خماريل شهزادن جي سلطنت جو بادشاهه: عبدالقادر جوڻيجو اعظم ڀٽي Sep 2020
سنڌ ۾ هڪ جنهاڻ جوڻيجو ۽ ٻيو جنهاڻ سومرو ٻئي علائقا سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ جي علامت رهيا، هڪ نظم جي حوالي سان ته هڪ نثر جي حوالي سان عجيب انفراديت جا نه رڳو حامل رهيا، پر انهن علائقن ۽ انهن علائقن جي سڃاڻپ بڻيل اهي تاريخ ساز شخصيتون سنڌ جو اهو غُرور ثابت ٿيون جن تي تاريخ کي هميشه فخر رهندو. لاڙ جو جنهاڻ سومرو انقلابي شاعر ابراهيم منشيءَ جي سڃاڻپ جو ستارو بڻيو ته ٿر جو جنهاڻ جوڻيجو وري عبدالقادر جوڻيجو جي شخصيت جي خُمارن سان هميشه خُماريل رهيو، جنهاڻ سومري جا خُمار انقلابي سنڌي شاعري جي حوالي سان سنڌ ۽ هند جي هاڪ بڻيل رهيا، پر جنهاڻ جوڻيجو جي خُماريل مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجو جي وجود، سنڌ ۽ هند ته ڇا، پر عالمي ادب جا پيچرا لتاڙيا، انهن پيچرن سنڌي ادب کي نوان دڳ ڏنا ته وري سنڌي ادب عالمي ادب کي هڪ نئين راهه ڏيکاري، جنهن راهه جو پانڌيئڙو عبدالقادر جوڻيجو هو. هُو سنڌ جي خُماريل شهزادن جي سلطنت جو اهڙو بادشاهه هو، جنهن سلطنت ۾ هر عُمر جا شهزاده، بنا ڪنهن حجاب جي نازن ۽ نخرن جا تاج پهري پيا گهُمندا، جهُومندا ۽ رمندا هئا. سائين جي. ايم سيد جيان جڏهن هُن جي زُبان مان لفظ “ڇورا” ڪا پُڪار بڻجي نڪرندو هو ته حسن درس کان وٺي اصغر ڀٽي تائين سنڌ جي جوانين جي چهرن تي عجيب شرم ۽ حيا سان لبريز مُسڪراهٽن جا مِينهن وَسي پوندا هئا. سندس اُن لفظ ۾ ڇا ته ڪشش هُئي، ڇا ته پيار ۽ پاٻوهه هو، ڇا ته پنهنجائپ جو احساس هوندو هو، ڇا ته منفرد شفقت جو پرتوو نظر ايندو هو! عجيب سحر هو هُن جي ڳالهين ۾، هُن جي ٽوڪن ۽ ٽهڪن ۾!! جڏهن هُو ڳالهائيندو هو ته محفل ۾ سانت ئي سانت ڇانئجي ويندي هئي. سمورا ڪَن سندس آواز کي سمجهڻ لاءِ، سندس ڳالهين کي پرکڻ لاءِ کڙا ٿي ويندا هئا. ڳالهين ڳالهين ۾ اوچتو ڪو اهڙو ٽهڪ پڙاڏو بڻجي گُونجندو هو، جيڪو سموري محفل کي ٽهڪن جي دُونهين سان منڊي ڇڏيندو هو. مُٺ تي سگريٽ ڇڪي جڏهن هُو خالده رياست کان وٺي رُوحي بانو جي نالن جو وِرد ڪرڻ لڳندو هو ته سندس اکين ۾ عجيب ڪشش ۽ جسم ۾ منفرد حرارت پيدا ٿي پوندي هئي ته وري سندس عشق جي ديوتا جا داستان به وسيع ٿي ويندا هئا. اُنهن ڏينهن جا ٽهڪ اڄ به ذهن ۾ تازي گُل مثل آهن، جڏهن هُن مُسڪرائيندي ٻُڌايو ته “هڪ نجي ٽي. وي چئنل جي صُبح واري پروگرام ۾ آئون (عبدالقادر جوڻيجو) ۽ عبدالواحد آريسر مهمان طور ويٺل هئاسين. پروگرام سڌو سنئون نشر ٿي رهيو هو، اسان ٻنهي جا آوزا قدرتي طور خُمار آلود هئا ته ڪنهن عورت فون ڪري چيو ته ڪهڙن موالين کي پروگرام ۾ ويهاريو اٿوَ، جن جو آواز ئي سمجهه ۾ نٿو اچي.” پوءِ ته سندس ڄامشوري واري گهر جي ڪمري ۾ رڳو ٽهڪ ئي ٽهڪ هئا. هو چوندو هو ته مئه سان عاشقي پنهنجي جڳهه تي، پر اسان جو آواز ئي اهڙو آهي، جيڪو نئون ماڻهو ٿو ڳالهائي ته کيس ايئن ٿو لڳي ته اسان هر وقت مئه ڪشي جي بازار بڻيل آهيون!! هُن جي هرهڪ ادا ۾ هڪ آرٽ هو. سندس سگريٽ ڇڪڻ جي انداز کان وٺي سندس ڳالهائڻ جي انداز تائين منفرد آرٽ پيو ڇلڪندو هو، هو مئڪشي کي به آرٽ تصور ڪندو هو، وٽس شرابن جي سُڃاڻپ جو تجربو، ڄڻ ته يونان جي فلسفي جي حيثيت رکندو هو. تڏهن ته هُو سقراط جي زهر پيئڻ واري ڪيفيت کي به هڪ عجيب آرٽ سمجهندو هو. اهڙي ڪيفيت جي تمنا به ته هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه ناهي هوندي. جڏهن هُو عالمي ادب تي ڳالهائيندو هو ته تمام وڏا نالا ڇَڪي راند جي سارين جيان پيو ڊوڙائيندو هو، عالمي ادب جي هر مُهري جي لکڻين جي ڇالُن کي کولي ايئن بيان ڪندو هو ڄڻ ته شطرنج راند جي ڪا تڪميل پئي ٿئي. جتي