خاص

انساني حقن جو علمبردار ۽ سينئر صحافي آءِ اي رحمان لاڏاڻو ڪري ويو

انساني حقن جو علمبردار ۽ مشهور صحافي آءِ اي رحمان لاڏاڻو ڪري ويو. آءِ اي رحمان جي گهر ڀاتين ان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو شوگر ۽ بلڊ پريشر جي  مرض ۾ مبتلا هو. آءِ اي رحمان 1930ع ۾ هريانه ۾ پيدا ٿيو ۽ ان جي عمر 90 سال هئي. هن اظهار جي آزادي، انصاف جي فراهمي ۽ آئين جي تحفظ جي لاءِ قلم ذريعي به جدوجهد ڪئي. هو تقريبن 65 سال صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. آءِ اي رحمان صحافت جي ڪيريئر جي شروعات هڪ اخبار ۾ بطور رپورٽر طور ڪئي ۽ هن صحافت جي پليٽ فارم تان ملڪ جي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته هو باقاعدگي سان اهم مسئلن تي ڪالم به لکندو رهيو. آءِ اي رحمان انساني حقن واري ڪميشن جي ذريعي عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ هو تقريبن 2 ڏهاڪن تائين هيومن رائيٽس ڪميشن پاڪستان جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن ته 2017 تائين ايڇ آر سي پي ۾ سيڪريٽري جنرل به رهيو. آءِ اي رحمان کي 2017 ۾ هيومن رائيٽس آئيڪون ايوارڊ ڏنو ويو.  ٻئي طرف سينئر صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن آءِ اي رحمان جي لاڏاڻي جو پوري قوم جي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي ۽ هن جي بطور صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن جي ڪيريئر تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو.