بلاگنئون

ون ويلنگ: زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ٽول پلازه

ون ويلنگ ڪجهه نوجوانن لاءِ اهو صرف هڪ “اسٽائل” يا “ايڊوينچر” آهي، پر حقيقت ۾ اهو موت سان کيڏڻ جو نالو آهي. هڪ ڦيٿي تي ڊوڙندڙ موٽرسائيڪل، تيز رفتار، ڪنٽرول کان ٻاهر توازن اهي سڀ عنصر گڏجي اهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪن ٿا، جتي هڪ معمولي غلطي به زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق بڻجي سگهي ٿي. روڊ، جيڪي سفر جي سهولت لاءِ ٺهيا آهن، جڏهن انهن تي اهڙي بي احتياطي جو مظاهرو ٿئي ٿو ته اهي ئي روڊ حادثن جا ميدان بڻجي وڃن ٿا. ون ويلنگ صرف قانون جي ڀڃڪڙي ناهي، پر اهو انساني زندگيءَ سان کليل مذاق آهي. هڪ اهڙو مذاق، جنهن جي پڄاڻي اڪثر رت، زخمن ۽ پشيماني ۾ ٿئي ٿي. بدقسمتي سان هي خطرناڪ رجحان هاڻي سنڌ جي هر شهر ۾ وبا جيان پکڙجي چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن اندر 800 کان وڌيڪ نوجوان هن جنون جو شڪار ٿي زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي نوجوان پنهنجي جسم جا اهم عضوا به وڃائي ويٺا آهن. اسپتالن ۾ داخل نوجوانن جا منظر، سندن والدين جون آليون اکيون ۽ ڊاڪٽرن جي بي وسي اهي سڀ هڪ اهڙي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا، جيڪا اسان جي سماج جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي. هي رڳو انگ اکر نه آهن، پر هر هڪ انگ پٺيان هڪ ٽٽل خواب، هڪ اجڙيل گهر ۽ هڪ ختم ٿيندڙ مستقبل لڪل آهي.

عيد جهڙي خوشيءَ واري ڏينهن تي، جڏهن اسان دوستن سان گڏ شهر جي شور شرابي کان بچڻ لاءِ دادو باءِ پاس جو رخ ڪيو ته اميد هئي ته ڪجهه پل سڪون جا نصيب ٿيندا، پر جيڪو منظر اتي ڏٺو، اهو سڪون جي تلاش کي بي معنيٰ بڻائي ويو. هر چند منٽن کانپوءِ نوجوانن جا ٽولا موٽرسائيڪلن تي ون ويلنگ ڪندا، تيز رفتاري سان اسان جي سامهون گذرندا رهيا. سندن موٽرسائيڪلن مان نڪرندڙ تيز آواز، خاص سائلينسرن جي ڪري، اهڙو شور پيدا ڪري رهيو هو، جو هو پري وڃڻ باوجود به اهو آواز ڪنن ۾ گونجندو رهيو. اهو صرف شور نه هو، پر اهڙي لاپرواهي جو اعلان هو، جيڪا ڪنهن به لمحي حادثي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته اهي موٽرسائيڪلون عام نه هيون، پر واضح طور تي ون ويلنگ لاءِ تيار ڪيل لڳي رهيون هيون. نه بيڪ لائيٽ، نه مڊگارڊ، نه هيلمٽ نه ڪو حفاظتي خيال ڄڻ ته انهن کي روڊ لاءِ نه، پر خطري لاءِ تيار ڪيو ويو هجي. سوال اهو آهي ته اهي بائيڪس آخر ڪٿان اچي رهيون آهن؟ ڇا اهي نوجوان انهن بائيڪن کي گهر ۾ نه ڪاهي ويندا هوندا؟ جيڪڏهن ڪاهي ويندا هوندا ته پوءِ والدين جي اکين کان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن لڪيل رهي ٿو؟ ڇا اسان جو سماج هاڻي ايترو بي حس ٿي ويو آهي، جتي اولاد جي اهڙي خطرناڪ سرگرميءَ کي به نظرانداز ڪيو وڃي ٿو؟ اصل مسئلو صرف نوجوانن جو جذبو يا بيوقوفي نه آهي، پر ان پٺيان موجود لاپرواهي آهي. والدين جي ذميواري صرف کاڌو کارائڻ يا تعليم ڏيارڻ تائين محدود نه آهي، پر اولاد جي عادتن، سندن دوستن ۽ سندن روزمره جي سرگرمين تي نظر رکڻ به ان جو اهم حصو آهي. جڏهن هڪ نوجوان روزانو اهڙي بائيڪ تي سوار ٿئي، جيڪا واضح طور تي غير قانوني ۽ خطرناڪ آهي ته اهو صرف ان جي ذاتي غلطي نه هوندي، پر اهو گهر جي نگراني جي ڪمزوري جو به نتيجو هوندو آهي ۽ جڏهن اهڙي لاپرواهي حادثي ۾ تبديل ٿئي ٿي ته پوءِ اسان جي سماج جو هڪ ٻيو رخ سامهون اچي ٿو الزام تراشي. جڏهن ڪو نوجوان زخمي ٿئي ٿو يا خدانخواسته پنهنجي جان وڃائي ويهي ٿو ته پوءِ سڄو الزام ڊاڪٽرن تي مڙهيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته علاج ۾ غفلت ٿي، دير ٿي وئي، ڌيان نه ڏنو ويو، پر ڪو اهو سوال نٿو ڪري ته اهو نوجوان اسپتال تائين پهتو ڪيئن؟ ان جي زخمن جو سبب ڇا هو؟ ڇا ان جي پويان اسان سڀني جي گڏيل خاموشي ۽ لاپرواهي شامل نه هئي؟

ون ويلنگ جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اهو صرف هڪ فرد تائين محدود نٿو رهي. جڏهن ڪو نوجوان ڪنٽرول وڃائي ٿو ته هو پاڻ سان گڏ ٻين بيگناهه ماڻهن کي به حادثي جو شڪار بڻائي ٿو. هڪ عام ماڻهو، جيڪو پنهنجي ڪم سان نڪري ٿو، اوچتو ڪنهن جي بيوقوفيءَ جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. ڪنهن جي گاڏي ٽڪرائجي، ڪنهن جي زندگي ختم ٿي وڃي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو ڪهڙو انصاف آهي، جتي بيوقوف جي “شوق” جي قيمت ٻيو پنهنجي جان سان ادا ڪري؟

روڊن تي هلندڙ اهي منظر هاڻي هڪ “ننگو ناچ” بڻجي چڪا آهن، جتي قانون جي بالادستي نظر نٿي اچي. نوجوان بي خوف ٿي، ڪنهن به روڪ ٽوڪ کانسواءِ، پنهنجي جان ۽ ٻين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن ۽ ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي. پوليس، جنهن جو ڪم قانون تي عمل ڪرائڻ آهي، اها يا ته نظر نٿي اچي يا وري نظرانداز ڪري رهي آهي. جيڪڏهن شهر جي اهم رستن تي ڏينهن ڏٺي جو اهڙا خطرناڪ عمل ٿين ٿا ته پوءِ اهو سوال لازمي ٿو پيدا ٿئي ته آخر قانون جي عملداري ڪٿي آهي؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن مسئلي کي رڳو هڪ “شوق” يا “نوجواني جي شرارت” سمجهي نظرانداز نه ڪيو وڃي. اهو هڪ سنجيده سماجي مسئلو آهي، جنهن لاءِ گڏيل ذميواري جي ضرورت آهي. والدين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تعليمي ادارن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي ۽ سڀ کان اهم، پوليس ۽ انتظاميه کي بنا ڪنهن رعايت جي قانون تي عمل ڪرائڻو پوندو. ڇو ته جيڪڏهن اڄ به اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي هي خاموشي ڪيترن ئي گهرن جي خوشين کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيندي. روڊ رڳو سفر لاءِ هوندا آهن، نه ڪي موت جي راند لاءِ. نوجوانن جو مستقبل ڪنهن عارضي جنون جي نذر ٿيڻ نه گهرجي. هر والدين، هر استاد ۽ هر ذميوار شهري کي اهو سوال پاڻ کان پڇڻو پوندو ته ڇا اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪري رهيا آهيون يا رڳو تماشو ڏسي رهيا آهيون؟