هُو ادب جي قدامت پسندي وارين نظرين جي چير ڦاڙ ڪندو هو، اُتي هُو جديديت پُڄاڻان سنڌي ڪهاڻي جي مقام کي به ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندو هو. کيس ڪڏهن به ان ڳالهه جو اُلڪو نه رهيو ته سندس ان راءِ تي مجموعي طور سنڌي اديبن جو ردِ عمل ڪهڙو ٿو بيهي!! ادب جي دنيا ۾ هن جو پنهنجو الڳ رستو هو، پنهنجو مقام هو، هُن جو پنهنجو جهان هو، جنهن جهان کي هُن جڏهن به اظهاريو ته هُن علي الاعلان اهڙي اظهار جي آزادي جو حق استعمال ڪيو، جنهن اظهار واري ڪيفيت کان سنڌي ادب جا تمام وڏا نالا به خائف رهندا آيا آهن، پر هُو نه ته خائف رهيو، نه سُتل رهيو، هُو ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙي جو اهڙو سورمو رهيو، جيڪو سدائين متحرڪ رهيو. سچو کاهوڙي هوندو به اهڙو آهي جيڪو ننڊ کي ڳلي سان لڳائڻ بجاءِ اوجاڳي ۾ سُڪون محسوس ڪري. هونئن به زندگيءَ جي سفر ۾ هرهڪ شعبي جي حوالي سان هر فرد جو ڪو نه ڪو مقصد، ڪا نه ڪا حاصلات، ڪا نه ڪا منزل ضرور هوندي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سماج جو هر ساڃاهه وند پنهنجي سوچن کي سفير بڻائي، لا محدود اُڏام جون بُلنديون اپنائي، جستجو جا نوان دڳ ۽ رستا هموار ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي. ان راهه ۾ ڪاميابيون يا منزلون اهي ئي ماڻيندا آهن جن کي سلامتي واري عشق جو جنون هوندو آهي، ان جي باوجود به اهڙا آدرشي فرد به آهن جيڪي منزلن کان به اڳيان سوچيندا آهن، منزلن کان اڳيان وڃڻ چاهيندا آهن، اهوئي جذبو فردن جي غير معمولي ڪاميابي جو سبب هوندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو غير معمولي ڪهاڻيڪار به هو ته نقاد به هو، غير معمولي افسانه نگار به هو ته ڊرامه نگار به هو، هُن عالمي ادب کي غير معمولي سنڌي ويس به اوڍايو، هُو ته سنڌي ادب جي هر صنف ۾ اهڙي غير معمولي کيپ جو گهُرجائو هو، جيڪا کيپ نوان ۽ جديد لاڙا متعارف ڪرائي، هُن ان کيپ جي رهنمائي لاءِ نوان دڳ ڳولي، ان جي آبياري جي هر ممڪن ڪوشش به ڪئي نه ته ڪير آهي جيڪو پيرسنيءَ جو پٽڪو پهري، چيلهه جي تڪليف کي تاڪيا ڏئي، ڪرچاٽ کان وٺي شاهه پنجي سلطان تائين، ڄامشوري کان وٺي ڪينجهر تائين سنڌ جي نوجوانن جي محفلن ۾ پنهنجي تجربي ۽ فن جا رنگ وکيريندو رهي. جڏهن سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي باشعور نوجوانن جي قافلي سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پيغامِ سنڌ جي حقيقي تشهير جو سفر شروع ڪيو هو ته عبدالقادر جوڻيجي ان قافلي جي سرپرستيءَ جو بار پنهنجن برجستن ڪُلهن تي کنيو هو، ان سفر ۾ ادب جي آبياري به هئي ته شاعري جا جذبا به نروار پئي ٿيا. موسيقي جون محفلون به هُيون ته آرٽ جا نِت نوان رنگ به پئي وِکريا. مطلب ته هُن سنڌ جي خُماريل شهزادن جي اهڙي سلطنت جوڙڻ پئي چاهي، جيڪا پيغامِ سنڌ کي جديد رنگ ارپي سگهي، حسن درس جي وڇوڙي ان سموري قافلي کي پنن جيان پکيڙي ڇڏيو، حسن جي وڇوڙي جي وَڍ وري عبدالقادر جوڻيجو جي وجود کي نيستو ڪري وڌو، جنهن نيستيءَ ۾ هُو هڪ هنڌ ويٺو ته ويهي ئي رهيو، پر بجاءِ ٻاهر نڪرڻ جي هُو پنهنجو تخليقي سفر جاري رکندو رهيو، سندس اهو تخليقي سفر، آرٽ جون لاتعداد بُلنديون جوڙي 30 مارچ 2020ع تي پنهنجي پُڄاڻي تي پهتو، هُو ته هليو ويو، پر سندس تخليقن کي ڪابه مات اچڻي ناهي. جنهن حوصلي ۽ همت جو الم کڻي هُو ٿر جي جنهاڻ جوڻيجو ڳوٺ مان نڪتو هو، ان الم کي سر فروشي، سر بُلندي ۽ ابديت جي نَوَن رنگن سان رنگي، هڪ منفرد پيغام جي لاٽ ٻاري وري اچي جنهاڻ جوڻيجو ڳوٺ ۾ ٿانيڪو ٿيو. شال سندس سُندر خوابن واري سنڌ ۽ ان جي آفاقي پيغام لاءِ وري اُتان ڪو نئون رُوح ڦُوڪجي نڪري…!!

