آءِ ايم ايف کان قرض کڻي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ عمل آهي: چيف جسٽس
چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻيلي کاتي خيبر پختونخواهه جي ملازم فضل مختار جي پينشن واري ادائگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ وڪيل دليل ڏنا ته 1989ع ۾ پروجيڪٽ پر فارسٽ گارڊ ڀرتي ٿيو ۽ 1994ع ۾ فارغ ڪيو ويو ۽ ان وقت تازي ڀرتي ڪئي وئي هاڻ پينشن جي ادائگي دوران منهنجي چار ساله سروس ڳڻپ نٿي ڪري سگهجي. عدالت فارسٽ گارڊ فضل مختار جي پينشن ادائگي بابت اپيل رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخواهه قاسم ودود کي چيو ته خيبر پختونخواهه جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن. صوبي ۾ سرڪاري ادارن ۾ ماڻهن کي وڏي انگ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. اوهان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض کڻي رهي آهي. اهو طريقو خطرناڪ آهي قرض کڻي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون پيون وڃن. ڇا خيبر پختونخواهه ۾ سرڪاري نوڪرين کان علاوه روزگار جو ٻيو ڪوبه ذريعو نه آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخواهه قاسم ودود چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان صوبو ڊائريڪٽ فنڊ نٿو وٺي سگهي. جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي چيو ته خيبر پختونخواهه جي معيشت کي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي ان جو سڀني کان وڏو سبب اسمگلنگ آهي. خيبر پختونخواهه ۾ انڊسٽري کي وڌائڻ جي لاءِ اسمگلنگ کي روڪڻو پوندو. ڪي پي ڪي ۾ اسمگلنگ ۾ ملوث ڪردارن کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

