سنڌ گيس بحران تي تنقيد بعد پي ٽي آءِ قيادت فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ وٺي ڇڏي
سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي پنهنجي استعيفيٰ گورنر سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ان جي استعيفيٰ جي حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو. تفصيل مطابق تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي پنهنجي استعيفيٰ گورنر سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي اخلاقي طور تي استعيفيٰ مونکي ڏني آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ان جي استعيفيٰ جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گيس بحران تي پنهنجي ئي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ ئي وزيراعظم عمران خان کي به تنقيد جو نشانو بڻايو هو. ان کانپوءِ فردوس شميم نقوي پنهنجي بيان تي ٽوئيٽ ذريعي معذرت به ڪئي هئي، پر پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مرڪزي قيادت فردوس شميم نقوي کان فوري طور تي اپوزيشن اڳواڻ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کانپوءِ فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي پارٽي جي سمورن ميمبرن سان مشورا ڪيا آهن. جڏهن ته اعليٰ اڳواڻن سان به رابطي جي ڪوشش ڪئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته فردوس شميم نقوي هن معاملي تي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ اسلام آباد به ويو، پر اتي ٻه ڏينهن ترسڻ جي باوجود هن جي وزيراعظم سان ملاقات نه ٿي سگهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعن فردوس شميم نقوي کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي جي بطور اپوزيشن ليڊر ڪارڪردگي بهتر نه هئي جنهن جي ڪري ان کان استعيفيٰ طلب ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته فردوس شميم نقوي جي تڪراري بيانن سان به مسئلا پيدا ٿيا. ڪجهه ايم پي ايز کي فردوس شميم نقوي کان سخت رويي جون به شڪايتون هيون ۽ ان کان استعيفيٰ وزيراعظم عمران خان جي طرفان طلب ڪئي وئي هئي. ذريعن مطابق فردوس شميم نقوي جي استعيفيٰ کانپوءِ ٻئي اسيمبلي ميمبر کي اپوزيشن ليڊر بڻايو ويندو.

