غربت ۽ معاشي بدحالي سبب خودڪشين جون خبرون روز رپورٽ ٿين پيون. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 19 سالن جي زال جمنا ڪولھي ۽ 22 سالن جي ان جي مڙس چندو ڪولھي غربت ۽ بيروزگاري واري مسئلي کان تنگ اچي گھر ۾ پيل جيت مار دوا پي اجتماعي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي ٽنڊو محمد خان مان طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪري بچايو ويو آھي. ڪجھ مھينا اڳ بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچي جي راهوڪي واري علائقي ۾ 6 ٻارن جي ماءُ 35 ورهين جي ناجو ڪولهي غربت کان تنگ اچي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي، جنهن جو ٽنگيل لاش ڏسي سندس مڙس 40 ورهين جي ڪيول ڪولهي زال جي وڇوڙي جي ان صدمي کي برداشت نه ڪندي ٿوري دير بعد گهر کان ٻاهر وڃي پاڻ کي وڻ ۾ ٽنگي پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو. انھن جا 6 ٻار يتيم ٿي ويا ۽ ماءُ ۽ پيءُ کي چنبڙي پيا ۽ اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪرڻ لڳا. ٿورن ڏينهن بعد ساڳيءَ ريت هڪ ٻئي جوڙي ڪنهن ٻئي شھر ۾ گڏيل صلاح سان گاسليٽ پي اجتماعي خودڪشي ڪئي، خودڪشي جي ان ٻٽي واقعي ۾ زال مري وئي ۽ مڙس اسپتال داخل ٿيو ۽ علاج تي بچي ويو، پر جڏهن هو گهر موٽيو ته زال جو صدمو نه سهي سگهيو ۽ پاڻ کي مارڻ جي ٻي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويو. سنڌ ۾ ان طرح جي خودڪشين جا بيشمار واقعا ٿيندا اچن پيا ۽ اھڙو رجحان وڌي رھيو آھي. شاعراڻو مزاج رکندڙ ماڻهو اهڙين ٻٽين يا اجتماعي خودڪشين کي ڪهڙو به رنگ ڏين ۽ ڇا به لکن ۽ چون، پر انھن جي افسانوي ڳالھين کان هٽي ڪري اهڙين خودڪشين کي زميني حقيقتن جي آرسي ۾ ڏسبو ته اهو معلوم ٿيندو ته خودڪشين جو محرڪ عشق يا ڪو ٻيو سطحي معاملو نه، پر زندگي جي ٺوس ضرورتن جا ڪي ٻيا معاملا سامهون ايندا، جن ۾ غربت ۽ زندگي گذارڻ جي ضرورتن جي اڻپورائي وارا سامان، احساس ۽ ڏکيون حالتون ثابت ٿينديون. سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪولهي برادري جي شادي شده نوجوان مردن ۽ عورتن جي خودڪشي جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي ۽ هر خودڪشي جي پويان هڪڙو ئي سبب رپورٽ ٿي رهيو آهي. گهرو معاملا، گهرو معاملا ڪي ٻيا نه هوندا، سڌو سنئون غربت ۽ بيروزگاري هوندي، جيڪي زندگي کي ھلڻ ۽ اڳتي وڌڻ نه ڏيندا ھوندا. ڪولهي برادري اندر ننڍي عمر جي جوڙن جون شاديون ڪرائڻ پراڻي روايت رهي آهي. ٻارن جي شادين خلاف نوان قانون ٺھڻ باوجود اُھا روايت ختم نه ٿي آھي. شادي کان اڳ ان ڳالھ بابت سوچيو ئي نه ويندو آھي ته شادي کانپوءِ اُن شادي واري گھر کي ھلائڻ لاءِ ڪھڙيون ضرورتون ۽ مسئلا پيش ايندا ۽ مسئلن کي منھن ڪيئن ڏئي سگھبو. شادي کانپوءِ جي خرچن واريون ذميواريون غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري شادي شده نون جوڙن لاءِ اھڙيون حالتون پيدا ڪن ٿيون، جن سان گھريلو زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پوي ٿي ۽ نتيجو ڪنهن هڪ ڌر طرفان يا مٿي بيان ڪيل خودڪشي جي ٻٽن واقعن جهڙو ٿي پوي ٿو. ان باوجود لاڙ واري سنڌ ۾ ڪولهي برادري جي شادي شده نوجوان عورتن توڙي مردن جي خودڪشين جا واقعا اها به تقاضا ڪن ٿا ته انهن واقعن جا اڃان به ٻيا ڪي سبب آھن ته اھي به ڳوليا وڃن ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪي خاطر خواهه اپاءُ به ورتا وڃن، مگر سنڌ جي ڳنڀير ٿيندڙ حالتن، غربت ۽ غريبن جي تعداد ۾ اضافو انھن جي سامھون ايندڙ انگن اکرن مطابق غربت ۽ ان سان لاڳاپيل اڻٽر مسئلا ان حد تائين وڌي رھيا آھن جو اجتماعي خودڪشين جا سبب فري گري رڳو غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪي ٻيا نٿا ٿي سگھن. جڏھن زال ۽ مڙس پاڻ ۾ ملي ان ڳالھ تي متفق ٿي وڃن ته انھن وٽ انھن جي ڏکي زندگي مان ڇوٽڪاري جو وسيلو پاڻ کي ماري ڇڏڻ آھي ته اھو معاملو اڃان به وڌيڪ سنگين نوعيت جو ٿي پوي ٿو. ھڪٻئي جي زندگين جا ساٿي ھڪٻئي جو حوصلو ۽ ھمت وڌائي سگھن ٿا. ھڪ کي ٻيو سخت قدم کڻڻ کان روڪي به سگھي ٿو، گڏجي زندگي گذارڻ لاءِ ڪا نه ڪا منصوبابندي به ڪري سگجھن ٿي، پر ھو ان کان ھٽي اجتماعي خودڪشي واري فيصلي تي اتفاق ڪري وٺن ٿا. اھا سنڌ ۾ خودڪشين جي ھڪ نئين صورتحال آھي، جيڪا سوچڻ ۽ ان بابت ڪو حل ڪڍڻ تي مجبور ڪندي رھي ٿي.
خودڪشي واري سوچ: خودڪشي جو اصل ۽ حقيقي فلسفو ڇا آهي ۽ اهو عمل ڪيترو ڏکيو آهي، ان تي گهڻو سوچيو ويو آهي، پر پوءِ به سمجهي نه سگهيا آهيون ته ماڻهو روزاني جي بنيادن تي سنڌ اندر خودڪشين ۾ مسئلن جو حل ڇو ٿا ڳولهين ۽ اهو حل انهن کي آسان ۽ سستو ڇو ٿو لڳي. يقينن قدرت پاران زندگي هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن ۾ فطري طور بقا جي سگھ ۽ جبلتي صلاحيت به موجود آهي. هڪڙا ماڻهو پنهنجي بقا لاءِ ٻين جا خون ڪري گذرن ٿا ۽ اهڙا ماڻهو پنهنجي نسلن جي بقا لاءِ ٻين جي نسلن کي تباھ ڪريو ڇڏين ۽ ٻيا وري اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي ٻين کي نقصان پهچائڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي پاڻ ماريو ڇڏين. اجتماعي خودڪشين جا واقعا ماضي ۾ اهڙا به رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ مائيٽن ماءُ پيءُ يا ڪنهن هڪڙي مسئلي کي منهن نه ڏئي سگهڻ تي سڀني گهرڀاتين کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجو پاڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. اها خبر نه پئجي سگهي ٿي ته قاتل ٻين گهرڀاتين کي قتل ڪرڻ کان اڳ پاڻ کي پاڻ مارڻ جو اڳواٽ سوچيو هو يا پوءِ پاڻ کي مارڻ واري سوچ ان ۾ انهن هٿان قتل جي واردات کانپوءِ پيدا ٿي. عام طور تي خودڪشي زنده رهڻ جا سمورا جواز ختم ٿي وڃڻ، زندگي گذارڻ ممڪن نه رهڻ واري ننڍڙي سوچ ۽ احساس جي نتيجي ۾ تڏهن ڪئي وڃي ٿي جڏهن ماڻهو اهو سمجهي ويهي ٿو ته ڪوبه گس نه بچيو آهي، سواءِ ان جي ته سمورن مسئلن مان نجات لاءِ پاڻ کي ماري ڇڏجي. ان کانسواءِ خودڪشي اهو به مسئلو رهيو آهي جو ان ذريعي مرڻ وارو ٻين کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هن کانپوءِ ٻيا هن کي ياد ڪندا، هن جي ضرورت کي محسوس ڪندا ۽ هي نه هوندو ته اهي وڌيڪ ڏکيا ٿيندا، اهو اهڙا سيڪ يا تڪليف ڏيڻ برابر آهي. ننڍڙن ٻارن جي خودڪشي ان مثال کي چٽو ڪري ٿي، ٻار ڏسندا آهن ته انهن جا مائٽ انهن کي وڌيڪ ڀانئيندا ۽ انهن جو وڌيڪ خيال رکندا آهن، پر جڏهن نارمل هوندا آھن ته انهن جا مائٽ انهن تي نارمل توجهه ڏيندا آهن. ٻار مائٽن جي توجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙين حالتن ۾ پاڻ کي پاڻ اهڙيون تڪليفون پهچائيندا آهن، جن سان هو مائٽن جو ڌيان ڇڪرائي سگهن يا انهن کي ڪو سيڪ رسائي سگهن. اهڙين ڪوششن ۾ ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي تائين به پهچي ويندا آهن ۽ رپورٽ ٿيندو آهي ته ماءُ يا پيءُ کان خرچي گهرڻ ۽ نه ملڻ تي معصوم پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي. خودڪشي خاص سوچ مطابق ڪي ماڻهو اهو سمجهي ڪري ڇڏيندا آهن ته هو ڪو وڏو ڪم ڪري رهيا آهن. خودڪش ڌماڪا ڪري ٻين سان گڏ پاڻ کي مارڻ وارن جي اهڙي سوچ انهن کي خاص تربيت ذريعي ملندي آهي، تربيت ڏيندڙ اهڙا پروفيشنل هوندا آهن، جيڪي ان ڪم جو ڪن ٻين کان معاوضو وٺي اهڙا ماڻهو تيار ڪري وٺندا آهن جن کي زندگي جي پرواھ نه هوندي آهي ۽ جن کي هو دشمن سمجهي وٺندا آهن، انهن کي مارڻ سان گڏ پاڻ کي جنت ۾ ويندي محسوس ڪندا آهن. اهڙي تربيت فوجين کي به ڏنل هوندي آهي ۽ اهو معاملو فائدي ۽ نقصان جي پرواهه کانسواءِ جذباتي نوعيت جو به ٿي پوندو آهي. ملڪ قوم جا مفاد عظيم سمجهي هڪڙا ٻين لاءِ زندگين جون قربانيون ڏئي ويندا آهن، ڪنهن تڪليف ڏيندڙ بيماري واري حالت ۾ به ڪي ماڻهو تڪليف مان ڇوٽڪاري لاءِ موت جي تمنا ڪندا آهن. آپريشن ٿيٽر ۾ ڊليوري لاءِ اڪثر عورتون اهو اڳواٽ چئي وينديون آهن ته جڏهن به ڪو اهڙو مرحلو اچي جنهن ۾ ٻار يا هن مان ڪو هڪڙو بچائي سگهجي ته ٻار کي بچايو