بلاگخاص

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط: 3

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ

بهرحال اسان وقت سان گڏ ڏٺو ته سنگاپور جي وزيراعظم نه فقط قانون ٺاهيا، پر انهن کي Implement به ڪرايو. فليٽن ۾ رهڻ واري ڪنهن قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي ٿي ته پهرين دفعي ان تي ڏنڊ هنيو ويو ٿي، ٻئي دفعي هفتو ٻه جيل ۽ ٽئي دفعي ان جو فليٽ ضبط ڪيو ويو ٿي. اڄ سڄو سنگاپور فليٽن سان ڀريل آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان پُر سڪون رهائش سنگاپور ۾ آهي. سنگاپور ۾ MTR ريلوي شروع ٿي ته ان سان به قانون لاڳو ٿي ويا ته ڪوبه ٽرين ۾ دُورين جهڙو بدبودار ميوو کڻي نه چڙهندو، ڪوبه چيغم نه کائيندو، ڪوبه ٿڪ نه اڇلائيندو وغيره وغيره ۽ ان لاءِ اڄ تائين 50 ڊالر يعني اسان جا چار هزار رپيا ڏنڊ مقرر آهي. سنگاپور ۾ نشو پتو به خوب هليو ٿي. لي ڪئان يو قانون ڪڍيو ته ڪوبه چرس، گانجو، هيروئن جي چپٽي به وڪڻندو، رکندو ڪنهن کي ڏيندو يا استعمال ڪندو ته ان کي ڦاهي ڏني ويندي. آمريڪا، انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزي لينڊ جهڙن طاقتور ملڪن جي سياحن ان کي چرچو سمجهيو… ۽ پوءِ انهن ملڪن جا سفارت خانا ۽ وزيراعظم اپيلون ڪندا رهيا، پر سنگاپور جو ڦاهي گهاٽ بزي رهيو ۽ اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ساڳيو قانون مهاتير محمد به پنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ رکيو ۽ پهريان ٻه جيڪي ڦاهي تي چڙهيا اهي نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا جا هئا. اتي به اڄ تائين اهو قانون هلندو اچي ۽ مڪاني توڙي ڌاريان سڀ سڌا ٿيو پيا هلن.

