بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ساڍي 12 وڳي رائيونڊ پهچندو. جنهن کانپوءِ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اهم ملاقات ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پيپلز پارٽي جو وفد به رائيونڊ پهچندو. مسلم ليگ (ن) جا سينئر اڳواڻ به ملاقات ۾ شرڪت ڪندا. (ن) ليگ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ملاقات ۾ ملڪ جي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