وڃي. ان طرح ٻيا به کوڙ سارا معاملا آهن ۽ ٿي سگهن ٿا جن ۾ ماڻهو زندگيءَ جي پرواهه نه ڪندا آهن، موقعي ۽ مهل مطابق موت کي ترجيح ڏيندا آهن. اهڙيون شيون عادت جو حصو بنائڻ جن مان موت جو خطرو وڌي وڃي سي عادتون جاري رکڻ به خودڪشي جي دائري ۾ ايندڙ سوچ آهي. انهن سمورن قسمن جي مثالن کانپوءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته خودڪشي بهادري آهي يا بزدلي؟ اهو چئي سگهجي ٿو ته پنهنجي زندگي يا زندگيءَ جي معمولي غرضن لاءِ ٻين جي لاءِ موت جهڙا سبب پيدا ڪندڙ يا ٻين کي قتل ڪرڻ وارن ماڻهن جي اهڙي سوچ نهايت خصيص ۽ مجرماڻي آهي. ان جي مقابلي ۾ حالتن جي ستم هٿان پنهنجو پاڻ کي مارڻ، تڪليفن مان نجات جو گس خودڪشي ۾ ڳولهڻ اهڙي عظيم حساسيت آهي جيڪا خاص مزاج وارن اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿي جيڪي عزت جو سودو ذلت جي زندگيءَ عيوض نٿا ڪري سگهن، انهن جو ضمير اهڙي زندگي قبول نٿو ڪري سگهي، جنهن ۾ ذلتون ئي ذلتون هجن خاص مزاج وارا ماڻهو ئي خودڪشي لاءِ سوچين ۽ ان سوچ تي اچانڪ عمل ڪري وجهن ٿا، نه ته ذلت واري زندگي ساڳي سوسائٽي ۾ لکين ٻين ماڻهن جو به مقدر آهي، جن ۾ فقيرن جو مثال سڀ کان وڏو آهي، پر اهي خودڪشيون نٿا ڪن. ڌڪار ۽ انڪار جي صورتن ۾ جيتري ذلت فقير جي حصي ۾ اچي رهي آهي اها ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نٿي اچي سگهي، پر هيل تائين ڪنهن فقير طرفان زندگي جو ڏيئو پاڻ اجهائڻ واري خبر پڙهڻ لاءِ نه ملي سگهي آهي. غربت وارين حالتن ۾ لکين ماڻهو آهن، جيڪي اهڙين حالتن مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا، سڀ ڪجھ نصيب جي کاتي ۾ سمجهي زنده رهندا اچن. غربت انهن کي مجرم بڻايو ڇڏي، پر مجموعي طور تي خودڪشي طرف سوچڻ تي مجبور نٿي ڪري. خدا نه ڪري ڪڏهن ذلت واري زندگي يا اهڙي غربت جنهن ۾ زنده رهڻ جا طبعي جواز ختم ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو سراسري زندگي گذارڻ کان اڳ مري ويندا ۽ اهڙا سمورا موت قدرت جي کاتي ۾ هليا ويندا آهن. اهڙا سڀ ماڻهو يا انهن جو وڏو تعداد ڪڏهن وڏي تعداد ۾ خودڪشي کي حل سمجهن ۽ زندگين مان ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ ئي موت کي ڀاڪر پائي ان جو آڌر ڀاءُ ڪن. جڏهن به ائين ٿيو تڏهن وقت جي حڪمرانن جي انداز حڪمراني جا وکا پاڻ مرادو پڌرا ٿي پوندا. ان لاءِ ڪنهن کي سمجائڻ لاءِ تبليغ جي ضرورت نه پوندي ۽ نه ئي وري اهڙا ڪالم لکڻا پوندا، سنڌ ۾ ستين جو قبرستان اڄ به ساکي آهي ته پنهنجون لڄون بچائڻ لاءِ اجتماعي خودڪشي ڪري زندگين کي قبرستان ۾ بدلايو ويو، پر حملا آورن هٿان لڄون نه لٽايون. جاپان ۾ 6 ۽ 9 آگسٽ 1945ع تي ايٽم بم ڪيرائي 2 شهر سيڪنڊن ۾ کنڊر بڻايا ويا، هيرو هٽيو طرفان شڪست قبول ڪرڻ جي اعلان تي ان وقت جاپان جي فوجين ۽ عام شهرين جيتري وڏي تعداد ۾ خودڪشيون ڪيون ايترو وڏو تعداد ايٽم بمن ۾ مرڻ وارن جو نه هو. خودڪشين جا اهڙا الڳ واقعا اگر تاريخ جي صفحن ۾ سائيڊن تي رهيا آهن. 