مهاتير جو پيءُ ماستر هو ۽ گجرات کان لڏي ملائيشيا (انهن ڏينهن ۾ ملايا) جي ڪيداح رياست ۾ اچي رهيو. لي ڪئان يو جي فيملي امير هئي ۽ اهي به ٻاهران (چين کان) لڏي سنگاپور اچي رهيا. لي ڪئان يو جو پڙ ڏاڏو “لي باڪ بون” جيڪو چين جي گئان ڊانگ صوبي ۾ 1846 ۾ ڄائو، اتان 1863ع ۾ لڏي سنگاپور آيو هو. سندس تعلق “هَڪا” چيني ٻولي ڳالهائڻ وارن سان هو سنگاپور هڪ ويران ٻيٽ هو جنهن جي منهن وٽ جتي سنگاپور ندي ڇوڙ ٿي ڪري سئو ٻه سئو مهاڻا ۽ بشني قسم جا ماڻهو رهيا ٿي. باقي سڄو ٻيٽ جنگل ۽ ڌٻڻ هو. ملايا جي جوهور رياست وانگر هي ٻيٽ به ملئي سلطان جي ملڪيت هو. پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري بيٺڪ لاءِ سر ٿامس اسٽئمفورد رئفلس 1819ع ۾ جوهور جي سلطان کان خريد ڪيو، جيڪو پوءِ 1826ع ۾ برطانيه حڪومت حوالي ڪيو ويو. انگريزن هن کي پڻ پينانگ ٻيٽ ۽ ممبئي وانگر ٺاهيو سجايو، اوسي پاسي جي اميرن توڙي غريبن کي هتي اچي بزنس ۽ پورهئي ڪرڻ لاءِ همٿايو. انگريزن جو انڊيا تي راڄ ته اڳئين هو جتان هو تامل، سک، گجراتي به وٺي آيا ته جيئن هي اچي جنگلن جي صفائي ڪن، بزنس ڪن، دڪان هلائين روڊ رستا ۽ ريلوي ٽريڪ وڇائين، مينهون ڍڳيون پالين، ڌوٻي ٿي ڪپڙا ڌوئين… اڄ به ڌوٻين وارو اهو علائقو ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو ۽ ان ئي نالي سان ريلوي اسٽيشن Dhoby-Ghaut MRT-Station آهي. پوءِ جيئن جيئن ماڻهن جي رهائش ٿي ته چين جي ڏاکڻي صوبي کان چيني به اچڻ لڳا جن ۾ لي ڪئان يو جو پڙ ڏاڏو شروعاتي آيل ماڻهن مان هو. هن سِيو (Seow Huan Nio) نالي  هڪ چيني دڪاندار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. کيس 1871ع ۾ “لي هُو لينگ” نالي پٽ ڄائو جيڪو وڏو ٿي ڊسپينسر ٿيو. ياد رهي ته چيني نالن ۾ ذات اڳيان اچي ٿي ۽ هنن جي ذات لي (Lee) هئي. هُون لينگ يارهن سالن جو هو ته سندس پيءُ، زال ۽ ٻار کي ڇڏي واپس چين هليو ويو، جتي ٻن سالن بعد 1884ع ۾ گذاري ويو. لي هُون لينگ (Lee Hoon Leng) ڪولِيم نيو نالي سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ چينياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اسان واري وزيراعظم جو پيءُ لي چِن ڪُون (Lee Chin Koon) ڄائو. چِن ڪُون چُئا جِم نيو (Chua Jim Neo) نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کين 1923ع ۾ “لي ڪئان يو” پٽ ڄائو. مون کي ياد آهي ته اسي واري ڏهاڪي جي ڪنهن سال ۾ اسان سنگاپور ۾ رهيل هئاسين ته شام جو ٽي وي تي خبر ٻڌي سين ته ملڪ جي وزيراعظم لي ڪئان يو جي والده “چُئا جِم نيو” گذاري وئي آهي. اسان سمجهيو ٻئي ڏينهن آفيسون بند رهنديون ۽ ٽي وي ٻيا پروگرام بند ڪري سڄو ڏينهن مائي “چُئا” جي مرڻ ۽ دفن ڪفن جو رسم رواج ۽ روڄ راڙو هلندو، پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي، جنهن مان ملڪ ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ ڪا رد و بدل اچي. اهڙي طرح ستر واري ڏهاڪي ۾ اسان جو جهاز جاپان ۾ بيٺو هو ته اتي جو وزيراعظم گذاري ويو. اسان سمجهيو ته ٻئي ڏينهن ڪم ڪاريون سڀ بند رهندا، پر ڪجهه نه ٿيو هر ڳالهه نارمل هلندي رهي. مون پنهنجي مڪاني آفيس ۾ جاپاني مئنيجر کي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته موڪل ڪيو، ته هن مون ڏي حيرت مان ڏسي چيو: “ڇا مطلب؟ هڪ وزيراعظم مئو اهو نقصان ۽ ٻيو موڪل ڪري ڪاروبار جو نقصان ڪيون!”

اسان واري سنگاپوري وزيراعظم “لي ڪئان يو” جو ڏاڏو “لي هون لينگ” سنگاپور جي “رئفلس انسٽيٽيوشن” مان انگريزي تعليم حاصل ڪئي هئي. ان بعد ڪجهه سال ڪمپائونڊر (فارماسسٽ) ٿي رهيو. ان کانپوءِ هن هڪ آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) تي پرسر ٿي ڪم ڪيو. جهاز تي نوڪري دوران هن “جاوا” ٻيٽ تي رهندڙ هڪ سورهن سالن جي چينياڻي ڇوڪري “ڪو لائيم نئو” (Ko Liem Nio) سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر 26 سال. هيءَ سال 1987ع جي ڳالهه آهي.

انهن ڏينهن ۾ جتي ملايا (اڄ واري اوڀر ملائيشيا)، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو، اتي اڄ وارن انڊونيشي ٻيٽن جاوا، سماترا ۽ بالي وغيره تي ڊچن جي حڪومت هئي، جن جو تعلق هاليڊ سان هو، جيڪو ملڪ نيدرلينڊ به سڏجي ٿو. لي ڪئان يو جي هيءَ ڏاڏي “ڪو لائيم نِيئو” سيمارنگ نالي شهر ۾ رهي ٿي، جيڪو جاوا ٻيٽ جو گادي وارو شهر ۽ وڏو بندرگاهه پڻ آهي ۽ اڄ به هي شهر Semarang انڊونيشيا جو جڪارتا، سوربايا، باندنگ ۽ ميدان بعد پنجون نمبر وڏو شهر آهي، جنهن جي آدمشماري 60 لک کن ٿيندي.

انڊونيشيا جي ٻيٽن تي ڊچ ٻولي پڙهائي وئي ٿي، پر چيني هوشيار ماڻهو آهن، هنن انگريزي جي اهميت سمجهي ٿي ۽ “ڪولائيم نئو” کي انگريزي اسڪول ۾ پڙهايو ويو. “لي هون لونگ” جو مامو امير ماڻهو هو. هو سنگاپور جي ڪٽونگ مارڪيٽ جو مالڪ هجڻ کان علاوه رٻڙ جي ڪيترين ئي جاگيرن جو مالڪ هو ۽ اڄ واري آرچرڊ روڊ تي هن جا ڪيترائي گهر هئا. لي هون لونگ آخرڪار ن جهازران ڪمپني “هيپ اِنگ موهه” جو وڃي M.D (مئنيجنگ ڊائريڪٽر) ٿيو. هتي اهو لکندو هلان ته هن جهازران ڪمپني جو مالڪ “اوئي تئانگ هام” (Oei Toing Ham) انڊونيشي امير چيني ٿي گذريو آهي، جنهن جي نه فقط مٿين جهازران ڪمپني هئي، پر ڪيترائي کنڊ جا ڪارخانه هئا. پاڻ 1866ع ۾ سيمارانگ (جاوا) ۾ ڄائو هو. هو “Man of 200 Million” جي لقب سان به مشهور آهي، جو هن مرڻ وقت پنهنجي 200 ملين گلڊر (هالينڊ جو سڪو) جي جاگير سنگاپور کي ڏيئي ڇڏي. سنگاپور ۾ سندس نالي Oei Toing Ham Road آهي ۽ ان کان علاوه هالينڊ روڊ ڀرسان Oei Toing Ham Park باغيچو پڻ آهي عمر ۾ هي توڙي لي ڪئان يو جو ڏاڏو “هون لينگ” هندستان جي موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ جيڏو هو، جيڪو 1869ع ۾ ڄائو هو. هتي اهو به لکندو هلان ته “هون لينگ” ان وقت جي فيشن موجب ٻي شادي به ڪئي ۽ کيس ڪل پنج ڌيئرون ۽ ٽي پٽ هئا. هن جي پُٽ “لي چن ڪُون” جيڪو انگريزي اسڪول مان پڙهيو ۽ “چُئا جَم نيو” سان شادي ڪئي گهر نمبر 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي رهندا هئا، جتي 1923ع ۾ کين “لي ڪئان يو” نالي پٽ ڄائو.

پڙ ڏاڏو: Lee Bok Bon، 1846ع ۾ چين ۾ ڄائو، 1863ع ۾ سنگاپور لڏي آيو جتي Seow Huan Nio سان شادي ڪئي. 1882ع ۾ چين موٽي ويو، جتي ٻن سالن بعد 1884ع ۾ گذاري ويو.  

ڏاڏو: Lee Hoon Leng، 1871ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو، 1897ع ۾ Ko Liem Nio سان شادي ڪئي.

پيءُ: Lee Chin Koon، Chua Jim Neo سان شادي ڪيائين. پاڻ: Lee Kuan Yew، 1923ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو، 1959ع ۾ وزيراعظم ٿيو. 2115ع ۾ گذاري ويو، Kwa Geok Choo سان شادي ڪيائين.

پُٽ: Lee Hsien Loong، 2004ع ۾ سنگاپور جو وزيراعظم ٿيو، Ho Ching سان شادي ڪيائين.