خاص

سنڌ ۾ هلندڙ سال عرب شاهي خاندانن جي 14 شخصيتن کي شڪار جي اجازت ڏني وئي

سنڌ ۾ هلندڙ سال عرب شاهي خاندانن جي 14 شخصيتن جي تلور جي شڪار جا اجازت ناما جاري ڪيا ويا. پرڏيهي وزارت صوبن کي وائلڊ لائف قانونن تحت هنٽنگ لائسنس جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. دستاويزن موجب وفاق سنڌ کي درخواست ڪئي هئي ته عرب شيخن کي شڪار جي اجازت ڏني وڃي. انهن ۾ عرب اماراتن جو صدر ۽ بحرين جو وزيراعظم به شامل آهن. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عرب اماراتن جي صدر کي بدين، سانگهڙ، گهوٽڪي، نوابشاهه ۽ خيرپور ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي. اماراتي شاهي گهراڻي جي رڪن شيخ همدان کي خيرپور، لاڙڪاڻي، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي. دستاويزن موجب دبئي پوليس جي هيڊ آف ڪمانڊ ميجر جنرل شيخ احمد کي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ننگرپارڪر ۾ شڪار جي اجازت ملي. جڏهن ته عرب اماراتن جي شاهي خاندان جي رڪن شيخ سلطان بن نهيان کي ميرپورخاص ضلعي ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ بن سلمان کي ڄامشوري ۾ ٿاڻي بولا خان، ڪوٽڙي ۽ سجاول ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي. دستاويزن موجب بحرين جي شاهي خاندان جي سينيئر رڪن شيخ ابراهيم بن حماد عبادالله کي ضلعي سجاول ۾ شڪار جي اجازت ملي. جڏهن ته 80 ٻين شاهي خاندانن جي ميمبرن ۽ عرب شيخن کي مختلف علائقن ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي.