سڄي دنيا جا حڪمران عوام جو ۽ عمران خان چندي جو سوچيندو آهي: بلاول ڀٽو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا جا حڪمران پنهنجي عوام جي فائدي جو سوچيندا آهن، پر عمران خان چندو وٺڻ جي نئين ترڪيبن تي غور ڪندو آهي. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غريب عوام هن مهانگائي مان بيزار ٿي ويو آهي هو هاڻ ميڊيڪل اسٽورن تي پئسا گهٽ هجڻ سبب دوا خريد ڪرڻ کانسواءِ واپس وڃي رهيو آهي. غريب جو آواز بڻجڻ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي. دوائن جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو واڌ عام ماڻهو کان زندگي جو حق ڦري وٺڻ جي برابر آهي. وزيراعظم هائوس جي ٿڌي ڪمري ۾ ويهي عمران خان کي ان والدين جي تڪليف جو ڪوبه احساس ناهي جيڪي ٻارن جي اسڪول جي في به ادا ناهن ڪري رهيا. وزيراعظم صاحب ملڪ ۾ مهانگائي رڪارڊ وڌي وئي آهي، هاڻ اسان ٿورو گهبرائي وٺون. بلاول ڀٽو چيو ته مهانگائي جي خاتمي جو دعويدار عمران خان مسواڙ جي گهر ۾ رهندڙ عام ماڻهو جي مهيني جو بجيٽ ٺاهي ڏيکاري. هن وزيراعظم جي هوندي ڪابه هڪڙي عيد اهڙي ناهي گذري جنهن ۾ مهانگائي سبب نوان ڪپڙا تيار ڪرائڻ هڪ گهر جي لاءِ آسان هجي. ڪرپشن جي خلاف مهم جو آسرو ڏئي عوام کي کنڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهين قطارن ۾ بيهاريو ويو آهي. سڄي دنيا جا حڪمران پنهنجي عوام جي فائدي جو سوچيندا آهن، پر عمران خان چندو وٺڻ جي لاءِ نئين ترڪيبن تي غور ڪندو آهي. ان جي تبديلي اها آهي ته پنهنجي سرمائيدار دوستن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏئي عام ماڻهو کي مهانگائي طرف ڌڪيو پيو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته لنگر خانا کولڻ سان غربت ختم ناهي ٿيندي. اوهان کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو. اوهان اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي تي 68 رپيا وڌيڪ ڏيندڙ عام ماڻهو کان ماني جي گرهه کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن حڪمران پاڻ چور هوندو آهي ته ملڪ ۾ مافيا بي لغام ٿي وڌيڪ منافعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر شيءِ مهانگي ڪري ڇڏيندي آهي. آءِ ايم ايف جي حڪم تي ٽيڪسن جو وزن وجهڻ واري سليڪٽڊ وزيراعظم جي ڏوهن کي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو. جيڪڏهن 3 سال تبديلي لاءِ گهٽ آهن ته 8 سالن ۾ خيبر پختونخواهه ۾ سرڪاري اسپتالن جي مهانگي علاجن کان علاوه ٻي ڪهڙي تبديلي ايندي؟ بلاول وڌيڪ چيو ته عمران خان مهانگائي تي قابو نه ڪرڻ جي ذميواري کڻي ۽ استعيفيٰ ڏئي واپس گهر وڃي.

