بدين کان ڀالوا تائين معشوق محسن ابڙو | # جنوري 2022
انسانُ جيستائين زماني ۾ زنده رهي ٿو، تيستائين پيٽَ جي پُورتَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو ۽ جاکوڙيندو رهي ٿو، ظُلمتن ۽ زَحمتن جي زَنجيرن ۾ جَڪڙيل نظر اچي ٿو. جِتي دُنيا جا ڌندا ڌاڙِي، ڪَمَ ڪارَ ۽ ڪاروبارَ به قيد خانا ٿي پون ٿا، اُتي دوستن کان دُورِيءَ وارا دَردَ به دل دُکائيندا رهن ٿا. عزيزن جي اُڪيرَ اداسيءَ جا آثار پسائيندي رهي ٿي. پنهنجن جي پيارَ جا پُورَ ۽ سانگين جا سُورَ به سَتائيندا رهن ٿا. سچ پچ ته اهڙين حالتن جي تيز هوائن کي هَٽائڻ لاءِ هِمتَ ۽ حوصلي جي سخت ضرورت هوندي آهي. هتي ته رڳو هر وقت هڻ هڻان جو هڪلون ۽ وٺ وٺان جون وائيون ورجايون وينديون آهن. بقول بخاريءَ جي:
زندگي آهي ته آهي، ڊوڙ ۽ ڊُڪَ،
مئي پُڄاڻان سَڀڪو هوندو، ساميءَ اندر سُڪَ.
جِتي فقط مصروفيتون ئي مصروفيتون جَنم وٺنديون هُجن ۽ اُتي اوچتو ڪنهن واندڪائيءَ جي ويلَ جو جڏهن وِصال ويجهو/وصول ٿيندو آهي ته يقين ڄاڻو اُن ساعت سڀ ڏُکَ ڏاکڙا ڏيلَ جي ڏيھَ مان ڏُور ڀَڄِي ويندا آهن. ايئن ئي اسان کي به ٻٽي ڏهاڙا موڪل جا مليا، سوچيوسين ته هاسٽل تي واندا ويهي ويلَ وڃائڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن سيرَ سَفَرَ تي سَنبرجي ۽ ڪِٿي تفريحَ لاءِ نِڪرجي!؟ آخر پنهنجي پياري دوست همدرد ۽ هم پيشه ور، قاري محمد صالح مهر سان صلاح صواب ڪري فورن فيصلو ڪيوسين ته هن ڀيري هلي ٿَرن جي ٿاڪَن تي ٿانِيڪا ٿيون، ڀِٽُن تي ڀَونرن جيان ڀيرا ڏئي ڀونگين کي اکين جا ڀاڪر ڀري بوسا ڏيون ۽ چونرن مٿان چنڊَ جي چانڊوڪيءَ جي چاهَتَ جا چَنگَ چُرندي ڏسون ۽ ٻهڳڻن جا ٻاجهارا ٻولَ ٻُرندي ٻُڌون. اَهڙيون هيڪانديون حسرتون حياتيءَ جي هَڙَ ۾ ٻَڌِي، جمع 03 ڊسمبر 2021ع بمطابق 27 ربيع الثاني 1443ھ تي ٻِين وڳي مَنجهند جو بَدين پير چڪ تان اي. سِي ڪوچ ۾ ويهي اسلام ڪوٽ تائين مسافريءَ جو مزو ورتوسين. گاڏيءَ ۾ سامهون ايل. سِي. ڊِيءَ تي عجيب رنگ ڍنگ جون موويز هلي رهيون هيون. تيز رفتار ڪوچ مختلف شهرن جي اسٽاپن تي مختلف ماڻهو لاهيندي ۽ کڻندي رهي. اسان ٻئي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا هڪٻئي سان حال احوال اوريندا رهياسين ۽ گاڏيءَ جي شيشن مان گذرندڙ نظارن ڏي نهاريندا رهياسين. سفر خير خوبيءَ سان سڻائو ٿيندو رهيو آخر مُفاصلن کي مات ڏيندا پنهنجي منزل تي شام شفق ڌاري پهتاسين. محسوس ايئن پيو ٿئي ڄڻ ته اسلام ڪوٽ جا رونق ڀريا رستا به آجيان لاءِ اوسيئڙي ۾ هئا. گاڏيءَ مان لهي اسٽاپ جي ويجهو هڪ هوٽل ڏانهن هلياسين. هونئن به سنڌ جي اڪثر تعليمي ادارن کي تالا ۽ هوٽلون هميشه هجومن سان هم ڪنار هونديون آهن.
بهرحال! اسان به اُتي گهڙي کن ويهڻ لاءِ گڏيل رايو رَکيوسين ۽ چانھ جو چسڪو چَکيوسين. ايتري ۾ جنهن دوستَ سان رابطي ۾ هئاسين اُن جي ڪال به اچي ڪَڙڪو ڪيو، موبائل جي در تي کَڙڪو ڪيو، کيس پارَ پتا ٻُڌائي بي فڪر ٿي وري ويهي رهياسين ٿَرَ ۽ ٿَرَ جي باشندن بابت گفتگوءَ ۾ گم شُم ٿي وياسين. اڃان ڳالهيون ڳڻيوسين پئي ته مٿان محبوب ماڻهو عبدالغني راڄڙ به پهچي ويو جنهن جا اسان مهمانَ هئاسون. ڏسندي ئي اسان کي ڀٽائيءَ جي بيتَ سان آجيان ڪيائين:
اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيھِي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئِي.
ڀاڪُرن ۾ ڀريندي ڀليڪارَ جا بوسا ڏيندي لذت ڀريي لهجي ۾ خير و عافيتَ معلوم ڪندو رهيو ۽ هڪ اهڙي اسٽاپَ تي وٺي آيو، جِتي ماڻهن جو ميڙ اڳي ئي بس جي انتظار ۾ بيٺل هو. سِجَ جا آخري پَساھَ به پُورا ٿي رهيا هئا. جيئن جيئن رات پنهنجا پَرَ پکيڙي پئي تيئن تيئن ٿَرَ جي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا تي ٿَڌ به ويتر وڌي پئي.آخر بس به آئي ۽ اسان به اُن ۾ چڙهي ويٺاسين. پُڇڻ تي پتو پيو ته اسان کي دوست سان گڏ سندس ڳوٺ سونهنءَ ڀرئي سُوندر وڃڻو هو. جيڪو لڳ ڀڳ پنجاھ يا پنجونجاھ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد هو. خير! بس به پنهنجي منزل ڏانهن مسافت جاري رکِي ۽ آهستي آهستي رفتار تيز ٿيندي رهي ڀِٽُن جي ڀرسان ۽ وَرن وَڪڙن وارن رستن تان بس گذرندي رهي. پري پري تائين نه بجليءَ جي تجلي نه وري ڪا آبادي نظر آئِي! رڳو رِڻ پٽَ ۽ رُڃَ ئي رُڃَ! بس جي مَڌم بَتين تي واريءَ جا وڏا وڏا دڙا به خاموشيءَ جي خوابن ۾ رُڌل هئا. مڪليءَ جهڙي ماٺار ۾ اَمُن ڀريو ماحول ۽ فرحت ڏيندڙ فضائون به ڪُجھ ڳائي رهيون هيون. اهڙا منظر ڏسندي ئي مون کي ڇهين درجي جي سنڌي نصابي ڪتاب ۾ شامل محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“ جي نظم جون سٽون ياد اچي ويون:
ٿڌڙي ٿرن جي وارِي، پيارو پلر جو پاڻي،
برپٽَ کي باغ ٺاهيون، وسڪارَ جي وراڻي،
مارُن مٺن سان گڏجي، خوش ٿي خوشيون ملهايون!
واقعي سَچُ چوندا آهن ته: ”وُٺو ته ٿَرُ، نه ته بَرُ ئي بَرُ“ بلڪل ايئن ئي آهي وسڪاري جي مند ۾ ٿر ۾ ٿڌڪار ۽ موجون لڳيون پيون هونديون آهن ۽ ٿري ماڻهو خوشحال ۽ آسودا هوندا آهن. جيئن لطيف سرڪار جو سُر مارئيءَ ۾ هڪ بيت آهي ته:
ٿَـرَ ٿـرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا،
لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَهرِيو ٿي پَنَ چَران.
ٿَرَ جا اهڙا ته ٿاڪَ وڻندڙ هئا جو سَفرَ جو ٿَڪُ ياد ئي نه هو. دل ۽ ديدن کي ديدارَ سان سُڪون جو ساءُ اچي رهيو هو، هلندڙ بس جي شيشن مان اندر هلڪو هلڪو واءُ اچي رهيو هو. اُن واءُ تي ويتر ٿڌڪار پئي محسوس ڪئي سين ته اوچتو آواز آيو ته ”سُوندر سُوندر“ پهچي ويو لهڻ جي تياري ڪيو. جيئن ئي گاڏي بيٺي ته لٿاسين دوست چيو ته ٿوري پنڌ تي آڏو ”مدرسہ صبغت الاسلام“ نالي مدرسو قائم آهي جنهن ۾ اسان جو پيارو دوست مهتمم ۽ مدرس پڻ آهي. اُن وٽ منزل انداز ٿيڻو آهي. اسان جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اهو شخص شانائتو، قداور ۽ قُربائتو مولانا علي اڪبر سڪندري ۽ سندس ساٿي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئا. دروازي کان داخل ٿيندي ئي دُوبدُو دوستن جا درشن ٿيا دِلِ جو دالانُ ٻهڪي پيو ۽ من مهڪي پيو. پوءِ ته ويهي روحَ رهاڻيون ڪيوسين. علم، ادب، سياست، مذهب، محبت ۽ ماڻهپي تي ڪارائتي ڪچهري ٿيندي رهي. مدرسي ۾ قائم هڪ قديم لائبريريءَ به گهمڻ وٽان هئي. جنهن ۾ مذهبي ڪتابن سان گڏوگڏ ادبي ڪتاب به تمام گهڻا نظر آيا. تاثراتي بُڪ تي پنهنجا تاثر به لکياسين. طالبَ پنهنجي تات تنوار ۾ تمام گهڻا خوش باش لڳي رهيا هئا. مختلف شُعبن ۾ عُلماءَ، قاري، حافظ ۽ مولوي درسُ و تَدريسَ جي عمل ۾ مصروف هئا. اُتان مجبورن جلدي موڪلائڻو پيو ۽ سائين اڪبر سِڪندري ڪتاب جو تحفو به ڏنو. اسان جي رهائش جو بندوبست ساڳئي ڳوٺ سوندر ۾ هڪ مهان شخصيت فقير منش، محبتي ۽ مهمان نواز علم ادب سان سلهاڙيل سوڀاري انسان فقير غلام حيدر مهر سڪندريءَ جي اوطاقَ تي ٿيل هو. انهيءَ فقيراڻي آستاني تي عجب اسرار اکين ڏٺا، سندس فرزند ارجمند نوجوان حافظ حُبدار سڪندري به ان گڏجاڻيءَ ۾ گڏ گڏ رهيو. رهاڻيون ڪندي رات به ڪافي گُذري چُڪي هئي. هوريان هوريان ننڊَ به نيڻن جو پاسو ورتو سڀني جي اکين ۾ آرام جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. خبر ئي نه پئي ته ڪيئن هڪ هڪ جي اک لڳندي وئي ۽ رات ٺرندي وئي، آخر رات کُٽِي، باکَ ڦُٽِي وري نئين صُبحَ ساھ کنيو، سِجَ جي ڪِرڻن ڪمري جي روشندانن مان سَلام ڪرڻ جا سعيا پئي ڪيا ته مٿان سائين حُبدار به نينهن مان ناشتو آندو. بسم الله جي برڪت سان کائي پي، وري ورتوسين ساڳيو گس گفتگوءَ جو. سائين غلام حيدر سڪندريءَ سان ڪيل ڪچهريءَ جو ذڪر هتي نٿو ڪري سگهجي ڇو ته اهو هڪ الڳ داستان آهي، جيڪو طوالت جو طلبگار آهي ۽ اُن لاءِ دل جو دفتر درڪار آهي. مختصر ايترو چوندس ته مهان ماڻهوءَ جون مهان مرڪون، سادگي، صداقت، سَخاوتَ، شَناختَ ۽ شَرافتَ هُن جهڙي مون ڪٿي نه ڏٺي. دل ته اُٿڻ لاءِ نه پئي گُهري، پر چوندا آهن ته ”جيڪي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو!؟“ بلڪل ان وانگي اَدب جا هٿ ٻَڌي اُٿياسين ۽ هلڻ هارا ٿياسين ته سائين جن جي محبت تڪڙن کي وري ترسائي وِڌو. پاڻ پنهنجن هٿن سان اَجرڪن جا انمول تحفا پارايائون. اُتان اٿندي ئي اسان جي پياري دوست بهترين شاعر ناشاد سمي سان به رابطي جو سلسلو جُڙيل هو، سائين جن به اوسيئڙي ۾ هئا اتي ويجهو ئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوندر جا سائين جن هيڊ ماستر به آهن. اسڪول ۾ ساڻن علمي ۽ ادبي مختصر ملاقات ٿي، ان مختصر ملاقات دل تي اهڙي ته ڇاپَ ڇاپي ڇڏي، جو سمي صاحب جي سونهنءَ ۽ سادگي صدين تائين ساھَ ۾ سمايل رهندي! منٿن ڪري موڪلائڻ جي موڪل جي گُهريسين. صبح جو لڳ ڀڳ ڏهين وڳي دوستن جي اصرار تي ڀالوا ڏانهن رُخ رکيوسين. سوندر کان ويندڙ رستي جو حال به پورو سورو هو. رڳو کَڏون ۽ کُٻا کُٻا هلڻ ۾ ڄڻ ته هلاڪ ڪري رهيا هئا. خير! اهڙا پنڌ پيچرا به ڪٽي نيٺ مارئيءَ جي کوھ تي پهتاسين. جتي پُڄڻ شرط ئي مارئيءَ جي مارُن سان محبت ياد آئي، سندس حُبُ الوطنيءَ جي هُٻڪارَ هانءَ ۾ هُرڻ لڳي، لطيفي لات ڪَنن ۾ ٻُرڻ لڳي!
اِيءَ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَہ ڪُرِيتِ،
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان.
دل ته چوي پئي سارو سُر مارئي پڙهندو رهجي! جنهن ۾ ڪيتريون ئي حقيقتون ۽ هدايتون سَمايل آهن. مارئيءَ جي کوھ جو پاڪ پاڻي به پيتوسين ۽ اتي ئي ڪُجھ وِکُن تي وري عمر ۽ مارئيءَ جا مجسما ٺهيل ڏٺاسين. چوطرف چونرن جو تعداد به چڱو نظر آيو. هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ هڪ اڌڙوٽ راڳي ۽ نوجوان ڍولڪ نواز سُرن جي ورکا ڪري رهيا هئا. ڀٽائيءَ جي بيتن جي برسات ۽ وائين جي وسڪارن واھ جا وڇوڙن جي وڍيلن کي ونگَ وِڌا. اهو راڳي فقير عبدالله مڱڻهار ۽ ڍولڪ نواز الهڏنو مڱڻهار هو، جن جو پاڻ ۾ سنگم سازن ۽ سُرن جهڙو هو، جيڪي 2006ع کان ڀالوا ڳوٺ ۾ مارئيءَ جي کوهه تي اڄ تائين راڳ ڳائيندا ٿا اچن. اُتي هڪ اوٺار به رڙهي آيو جيڪو جيئندو خاصخيليءَ جي نالي سان مشهور آهي. سندس فن به فضيلت ڀريو ٻُڌڻ وٽان لڳو. کيس سُگهڙائپ جا سڀ رنگ ڍنگ معلوم هئا. سُر مارئي اهڙو ته پڙهيائين جو روح جي تارن کي به ڇيڙي وڌائين. واپسيءَ تي سڌو عبدالغني راڄڙ جي اوطاقَ تي ڳوٺ لاکيٽوڀي ۾ آياسين اها اسان کي ٿر ۾ ٻي ۽ آخري رات هئي. عبدالغني راڄڙ به مچ ڪچهريءَ جو انوکو انتظام ڪيو هو. جنهن ۾ ڏور، ڳجهارت، سينگارَ جي بيتن جا ماهر ۽ ڀٽائيءَ جا پارکو پڻ موجود هئا. صبح جو ڀِٽُن ڏانهن ڀيرو ڪيوسين جتي ڪجھ وَڻَ ۽ ٻوٽا نظر آيا جيڪي اسان لاءِ جهڙا نوان هئا، جن جا نالا ڪُجھ هن طرح آهن: کپ، ٻوھ، ڄار، ٽاڪارو، ٿوهر، روهيڙو وغيره. ڳوٺ لاکيٽوڀي کان نڪرڻ وقت دوست جي اصرار تي وري درگاھ ٻورلي محمود شاھ بُخاريءَ طرف وڃڻ ٿيو، فقير سائينءَ جي زيارت ڪئي سين. درگاھ جي ڀرسان عاليشان مدرسو نالي ”صبغته النور“ قائم آهي جنهن ۾ درس تدريس جو عمل سائين فيض محمد مهر جي حوالي ٿيل آهي. اتي به هڪ بهترين لائبريريءَ جو ديدار نصيب ٿيو جنهن ۾ مذهبي ۽ ادبي ڪتاب ڪافي نظر آيا. اوطاقَ ۾ ڪچهريءَ جو سلسلو اڃا روان دوان ئي هو ته مٿان هڪ اڌڙوٽ شخص آيو، سُفيد لباس ۾ ملبوس، سُفيد ٽوپيءَ ۾ سُفيد وارَ لِڪل ۽ سُفيد سونهاريءَ جي سونهنءَ به سُبحان الله! سرس هئي. مختصر تعارف ٿيو، اها شخصيت سيد غلام محمد شاھ سڪندري جن جي هئي پاڻ عربيءَ جا استاد ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو لڳي رهيا هئا. مِٺي گفتگوءَ جا ماهر، انتهائي خوش مزاج، محبتي ۽ مهمان نوازيءَ سميت ڪيترن ئي ڳڻن سان سينگاريل هئا. آخر وقت سان گڏ اُتان به اُٿڻو پيو، اڳتي وڌڻو پيو. جيئن جيئن هلندا رهياسين تيئن تيئن ڳالهين جون ڳَنڍيون کُلنديون رهيون. سوچيم ته هن ڀيري رڳو مختصر سفر نامو لکجي ۽ ٿر جي بُک، بيروزگاريءَ، بدحاليءَ ۽ بيوسيءَ تي وري الڳ ٿلڳ مضمون لکي وٺبو. ٿَرُ سارو سونُ آهي، پر اُن جي وسيلن تي ڌاڙا لڳل آهن، جنهن جي ڪري کيس بنيادي سهولتن کان سالن کان سِڪايو ۽ سَتايو ويو آهي. سڀني جا اهڙي قسم جا رايا ٻُڌڻ ۾ آيا. خبر ئي نه پئي ته وري ڪيئن واپس اسلام ڪوٽ پهتاسين. جتي اسان جو پيارو دوست انگريزيءَ جو پروفيسر سيد اسرار علي شاھ اڳيئي اوسيئڙي ۾ ويٺل هو. سندس چانھ پِي، تازا توانا ٿِي، مِٺن ماڳن کي مِٺيون ڏئي، مِٺن ماڻهن کان مِٺيءَ لاءِ موڪلايوسين. مٺيءَ ۾ اسان جو سينيئر ساٿي اديب، شاعر، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر سائين هيمن داس چنداڻي رهائش پذير آهي دل چيو ته ڇو نه سائين جن سان به ملاقات ٿي وڃي! بلڪل هن سٽ وانگي ”ياد جنين کي يارَ، سي ته ياد هميشه يار کي!“ سائين جن به اڳيان انتظار ۾ هئا مٺيءَ ۾ پُڄڻ سان ئي مِٺيءَ جا ماڳ، مڪان ۽ منظر من موهڻ لڳا. سائين هيمن داس جي حُبَ به هيڪاندي هئي سو روبرو رهاڻ رچائيندي روح کي ڏاڍي راحت رَسِي. سائين جن مِٺيءَ بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏني ۽ ماموئي فقيرن تي به ڳالهايو ۽ بَدين جي پراڻي نالي ”سانول پور“ بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي چيائين ته: ”شاھ لطيف لاڙ اچڻ وقت بَدين ۾ سانول ميگهواڙ وٽ رهندو هو سانول ميگهواڙ شاھ سائينءَ جو بيحد عقيدتمند هو انهيءَ عقيدت جي ڪري شاهه صاحب به گهڻو ڀائيندا هئا انهيءَ ڪري بدين کي سانول پور سڏيو ويندو هو يعني بدين جو پراڻو نالو سانول پور آهي.“ ڪافي حد تائين اهڙي علمي ۽ ادبي ڪارگر ڪچهري ٿي. موڪلائڻ مهل سائين هيمن داس پنهنجو شعري مجموعو ڏنو ۽ محبتن جا تحفا ارپيا. سَندن اوطاقَ تان جيئن ئي اُٿياسين واٽ ويندي هڪ ٻي اتفاقي ملاقات سائين عبدالله آس هنڱورجي سان ٿي. پاڻ بهترين شاعر آهي، سندس تازو شعري مجموعو ”اکين منجھ آڙنگَ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. آڙنگ لفظ ٻُڌندي ئي ميران محمد شاھ جي سِٽَ ياد ٿي اچي ته:
”آڙنگَ آگَمَ لايا وي، رم جهم بادل ڪيا بهارَا“
چانھ پيئڻ جيتري دير هڪٻئي سان محبتون ونڊيوسين. وقت جو ڳَٽُ سدائين ڳچيءَ ۾ هوندو آهي، سو دم دوستن سان گُذريو جو گُذرڻو هو، آخر اسان کي واپس وَرڻو هو، جلدي بَدين لاءِ نڪرڻو هو، نيٺ نيڻن نهار تائين الوداع جا اِشارا ڏيندي مِٺيءَ کان موڪلايوسين. شام ڌاري شاھ لطيف جي وائي ورجائيندي پنهنجي ماڳُ مِڙياسين!
”سَهسين شُڪرانا، ڪوڙِيين ڀالَ ڪَريمَ جا.“

