وئي، سڄي سنڌ جي هڪ ئي نعري هيٺ جمع ٿي وئي آهي ته “ڪئنال سمورا نامنظور” اها ڳالهه رياست کي نه وڻي ۽ پنهنجي جائز حق لاءِ مظاهر ڪرڻ تي رياست طرفان پرتشدد پاليسي اپنائي ٿي وڃي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌو تي ٺهندڙ ڇهن غير قانوني ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مٿن گوليون ۽ آسو گئس استعمال ڪري پوليس مٿن دشمن وانگر ظلم جي انتها ٿي ڪري ڇڏي ته ڪڏهن مورو ۾ پرامن مظاهرين مٿان پوليس ڪڙڪي مٿن دهشتگرديءَ جا قلم هڻي کين سينٽر جيل ۾ واڙيو ٿو وڃي. آخر انهن معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن جو قصور اهو آهي ته اهي پنهنجي ديس جي دفاع لاءِ آواز بلند ڪن ٿا توهان جو خيال ان درياءَ جي غلط پاليسين طرف ڇڪائين ٿا.

حقيقت ۾ هي احتجاج سنڌ جي اُن شعور جو عڪاس هو، جيڪو هنن جي ڌرتيءَ سان لاڳاپيل مسئلن بابت آهي، پر افسوس جو امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي نالي تي پوليس هن احتجاج کي وحشياڻي طريقي سان چيڀاٽڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. هي رياستي تشدد نه رڳو قابل مذمت آهي، پر اها هڪ اهڙي روش جي علامت آهي، جيڪا عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي، پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو، تڏهن ئي ان آواز کي ظلم ۽ جبر سان چُپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڇا تاريخ جو هي سبق وساري سگهون ٿا ته ظلم هميشه مزاحمت کي جنم ڏيندو آهي؟ اڄ سنڌ جو شعور پنهنجن وسيلن، حقن ۽ مستقبل لاءِ سنجيده آهي ۽ هنن کي طاقت جي زور تي روڪڻ هاڻي ممڪن نه رهيو آهي. سڄي سنڌ اندر لڳندڙ ڌرڻا ثابت ڪري رهيا آهن ته اسان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي پنجاب ۽ وفاق سامراج جي ڪالوني بڻجڻ نه ڏينداسين. اسان جا سمورا وسيلا کسيا ويا اسان جون زمينون کسيون ويون هاڻي وري اسان جو پاڻي به کسيو پيو وڃي، اسان جو آواز به دٻايو پيو وڃي ۽ اسان جي قومي جدوجهد کي رياستي جبر سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هاڻي سوال اهو آهي ته آخر اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ڇا پنهنجي ڌرتيءَ ۽ درياءَ لاءِ آواز اٿارڻ ڏوهه آهي؟ ڇا پنهنجي مٽيءَ ۽ وسيلن تي حق گهرڻ ڏوهه آهي؟ ڇا پنهنجي گئس ڪوئلي ڪارونجهر سميت تي قابض ۽ غاصب قوتن خلاف ڳالهائڻ ڏوهه آهي؟ جيڪڏهن اهي سڀ ڏوهه آهن ته پوءِ ها! اسين سڀ ڏوھاري آھيون! اسين سڀ غدار به آهيون، اسين سڀ دهشتگرد به آهيون، اسان سڀ ويڙهاڪ به آهيون، ڇو ته اسين سنڌ ڌرتيءَ سان وفادار آهيون، اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي بقا جي جنگ وڙهون ٿا، اسان سنڌوءَ کي پنهنجي اکين سان سڪائڻ نه ڏينداسين، اسان ڌرتيءَ خاطر رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، اسان کي افسوس ان ڳالهه تي آهي ته پيپلز پارٽي جنهن جو وجود ۽ بڻ بڻياد سنڌ ۾ آهي اها پنجاب سامراج کي راضي ڪرڻ لاءِ ونگاريءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ سنڌ مٿان ٿيندڙ هر ظلم ۾ دشمن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي برابر جي شريڪ آهي.

لٺيون به اسان تي!، شيلنگ به اسان تي!، گوليون به اسان تي!، ڪيس به اسان تي!، ڇا اها  اسان جي سياسي قيادت آهي؟ جيڪا سنڌ جي نالي تي اقتدار حاصل ڪندڙ پارٽي سنڌ جي وسيلن کي پنهنجي هٿن سان دشمن کي وڪڻي ڏيندا، پنهنجي جيئڻ جو واحد سهارو سنڌو درياءَ دشمن کي ڏئي پنهنجون زمينون بنجر بڻائيندا ۽ وري احتجاج ڪري عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ احتجاج ڪندا. اهو ڪهڙو ناٽڪ آهي ته سنڌ ڌرتي به کپايو ان خلاف آواز اٿاريندڙن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري مٿن تشدد به ڪريو ۽ وري اهو ساڳيو احتجاج توهان به ڪريو، اها دشمنيءَ جي چال هاڻي نه هلندي جو اقتدار بچائڻ لاءِ ڪوڙا ڳوڙها ڳاڙي سچائي بيان ڪري سگهو. اسان توهان جون سڀ حرفتون سمجهون ٿا، توهان جي ڊرامي بازي اسان کي هاڻي بيوقوف نه ٿي بڻائي سگهي، توهان ڪنهن جي خلاف احتجاج ٿا ڪريو؟ زرداريءَ خلاف يا پنجاب جي خلاف؟ جڏهن ته توهان جي زرداريءَ پاڻ سنڌ دشمن ۽ درياءَ دشمن بل تي صحيح ڪئي آهي، توهان جي ان زرداريءَ بل پاس ڪرايو آهي ته حق سچ جي آواز کي دٻايو جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري ته مٿس ڪيس داخل ڪري سزا ڏياريو. ڇا توهان جي ڪوڙن قانونن سان ڪنهن جا حوصلا پست ٿيندا؟ لٺين وسائڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا! اها اوهان جي ڀل آهي اسان جي جدوجهد کي شيلنگ سان روڪي نٿو سگهجي! اسان جي آزاديءَ جي واٽ تي گوليون بند نٿيون ڪري سگهن! اسان وڙهنداسين، جيستائين سنڌ تي ٿيندڙ هي ظلم بند نه ٿيندو! اسان صرف نعرا نٿا هڻون، پر عملي ميدان  لٿل آهيون. هاڻي طاقت جي بنياد تي احتجاجن کي ڪچلڻ جو دور هاڻي گذري چڪو آهي.

 جيڪڏهن اختيارين کي لڳي ٿو ته تشدد وسيلي بغاوت کي دٻائي سگهجي ٿو ته اها هڪ وڏي غلطي هوندي. سنڌ پنهنجي حقيقي واٽ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ هي سفر هاڻي روڪڻ ناممڪن ٿيندو پيو وڃي.حڪمرانن کي جنرل ايوب ۽ ضياءُ جي پر تشدد پاليسين مان سبق پرائڻ گهرجي جن مارشل لا لاڳو ڪري هزارين جوڌا شهيد ڪيا پوءِ ڇا سنڌي پنهنجي حقن کان پوئتي هٽي ويا؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ هينئر ڪيئن هٽندا. اها وقت جي گهرج آهي ته سنڌ جي وسيلن تي ٿيندڙ غير قانوني مداخلتن کي روڪڻ لاءِ عوامي آواز کي دٻائڻ بدران، انهن مسئلن تي کليل بحث ڪيو وڃي ۽ عوامي راءِ جو احترام ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو تاريخ جي اُن واٽ تي هلڻ تي مجبور ٿي ويندا، جتي انهن جو مقابلو ظالمن غاصبن ۽ منافقن سان هجي ها، پر هٿيار علم، شعور ۽ مزاحمت جا هجن.