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستاني فوجين سون جي تعداد ۾ بم ٻڌي ڀارتي ٽينڪن هيٺان نه اچن ها ته اڄ پاڪستان يا ان جو وڏو حصو ڀارت جي قبضي هيٺ اچي چڪو هجي ها.
خودڪشي ۽ قانون: جاپان شايد دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ خودڪشي انساني بنيادي حقن ۾ شامل آهي، جتي اخبارن ۽ ميڊيا جي ٻين ادارن تي خودڪشي جا آسان طريقا به ٻڌايا وڃن ٿا، اهڙا سائنسي اوزار به ايجاد ڪيل آهن ۽ سر عام ڪنهن پابندي کانسواءِ وڪرو ٿين ٿا جنهن سان موت آسان بڻجي پوي ٿو. سڪرات يا ڪوما ۾ ايندڙ موت جي تڪليف بابت اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به اندازو نه ٿي سگهيو آهي ۽ مرڻ کانپوءِ زندگي ڪهڙي هوندي ڪنهن اهڙو تجربو سامهون نه آندو آهي. زندگي ۽ ان جو وجود مافوق الفطرت ناهي، ان تي فطرت جو قانون پوري طرح لاڳو آهي، جيڪو ڄائو آهي اهو لازمي طور تي هڪ ڏينهن مرندو. ان ڪري موت برحق قرار ڏنل آهي. انسان توڙي ڪو ٻيو ان موت کي هميشه لاءِ ٽاري نٿو سگهي، انهي باوجود پنهنجو پاڻ مارڻ پنهنجو پاڻ قاتل ٿيڻ خلاف قانون طئي ٿيل آهي. انڊيا ۾ خودڪشي ڪندڙ ڪنهن شخص جو ڪيس قانون ۾ اهڙن ماڻهن کي سزائن تائين پهچائڻ لڳو آهي جيڪي خودڪشي جون حالتون پيدا ڪندڙ ثابت ٿيندا آهن. ساڳيو سزائن وارو قانون پاڪستان ۾ به ساڳئي انداز ۾ لاڳو آهي، پر ان تي تر برابر به عمل نٿو ٿئي. پاڪستان پينل ڪوڊ تحت خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ کي بچي وڃڻ تي هڪ سال تائين جيل جي سزا ڏيڻ طئي ڪيل آهي، ان تي ان ڪري شايد عمل نٿو ٿئي جو جن حالتن ۾ ماڻهو خودڪشي لاءِ مجبور ٿئي ٿو انهن حالتن ۾ ان ماڻهو کي سزا ڏيارڻ، خودڪشي ڪندڙ جي اصلاح بجاءِ حوصلا افزائي ثابت ٿيندي. اهڙي ڪنهن ماڻهو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ رکڻ يا جيل موڪلڻ وارو عمل به نهايت رسڪي هوندو، ڇو ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ سموريون قانوني ڪارروايون خودڪشي ڪندڙ شخص جي اهڙن مسئلن ۾ اضافو آڻينديون جن مسئلن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ هن خودڪشي واري رستي جي چونڊ ڪئي هئي. اسلام ۾ خودڪشي کي حرام قرار ڏنل آهي ۽ خودڪشي ڪندڙ جي وڏي پيماني تي حوصلا شڪني جو درس ڏنل آهي ۽ زندگي کي نعمت قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن ماڻهو ان کي قدرت جي ڏنل ٻين نعمتن جي سهاري سان احسن طريقي سان گذري سگهن. جڏهن ڪنهن انسان کي سندس جرم جي نوعيت مطابق مجرم ثابت ڪري ڦاهي تي لٽڪايو ويندو آهي ته هڪڙي ڳالھ چٽي طرح سمجھ ۾ اچي ويندي آهي ته سموريون آئيڊيالاجيون ۽ درسگاهون اهڙي مجرم جي اصلاح ڪرڻ ۽ ان کي انسان بنائڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪندڙ ثابت ٿينديون آهن، ڪنهن کي جرم مطابق ڦاهي ڏيڻ اهو اعتراف آهي ته ان مجرم جي سڌرڻ جا ته دروازا بند ڪيا ويندا آهن يا آئيڊيالاجين ۽ درسگاهن ۾ اهڙي اهليت نه رهي آهي جو ڪنهن کي دليلن ۽ سکيا سان نارمل انسانن جهڙو بڻائي سگهن. سزا ٻين لاءِ سبق به هوندي آهي، پر ان سبق جو ڪنهن تي ڪوبه خاطر خواهه اثر ظاهر نه ٿي سگهيو آهي.
زندگي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه، پر ٻين جي امانت آهي. انساني غلامي واري خاص دور ۾ انسانن جو وڪرو ۽ خريدي جائز عمل هئا، ان خلاف ڪي قانون اڃان نه ٺهيا هئا تڏهن ماڻهن تي طاقت سان قابض ٿي يا ان کي خريد ڪري غلام بنائڻ، ٻڪرين ۽ رڍن وانگر انهن جا سودا ڪرڻ، غلام سان ڪهڙو به سلوڪ ڪرڻ جائز دائري ۾ ايندڙ هئا. هاڻ غلامي جي خاتمي جا قانون اقوام متحده جي ميمبر ملڪن قبول ۽ لاڳو ڪيا آهن. اهڙا مثالي ملڪ به آهن جتي اهڙا قانون بغير ڪنهن امتياز جي پوري طرح لاڳو آهن، اسان جي ملڪ ۾ به اهو قانون لاڳو آهي ته ماڻهو کي خريد يا وڪرو نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ماڻهو جي زندگي ان کي خدا طرفان نعمت وانگر مليل آهي. ان کي اها زندگي پوري آزادي سان گذارڻ جو حق به آهي ان ڪري ڪو ٻيو طاقت جي آڌار تي ان کان اهڙو حق نٿو کسي سگهي. زال منهنجي آهي ان سان جيئن وڻي تئين ڪريان، ڌيءَ منهنجي آهي ماري ڇڏيان يا سزا ڏيان. اهڙن دليلن جي ڪا گنجائش نه رهي آهي. بلڪل اهڙي طرح هر انسان جي پنهنجي زندگي به ان جي پنهنجي ان حد تائين نه آهي ته هو ان پنهنجي زندگيءَ سان جهڙو به سلوڪ ڪري ان جي مرضي. زندگي اصل ۾ ٻين جي امانت آهي، جنهن ڏني آهي ۽ جنهن بچائي آهي انهن جو به ان تي حق آهي. زندگي گهرڀاتين، اولاد، ماءُ، پيءُ ڀائرن، ڀينرن ۽ پوري سوسائٽي جي اهڙي امانت آهي، جيڪا انهن لاءِ وقف ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح گذارڻ گهرجي جو ان مان ٻين کي فائدو پهچي. زندگي کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ان جو ڏيئو پاڻ اجهائڻ وارو عمل ناڪاري عمل آهي ان ناڪاري رويي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ جي وڏي ضرورت آهي ته جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي ٻين ماڻهن جي لاءِ امانت سمجهي ۽ ان امانت ۾ خيانت لاءِ نه سوچي، پر اسان جي سوسائٽي ۾ اهو گهٽ ممڪن ٿي سگهيو آهي، جو زندگين کي بچائجي ۽ انهن جون حالتون اهڙيون ڪجن جو ڪو اهڙو سنگين ترين فيصلو نه ڪري سگهي.
