تاريخ 24 مارچ 1931ع جي صبح جو لاهور سينٽرل جيل ۾ ٽن نوجوانن کي ڦاسي ڏيڻي هئي. قانون مطابق هر خاص و عام کي ڦاسي ڏينهن جي شروعات ۾ ڏني ويندي هئي، پر ان ڦاسي بلڪه ڦاسين جي خلاف عوامي رد عمل ان قدر سخت هو ته ڦاسي جي وقت جيل تي حملي جو به خطرو هو. ان لاءِ انهن ٽنهي فردن کي هڪ ڏينهن پهرين يعني 23 مارچ 1931ع تي شام جو ساڍي ستين وڳي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انهن ٽنهي تي هڪ انگريز آفيسر کي قتل ڪرڻ جو الزام هو. اهي ٽئي سچا دوست ۽ آزادي واري تحريڪ جا سپهه سالار هئا. ٽئي نوجوان ساڳئي عمر جا هئا. ڦاسي جي تختي تي پهچڻ کانپوءِ ٽنهي پنهنجي پنهنجي ڦندي کي چميو ۽ خوشيءَ خوشيءَ سان پاڻ ئي پنهنجي ڳچي ۾ پائي ورتو. ٽنهي کي گڏ ئي ڦاسي ڏني وئي. ساڄي پاسي وارو پنجابي شير سکھه ديو هو، جڏهن ته کاٻي پاسي راج گرو هو ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ پنجاب جو بهادر سپوت سردار ڀڳت سنگھه هو.
فيصل آباد جڙانوالا روڊ تي “بنگي” اسٽاپ تي پنج ڪلو ميٽر اندر سفر ڪرڻ تي هڪ بنگي ڳوٺ آهي، جنهن کي هن وقت ڀڳت سنگھه ڳوٺ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هتي 1890ع جي تعمير ٿيل هڪ حويلي آهي، جتي پنجاب جي هڪ بهادر سپوت سردار ڀڳت سنگھه جنم ورتو هو. انهيءَ ڏينهن ڀڳت سنگھه جو والد ڪشن سنگھه ۽ ان جو چاچو جيل کان آزاد ٿيا هئا. پيءُ چاچو ٻئي تحريڪ آزادي جا سرگرم ميمبر هئا. والدين ڀڳت سنگھه جي لاءِ ذرگان نالي ڇوڪريءَ کي پسند ڪيو، ايستائين ته ڀڳت سنگھه جا دوست مٽ مائٽ به انهيءَ کي ڀاڄائي سڏيندا هئا، پر ڀڳت سنگھه چوندو هو ته سندس شادي تحريڪ آزادي سان ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي موت ئي هن جي ڪنوار آهي. بنگي ڳوٺ ۾ اهو پرائمري اسڪول اڄ به آهي جتان کان ڀڳت سنگھه شروعاتي تعليم حاصل ڪئي هئي.
ورهاست کانپوءِ 1947ع ۾ سردار ڀڳت سنگھه جي اها حويلي ورڪ برادري جي حوالي ڪئي وئي ۽ اڄ ان جو ٽيون نسل ان حويلي کي وڏي خوبصورتي سان سنڀاليو پيو اچي. حويلي جا پهريان ٻه ڪمرا آرٽ گيلري جو درجو رکن ٿا، جتي چئني پاسي ڀڳت سنگھه ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جون اڪثر تصويرون بلڪل اصلي آهن. جنهن وقت ڀڳت سنگھه کي ڦاسي ڏني وئي، ان وقت سندس عمر 24 سال هئي. هڪ ڪمري ۾ اڌ ڀت تي ڀڳت سنگھه جي اها مشهور تصوير وڏي ڪري لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ هو هٿن ۾ هٿڪڙي پائي جيل سپرنٽينڊنٽ سان گڏ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ڀڳت سنگھه جو پيءُ ماءُ، ڀيڻ ڀاءُ، يار دوست، مڱيندي سڀ تصويرن جي صورت ۾ هتي موجود آهن. ڀڳت سنگهه تي لکيل ايف آءِ آر جو هڪ نقل به هتي هنيو ويو آهي. اتي ڀڳت سنگهه جي ماءُ جو چرخو ۽ اٽو پيهڻ واري جنڊ جا پڙ به پيا آهن. ڀڳت سنگھه ۽ ان جي دوستن کي جڏهن ڦاسي ڏني وئي ته لاهور سينٽرل جيل جي پوئين ڀت ٽوڙي رات جي وقت ٽنهي جي لاشن کي هتان کان قصور ۾ ستلج درياءَ جي ڪناري نيو ويو، جتي اڄ هيڊ سليمانڪي آهي. ٽنهي جي لاشن کي سک مذهب جي مطابق ساڙيو ويو. جسم اڃان مڪمل ريت سڙيا به نه هئا ته انهن کي ستلج درياءَ ۾ وهايو ويو.
ايتري ۾ ماڻهن تائين به ان سموري عمل جو اطلاع پهچي چڪو هو. عوام جا ميڙ ان جڳھه پهتا، بچيل سچيل ٽڪرن کي گڏ ڪري نهايت عزت ۽ احترام سان آزادي جي ٽنهي پروانن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. ورهاست کانپوءِ اها جڳھه چوڪي نمبر 1961 سڏي ۽ پاڪستان جي حصي ۾ آئي، مگر مارچ 1961ع ۾ ڳالهين کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي جي سبب کان اها چوڪي نمبر 201 ۽ ڪجھه وڌيڪ علائقا ڀارت جي حوالي ڪيا ويا. جيستائين اها چوڪي پاڪستان وٽ رهي، ان تي ڪجھه ڪم نه ڪيو ويو، مگر ڀارت کي شاباس آهي هن انهيءَ جڳهه جي اهميت کي سمجهيو. ڀارت بعد ۾ هتي هڪ شاندار يادگار تعمير ڪئي ۽ آزادي جي انهن ٽنهي هيروز جا مجسما نصب ڪيا. زنده قومون ائين ئي هونديون آهن، جيڪي پنهنجن هيروز کي سدائين ياد رکن ٿيون.