اندر ساڙڻ جھڙيون ڳالھيون

اندر ساڙڻ جھڙيون ڳالھيون
الطاف شيخ
اسان جي ملڪ جي ٽي وي چئنلن تان ڪي عجيب قسم جا ٽرڙا، شرمناڪ ۽ چڙ ڏيارڻ وارا اشتھار ڏنا وڃن ٿا. مزي جي ڳالھھ اھا تھ اسان جا اٻوجھھ سنڌي ھر ڳالھھ تي خوش ٿي تاڙيون وڄائيندا وتن. جيئن اڳ ۾ ھڪ ڪالم ۾ ھڪ سنڌي فنڪشن بابت لکيو ھئم تھ راڳي اسٽيج تي بيھي ڳائي رھيو ھو:
ڪنڊيءَ نھ سڱري، ٻٻر نھ پلڙو،
ڇانگون نھ ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا…
ھيٺ ھال ۾ ويٺل مرد توڙي عورتون ۽ نوجوان خوشيءَ مان تاڙيون وڄائي رھيا ھئا، ڪي ھمراھھ تھ ميوزڪ جي ٿاپ تي نچي بھ رھيا ھئا.
“ڪمال آھي!” مون دل ۾ سوچيو، “ھي تھ روئڻ جو مقام آھي… ھن ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ خوشيءَ مان نچڻ جي ڪھڙي ڳالھھ آھي؟! ڳائڻ وارو اسان جي سنڌ جي ماروئڙن جو ڪيڏو نھ ڏک ڀريو داستان ٻڌائي رھيو آھي:
ڪنڊيءَ نھ سڱري، ٻٻر نھ پلڙو
سائو نھ سلڙو، ڇانگون نھ ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا…
اسان جا درويش ماڻھو راڳ جي پيغام کي سمجھڻ بدران ان جي ميوزڪ تي خوش ٿيو پيا نچن.
پاڻ ٽي وي جي اشتھارن جي ڳالھھ ڪري رھيا ھئاسين. ان ڏينھن ڳوٺ ۾ ھڪ مائٽ جي گھر ٽي وي ڏسي رھيو ھئس تھ ڪنھن چانھھ جو اشتھار ھليو جيڪو لڳو ٿي تھ گذريل ٻن ٽن مھينن کان ھلي رھيو آھي جيڪو وقت آئون ٻاھر ھئس، ڇو جو ان اشتھار جي شروع ٿيڻ تي منھنجي ميزبان جي يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ ڌيءَ ۽ پٽ بھ سُر ملائڻ لڳا:
سنڌي ماڻھو شھزور ڪچھريءَ جا
ھو آھن مور ڪچھريءَ جا،
سنڌ جي ثقافت ڪچھري ڪچھري…
منھنجو ميزبان ۽ سندس ھڪ ٻھ آيل دوست بھ ان اشتھار کي ڏسي، يعني ان ۾ ماڊلن کي سنڌي ڊريس ۾ ڳائيندو ۽ نچندو ڏسي گد گد ٿيڻ لڳا. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، “ٻڏي مرڻ جو مقام آھي” مون چيو.
“ڇو سائين، ڇو سائين! ڪچھري تھ اسان سنڌين جي ثقافت آھي” مھمانن مان ھڪ وراڻيو.
خبر ناھي ڇو اھا غلط فھمي اسان سنڌين جي دماغ ۾ ويٺل آھي يا ويھاري وئي آھي تھ سنڌي ماڻھو ڪچھريءَ جا مور آھن! گذريل صديءَ جي اڌ تائين جيسين اڃان ٽي وي چئنل، فون سسٽم ۽ انٽرنيٽ عام نھ ٿيا ھئا تيسين خبر چار، واءُ سواءُ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو طريقو ملڻ جلڻ ۽ ڪچھري ھوندو ھو ۽ اھا ڪچھري دنيا ۾ جتي ڪٿي عام ھوندي ھئي… نھ فقط ايشيائي ملڪن جا ماڻھو ڪچھريءَ جا مور ۽ شھزور ھئا پر يورپ ۽ آمريڪا جا بھ… ڇو جو معلومات حاصل ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ اھا ئي سستي ۽ عام وندر ھئي.
جيئن جيئن معلومات حاصل ڪرڻ جا طريقا وڌڻ ۽ بھتر ٿيڻ لڳا، ماڻھن انھن ڏي ڌيان ڌرڻ شروع ڪيو اڄ ھرڪو گھر ويٺي ڀر واري شھر ۽ ملڪ جي تھ ڇا پر سڄي دنيا جي معلومات ٽيليفون، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ذريعي حاصل ڪريو وٺي. نھ تھ اڄ کان پنجاھھ سٺ سال اڳ بھ جڏھن اسان ننڍا ھئاسين تھ شام جو واڪ ڪري بس اسٽاپ تي وڃي آيل ماڻھن جون خبرون ٻڌندا ھئاسين ۽ پوءِ گھر وارن کي ٻئي ڏينھن اسڪول جي دوستن کي وڏي چشڪي سان ٻڌائيندا ھئاسين.
ڳالھھ اھا آھي تھ اھو زمانو ھو بھ وندر جو اڄڪلھھ مھانگائي ۽ معاشي حالتون اھڙيون ڏکيون ٿي پيون آھن جو ڪيترا ٻھ ٻھ نوڪريون ٿا ڪن ڪنھن کي ويھي ٻئي جي ڳالھھ ٻڌڻ جو ئي وقت ناھي، ٻي ڳالھھ تھ اڳ ۾ تھ ويھي ھڪٻئي کان موسم ۽ ملڪ جو حال وٺبو ھو، پروليون، ڳجھارتون ۽ راڳ ٻڌبا ھئا، پر ھاڻ راڳ ٻڌڻ لاءِ چوويھھ ئي ڪلاڪ ڏھھ ڏھھ ٽي وي چئنل کليا پيا آھن پوءِ ڪچھرين ۽ اوطاقن ۾ بقول ڊاڪٽر تنوير عباسي جي، اسان جا مرد ويھيو Loose Talk ٿا ڪن، گندا چرچا ۽ گارگند ٿا ڪن، نتيجي ۾ وقت جي بربادي ھڪطرف ٿئي ٿي تھ ھڪٻئي لاءِ رنجشون الڳ پيدا ٿيون ٿين ۽ اھڙين ڪچھرين بعد ھرڪو سونڊجي اٿي ٿو.
بھرحال اڄڪلھھ ڪو گورو انگريز ھجي يا پنجابي، پٺاڻ، پارسي يا مدراسي، بنگالي، تامل… ھرھڪ پنھنجي نوڪري، ڌنڌي ڌاڙي ۽ محنت مزدوريءَ ۾ مشغول آھي ۽ رھڻو ئي پوي ٿو جيئن ھو چار پئسا ڪمائي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن جي زندگي بھتر بڻائي سگھي. سنڌي ماڻھن بھ اوطاقون ۽ ڪچھريون ڇڏي ڏنيون آھن، پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ اسان سنڌين ۾ ڪجھھ اھڙا ٽوٽي ۽ غير ذميوار آھن جيڪي ڪنھن پورھئي يا ٻني ٻاري جو فڪر ڪرڻ بدران سڄو ڏينھن ھوٽلن تي ويٺا آھن. سندن زالون ۽ ٻچا ٻار ڀلي بک پيا مرن، پر ھو موالي دوستن يارن سان اسٽان وارين ھوٽلن تي چانھين جا دور پيا ڪندا. يمن ۽ جبوتي جھڙن ملڪن ۾ بھ اتي جا ڪيترائي آلي موالي سڄو ڏينھن ڪات (ھڪ وڻ جا پن جن ۾ نشو ٿئي ٿو) چٻاڙيندي نظر ايندا آھن. سو سڄو ڏينھن ھوٽلن تي ويھي چانھيون پيئڻ ۽ لوز ٽاڪ ڪرڻ کي ڪچھريءَ جو نالو ڏيئي اسان خبر ناھي ڇو فخر محسوس ڪيون ٿا. ڇا ان ڳالھھ کان اسان ڪن لاٽار ڪنداسون جيڪا اسان جي ملڪ جا ماڻھو چون ٿا تھ “پشاور کان ڪراچي باءِ روڊ ويندي ھر ماڻھو ڪم ۾ مشغول نظر اچي ٿو، پر جيئن ئي سنڌ صوبي ۾ داخل ٿجي ٿو تھ صبح پھر بھ مرد ڪانڀ ٻڌيو ھوٽلن تي ويٺا چانھيون پيئن ۽ ڪچھري ڪن. سج پيو مٿي چڙھندو ھي ويندا ڀتين کي پاسا ڏيندا…