رياست ذميواري: رياست جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ذميواري اها آهي ته اها ماڻهن جي عزت جان ۽ مال جو تحفظ ڪري، پر اهڙي رياست جنهن ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿي وڃن جن حالتن جي نتيجي ۾ ماڻهو خودڪشي وارو حل ڳولهي زندگيءَ مان نجات حاصل ڪري، اهڙو لقاءُ ذميدار رياست جي ذمي آهي. ڪو ماڻهو بک وگهي طبعي موت مري وڃي يا ڪو ماڻهو بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي تڙپي تڙپي مرڻ کان اڳ پاڻ کي پاڻ ماري ڇڏي اهي ٻئي معاملا ڦري سري رياست ۽ وقت جي حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پون ٿا، پر رياست ۽ حڪومت کي اهڙن معاملن جو ڪوبه احساس ڪونهي، قدرت جي پيدا ڪيل وسيلن ۾ ڪابه کوٽ ناهي، ڌرتي تي جيترا انسان زنده آهن، انهن جي پورت جا سمورا قدرتي وسيلا به موجود آهن، معاملو صحيح ورڇ ۾ عدم توازن جو آهي، جنهن جي ذميواري به رياست ۽ حڪومت جي آهي. حڪومت جو پهريون فرض اهڙي ورڇ ڪرڻ آهي ۽ اهڙا منصوبا جوڙڻا آهن، جنهن سان سڌيءَ طرح ماڻهن تائين ان جو حصو پهچي، پر حيواني فطرتون ڪار فرما رهڻ ڪري مفادن ۽ غرضن جا دائرا ۽ پيٽ ايترا ته ويڪرا ٿي ويا آهن جو انساني جانين جي پرواهه به نه رهي آهي. اهڙا احساس به مري ويا آهن، شايد حيا ۽ شرم به گهٽجي ويا آهن يا نه رهيا آهن. جڏهن به ڪو انسان معاشي حالتن کان تنگ اچي بک ۽ بدحالي جي خوف کان خودڪشي ڪري ٿو يا خوراڪ جي ڪمي جي نتيجي ۾ طبعي موت مري وڃي ٿو ته اهڙن سمورن خونن جون ذميواريون انهن ماڻهن تي اچي وڃن ٿيون جيڪي انهن خونن لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪندڙ هجن ٿا ان ۾ سڀ کان وڏي ڪوتاهي رياست ۽ حڪومت جي ثابت ٿئي ٿي جيڪا وسيلا هوندي سوندي انهن وسيلن جي صحيح ورڇ ۾ ڪوتاهيون ڪري ماڻهن لاءِ موت جون حالتون پيدا ڪري ٿي. هڪ عظيم ھستي جو هي قول دهرائجي ٿو ته “بک وگهي مرندڙ ماڻهو جي موت جو ذميوار اهو ماڻهو آهي جنهن ان جو ظلم جي بنياد تي رزق بند ڪيو آهي” نهايت ئي افسوس سان ٿو لکڻو پوي ته پاڪستان کي ٺهندي مُني صدي پوري ٿي وئي آهي ۽ پاڪستان کان وڏي عمر جا ماڻهو پاڪستان ۾ حڪمراني ڪري رهيا آهن، پر ان حڪمراني هيٺ ماڻهو غربت، بدحالي بيروزگاري ۾ ٻٽيون خودڪشيون به ڪري رهيا آهن. خاموشين جي صورت ۾ بي حِسين جون انتهائون آسمان ۾ سج ۽ چنڊ وانگر چٽيون ٿي بيٺيون آهن، پر ڪوبه مڃڻ ۽ اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.