اڪثريت هجي يا اقليت، سڀني کي حق ۽ جمهوري آزادي ڏيارينداسين: بلاول ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڪثريت هجي يا اقليت، اسان سڀني کي حق ۽ جمهوري آزادي ڏيارينداسين. گلگت ۾ وومين ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان کي صوبو بنائڻو آهي، هي صرف اليڪشن نه، عوام ۽ نوجوانن جي مستقبل جو سوال آهي. هن چيو ته مرد هجي يا عورت، اڪثريت هجي يا اقليت، اسان سڀني کي آئيني حق ۽ جمهوري آزادي ڏيارينداسين، عورتن کي بغير وياج جي قرض ڏنو ويندو.

