خاص

حڪومت جو اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو

حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير شبلي فراز ۽ فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ نيوٽرل ايمپائر جو ڪردار ادا نه پئي ڪري، ان لاءِ هن کي بحيثيت مجموعي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ماڻهن جو اعتماد اليڪشن ڪميشن تان کڄي چڪو آهي، نئين اليڪشن ڪميشن بڻجي، جنهن تي سڀني جو اعتماد هجي. هن وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر فوري طور استعيفيٰ ڏين ۽ پارليامينٽ کي موقعو ڏنو وڃي ته نئون اليڪشن ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن تي سڀني جو اعتماد هجي. هن جو چوڻ هو ته عام چونڊون اڍائي سالن کانپوءِ ٿينديون، جڏهن ته ضمني چونڊون ٿينديون رهنديون آهن، پر اليڪشن ڪميشن تي اعتماد هئڻ گهرجي. شفقت محمود چيو ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي جماعت آهي، ان کي به اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي رهيو، جيڪڏهن ٻين جماعتن کان پڇيو وڃي ته اهي به اليڪشن ڪميشن جي شڪايت ڪندي نظر اينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف ڪو ريفرنس داخل نه ڪنداسين. شفقت محمود چيو ته وزيراعظم جو ڳچ عرصو اڳ مطالبو هو ته اليڪشن ۾ پئسي جي طاقت ختم ٿئي، وزيراعظم سينيٽ اليڪشن جي شفافيت جي لاءِ چاهي پيو ته چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ٿئي. وفاقي تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم هميشه چيو ته ووٽ جي خريد ۽ وڪرو سان سينيٽ اليڪشن کي پاڪ ڪرڻو آهي، 2018ع ۾ سينيٽ چونڊن ۾ وري منڊيون لڳيون، سپريم ڪورٽ چيو ته ووٽنگ جو طريقيڪار بدلائڻ لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻو پوندو.