رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ يادداشت جي مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿو
هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رات جي شفٽ ۾ اڌڙوٽ ماڻهن يا وڏي عمر وارن ماڻهن جي يادداشت کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ڪينيڊا جي يورڪ يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ هڪ محقق 41 هزار 811 ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو پنهنجي ٽيم جي ميمبرن سان گڏجي ورتو. هيءَ ڊيٽا نوڪري، ڪم ڪرڻ جا وقت ۽ دماغي ڪارڪردگي جي ٽيسٽ جي نتيجن سان حاصل ڪرڻ واري معلومات تي مشتمل هئا.