ڇا ان ٽوٽپڻي کي اسان ڪچھري ٿا سڏيون ۽ ڇا ان تي اسان سنڌين کي فخر ھئڻ کپي؟… ۽ ڌاريا جيڪي اسان کي اھڙين ڳالھين سان منسوب ٿا ڪن ڇا ھو اسان کي شاباس ٿا ڏين يا ٽوڪ طعنو ٿا ھڻن؟ ڇا توھان پنھنجن ڀائرن يا سئوٽن ماساتن کي ڪچھريءَ ۾ وقت وڃائيندي ڏسي خوش ٿيندئو يا کين محنت مزدوري، پورھيو ۽ پڙھائي کي وقت ڏيڻ جي تلقين ڪندئو؟ ھو ڇا چوندا آھن تھ سج مٿي چڙھي ويو ھو، پر ھڪ ھمراھھ رستي تي ننڊن ۾ غرق ھو. ڪنھن واٽھڙوءَ ھن کي اٿاريو ٿي تھ ٻئي منع ڪندي چيس: “ادا ڇو ٿو ستل کي جاڳائين… ٿي سگھي ٿو ھو آزاديءَ جو خواب ڏسي رھيو ھجي”
ان تي پھرين چيس: “جي اھا ڳالھھ آھي تھ پوءِ ھن کي ضرور اٿارجي جيئن فقط خواب ڏسي خوش ٿيڻ بدران سجاڳ ٿي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪري تھ سٺو اٿس.”
سو اسان جي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن کي پنھنجو وقت ان قسم جي Loose Talk ۾ ضايع ڪرڻ بدران اھو وقت ڪنھن سڦل ڪم ۾ لڳائڻ کپي. اھو وقت پنھنجن ٻارن کي ڏيڻ کپي جيئن ھو ايندڙ زماني جي Challenges کي منھن ڏيئي سگھن. دشمن تھ اھو ئي چاھيندا تھ اسان ڪجھھ سکڻ ۽ پنھنجي زندگي بھتر بنائڻ بدران ڪچھري جي نالي ۾ بيڪار ڳالھين تي بحث مباحثا ۽ غلط سلط ۽ اخلاق کان ڪريل چرچن تي ٻھھ ٻھھ ٿيندا رھون. انگريز، جن چانھھ جو رواز اسان وٽ آندو اھي تھ شملي ۽ دارجلنگ جي ٿڌ ۾ شام جو ھڪ ڪوپ گرم چانھھ جو پي ٿڌ کان، ڪجھھ دير لاءِ ئي صحيح نجات حاصل ڪندا ھئا ۽ اسان اونھاري ۾ ٽاڪ منجھند جو بھ ويٺا چانھيون پيون، ڇا اھا بھ اسان جي ثقافت آھي جو چانھين جا اشتھار سڀ کان گھڻا سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٿا اچن!!
ھتي ھي SMS لکڻ ٿو چاھيان جيڪو اسان جي ھڪ يونيورسٽي جي پروفيسرياڻيءَ منھنجي مٿي ڳالھھ تان سھمت ٿي مون ڏي موڪليو آھي. ھن کي پڻ ھر وقت ان ڳالھھ جو ڏک رھي ٿو تھ اسان جا شاگرد ۽ عام ماڻھو ھوٽلن تي ويھي وقت برباد ڪن ٿا. لطيفو ھن ريت آھي جيڪو ٿي سگھي ٿو ڪنھن غير سنڌيءَ اسان تي چٿر طور ٺاھيو ھجي جيئن اسان پٺاڻن ۽ ٻين تي ٺاھيندا وتون… بھرحال اسان لاءِ سوچ ۽ فڪر جي خوراڪ مھيا ڪري ٿو…
ھڪڙا ٻھ سنڌي جنت ۾ ويا، پر انھن کي اتي ڏاڍا موچڙا مليا…
ڇو…؟
ڇو جو جنت ۾ ھنن ملائڪن کي چيو تھ “سائين جنت تھ ڀلي آھي، پر سنڌ سنڌ آھي… صبح کان سڄي جنت گھمي گھمي ٿڪجي پيا آھيون، پر ڪٿي ڪا ھوٽل ئي ڪانھي جتي ويھي چانھھ پيون ۽ ڪچھري ڪريون”
الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل


