بلاگ

رام محمد ڊيسوزا تي هڪ نظر سجاد جتوئي اپريل 2022

رام محمد ڊيسوزا انڊيا جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊائريڪٽر، علي رضا، جو لکيل ناول آهي، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو عمر ميمڻ ڪيو آهي. ناول جو ترجمو سولي سنڌي ۾ ٿيل آهي ۽ ان ڪري ڪوبه سنڌي پڙهندڙ ان کي سولائي سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. ناول جي ڪهاڻي انڊيا جي هڪ ڳوٺ جي ارد گرد ڦري ٿي، جتي عيسائي، مسلمان ۽ هندو سڀ گڏ رهن ٿا. ناول جو موضوع مذهب آهي، پر ان سان گڏوگڏ سماجي براين کي به نروار ڪري ٿو.

ناول جو پلاٽ انتهائي دلچسپ آهي، جنهن ۾ ڪافي مزيدار واقعا رونما ٿين ٿا. 96 صفحن تي مشتمل هن ناول جي شروعات رحيم، هڪ مکيه ڪردار، جي عمر ۽ هن جي پراڻي لال رنگ جي ترڪي ٽوپي سان انسيت ۽ ڪردار کي بيان ڪندي ٿئي ٿي. ان کان علاوه ابتدا ۾ ئي ٻين ٻن مکيه ڪردارن، رابرٽ ۽ نندن جو به ڪردار بيان ٿيل آهي. اهي ٽئي پاڻ ۾ گهرا دوست آهن. حالانڪه انهن جو تعلق مختلف مذهبن سان آهي. انهن جي نالن مان ئي صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هڪڙو عيسائي آهي، ٻيو مسلمان ۽ ٽيون هندو آهي. انهن کي بدمعاش، چور ۽ غنڊو ڏيکاريو ويو آهي، جن پوري علائقي ۾ آزار ڪيو آهي ۽ جيڪي چوري ڪرڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندا هن ۽ جن جي سامهون علائقي جي پوليس به بيوس هوندي آهي. انهن جي ڪردار کي ڪافي منفي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، پر تنهن هوندي به انهن بدمعاشن جي باري ۾ اهو ذڪر ڪيل آهي ته هو اصول پرست آهن. ڇاڪاڻ ته هو ايتري ئي چوري ڪندا آهن جيتري انهن جي ضرورت هوندي آهي يا جيترو هو کائي سگهن.  بهرحال، ناول سهڻي نموني سان اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ معمول مطابق واقعا ٿيندا رهن ٿا. ناول ۾ دلچسپ موڙ تڏهن اچي ٿو. جڏهن هنن ٽنهي دوستن کي هڪ ٻوڏ متاثر گهر مان هڪ صغير ٻارڙو ملي ٿو. گهر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي ۽ ڪافي زبون حالت ۾ آهي جيڪو ڪنهن به وقت ڊهي سگهي ٿو. ٻار هڪ ڪاٺ جي تختي تي پيل آهي ۽ معجزاتي طور تي بچي ويو آهي. ان ئي گهر ۾ هنن کي هڪ عورت جو به لاش هٿ اچي ٿو جيڪا ممڪن آهي ته ان ٻار جي ماءُ هجي. هي ٽئي دوست ان لاش کي ڪڍي سيلاب جي پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏين ٿا. ٻار جي خوبصورتي ۽ ان جي لاوارثي هنن ٽنهي جي دل ۾ رحم پيدا ڪري ٿي ۽ هو ان کي ساڻ کڻن ٿا. رابرٽ هنن کي چوي ٿو ته هو هي ٻار جولي، جيڪا طلاق يافته آهي ان کي گفٽ ڪندو. ڇاڪاڻ ته جڏهن جولي جو پنهنجو پٽ مري ويو هو ته هن ان کي آٿت ڏني هئي ته هو ان کي ٻيو ٻار آڻي ڏيندو.  رحيم ۽ نندن ان ڳالھ تي راضي ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح ٻار جولي کي ملي ٿو جيڪا ان خوشيءَ ۾ دعوت ڪري ٿي. ان دعوت ۾ عيسائي برادري جا ماڻهو اچن ٿا ۽ انهن سان گڏ رحيم ۽ نندن به شرڪت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هو رابرٽ جا دوست آهن. هتي ناول جو اصل سسپينس شروع ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي ڳالھ اچي ٿي مذهب جي. جيئن ته ٻار جولي جي حوالي ڪيو ويندو آهي، تنهڪري هو پادري کي ساڻ ڪري ٻار کي چرچ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ رواني ٿئي ٿي ته هي ٻئي، رحيم ۽ نندن، سوال ڪن ٿا ته هي ٻار ڪيڏانهن نيو پيو وڃي. جنهن تي کين جواب ملي ٿو ته ٻار کي بيپٽائيزbaptize  ڪرڻ لاءِ چرچ وڃن پيا (جيئن اسان مسلمانن وٽ ٻار جي ڇٺي ڪري ان کي نالو ڏنو ويندو آهي ايئن ئي عيسائين ۾ ٻار کي بيپٽائيز ڪيو ويندو آهي). جواب ٻڌڻ تي نندن جو مذهبي شعور جاڳي پوي ٿو ۽ هو سوچي ٿو ته ٻار ته هندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ ۾ هندن جي اڪثريت هئي جتان انهن کي ٻار مليو هو. اهو سوچيندو هو جولي کان ٻار کسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن تي رابرٽ سان هٿين پئجي وڃي ٿو. هيڏانهن وري رحيم جو به مذهبي جنون جاڳي پوي ٿو. هو هنن ٻنهي کي وڙهندو ڏسي موقعي جو فائدو وٺي جولي کان ٻار ڦري ڀڄي ٿو. رابرٽ ۽ نندن اهو ٻڌي وڙهڻ ڇڏي رحيم جي ڪڍ لڳن ٿا، پر رحيم هنن کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. هتي ناول صفا دلڪش ۽ پڙهندڙ بي صبر ٿي وڃي ٿو. ناول پنهنجي پڄاڻي تائين موهيندڙ رهي ٿو. رحيم ٻار جي نوراني چهري مان قياس آرائي ڪري ان نتيجي تي پهچي ٿو ته ٻار مسلمان آهي. تنهنڪري هو وڏا جتن ڪري ٿو ته ڪيئن هو ان کي هندن ۽ عيسائين کان بچائي. جڏهن ته نندن ڳوٺ ۾ هندن جي آبادي وارو دليل پيش ڪري ٻار کي هندو سمجهي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هي ٻئي دوست ان مقصد ۾ لڳي ٿا وڃن ته هن صغير ٻار کي حاصل ڪري پنهنجي مذهب کي بچائين. هو ٻار ۾ پنهنجي دين جي بقا ڏسن ٿا.  تقريبن ناول جي باقي حصي ۾ هنن جي جدوجهد جو ذڪر آهي. نندن ٻار کي حاصل ڪرڻ جو ترڪيبون ۽ اٽڪلون سوچي ٿو ته رحيم وري ٻار کي لڪائڻ، ان لاءِ کير جو بندوبست ڪرڻ لاءِ جستجو ڪري ٿو. هوڏانهن وري رابرٽ ڪرسچن مشينريز کان مدد گهري ٿو ته جيئن هو ڇوڪر کي حاصل ڪري جولي سان پنهنجو وچن نڀائي سگهي. ناول انتهائي دلچسپ ۽ من موهيندڙ آهي. مترجم موجب ته ناول نگار مذهبي تعصب کان متاثر ٿي هي ناول لکيو آهي. هن ان مختصر ناول ۾ سماج ۾ مذهب جي ڪردار کي هاءِ لائيٽ ڪيو آهي ته ڪيئن مذهب انسانن لاءِ حد بنديون ٺاهي ٿو ۽ ڪيئن انسان مذهب جي نالي تي هڪٻئي کان نفرت ڪن ٿا. هن ان ۾ اسلام جي مولوي جي به ڪردار جي عڪاسي ڪئي آهي ته هندو ڌرم ۾ ذات پات جي برائي کي به نروار ڪيو آهي. هن نندن جي ڪردار ۾ هڪ انتها پسند هندو ڌرم جي پيروڪار کي ظاهر ڪيو آهي جيڪو هڪ اڇوت عورت، راڻي، کا نفرت ڪري ٿو. ان کان علاوه ناول ۾ ٻيا به کوڙ سارا پهلو آهن. مثال طور: ان ۾ پوليس آفيسر جي ڪردار تي به روشني وڌل آهي ۽ ليکڪ اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته ڪيئن هڪ پوليس آفيسر معاشري ۾ پنھنجو ڪردار مثبت نموني سان ادا ڪري سگهي ٿو. هنن مڙني شين تي نظر ڪندي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي ناول انهن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو جيڪي سماج ۾ مذهب جي ڪردار کي ڄاڻڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

***