بلاگنئون

ڇا افغانين کي ڪڍڻ واري حڪم تي عمل ٿيندو؟

گذريل ڏينهن وزير داخلا محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغان شهرين کي 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، ڏنل تاريخ بعد افغان شهري اسلام آباد جي حدن ۾ رهي نه سگهندا، اين او سي کانسواءِ ڪنهن به افغان شهري کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ٻئي پاسي پي ٽي آئي جي احتجاج مان پڪڙيل افغان شهرين جي سڃاڻپ سامهون آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي عظميٰ بخاري موجب 9 مئي هجي يا 24 نومبر، پي ٽي آئي جو احتجاج ناڪام ٿيو، پي ٽي آءِ 5 ڀيرا احتجاج جي ڪال ڏني، پر ناڪام وئي، علي امين ڪارڪنن جي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو هو، گاڏيءَ کي ڪارڪنن باهه ڏني، چيو ويو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان واسطو ناهي، پر 26 نومبر تي مڙس جي آزاديءَ لاءِ ضد تي هئي، وري رات ڀڄي وئي احتجاج ۾ پڪڙيل افغان شهرين جو رڪارڊ جلد سامهون ايندو۔ سرڪار طرفان اهڙا اعلان اڳ به ٿيندا رهيا آهن خاص طور تي جڏهن به ڪو سانحو ٿيندو آهي ته ان جا پيرا افغانستان ڏانهن ويندا آهن ۽ افغانين خلاف واويلا ٿيندي آهي، پر ڪجهه ڏينهن بعد انهن افغانين جا ڪٽڪ وري پاڪستان ۾ داخل ٿيندا آهن هن وقت به پوري پاڪستان ۾ پٺاڻن پنهنجا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي غير قانوني طور پاڪستان جي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي۔ هن وقت تائين پاڪستان افغانين جون ڪيتريون ئي ناانصافيون سَٺيون آهن. چوندا آهن ته ڪنهن ملڪ يا قوم جي زنده ھجڻ لاءِ اُن قوم جي ٻولي، ثقافت وسيلن جي حقِ حاڪميت لاءِ انسان جي ضمير جو زنده ھجڻ ضروري ھوندو آھي، جيڪي ماڻھو وقت سان گڏ پنھنجي ڌرتي، ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن کي بچائي ناھن سگھندا، اُھي تاريخ جي بابن ۾ ھميشه لاءِ نست و نابود ٿي ويندا آهن. جنهنڪري سندن ڌاريون قوتون اچي ڌرتيءَ تي قابض ٿي پنھنجو پاڻ مڃرائينديون آهن، جنھن جو مثال دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ نظر اچي ٿو، جيڪي وقت سان گڏ پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي نه ڪري سگهيا. فرانس به اُن دور مان گذري رھيو آھي اُن جا اصل رھواسي جن ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي نه ڪرڻ تي پاڻ کي تاريخ ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ اڄ اُھي ٻيھر پنهنجي بقا جي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن، جتي وسيلن جي گھڻائي ھجي، وسيلن جا حقيقي وارث ننڌڻڪا ھجن، اُتي ڌاريا اُنھيءَ ڌرتيءَ جي وسيلن جي ورهاست تي ھڪٻئي سان ويڙهه ڪندا رھن ٿا، اھڙو ئي حشر اسان جي ملڪ جو ٿي رھيو آھي.

افغانستان ۾ افغان روس جي جنگ دوران لکين افغاني پناھگير سيلاب جي صورت ۾ پاڪستان ۾ طورخم بارڊر ذريعي داخل ٿيا ۽ 40 ورهين کان پاڪستان ۾ پنهنجو گهر ڪري ويهي رهيا آهن۔ جڏهن ته پاڪستان هڪ انتهائي غريب ملڪ آهي، گهڻي آبادي ۽ وسيلن جي اڻهوند ۽ موجوده وسيلن جي بهتر طريقي سان استعمال نه ڪرڻ ڪري پاڪستان خود ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اقوامِ متحده جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 15 لک کان مٿي رجسٽرڊ افغاني رهائش پذير آهن. ان کان علاوه به لکين غير قانوني طور رهيل افغاني مختلف صوبن ۾ مقيم آهن. اُنهن جي پاڪستان ۾ رهائش جي ڪري مقامي ماڻهو تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اهي افغاني شهرن اندر چورين، ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ ملوث ملن ٿا، جن جا ثبوت پڻ مليا آهن۔ ان کانسواءِ هيروئن ۽ چرس جهڙيون موت مار نشيدار شيون پڻ افغانين جي معرفت پاڪستان ۾ اچي رهيون آهن۔

پاڪستان ۾ افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڀرپور آپريشن ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي ان معاملي تي سنجيده آهي ته رڳو اسلام آباد نه پر سموري ملڪ ۾ انهن افغانين خلاف بي رحم آپريشن ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي. پاڪستان هن وقت نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ پنهنجن محدود وسيلن مان پنهنجي عوام کي به خوشحال زندگي ڏيڻ جي قابل نه آهي. اهڙي وقت ۾ اهڙن غير قانوني افغانين کي هڪدم ملڪ مان ڪڍيو وڃي.  پاڪستان ۾ سيڪيورٽي حالتون اهڙيون ناهن جو اسان وڌيڪ ڪنهن قوم جي ايڏي وڏي تعداد کي سنڀالي سگهون ۽ وقت بوقت انهن جي دهشتگرديءَ واري نقصان کي برداشت ڪري سگهون، ڇو ته افغانين جي ڪري ئي اسان پنهنجو قومي سرمايو وڃائي چڪا آهيون۔ جيڪڏهن سرڪار جي ڪيل اعلان تي عمل نه ٿيو ته اڃان وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو.