خاص

صحافي اطهر متين ڪيس جو ٻيو جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي جي صحافي اطهر متين جي قتل ڪيس جو مک جوابدار محمد انور بروهي قمبر ۽ ڪراچي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. قمبر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ڪراچي نيو ٽائون جي ايس ايڇ او گڏيل طور مبينا مقابلي ۾ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جوابدار جو لاش قمبر اسپتال ۾ پيل آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ محمد انور بروهي کي بلوچستان جي علائقي خضدار مان ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو هو. ڌيان ۾ رهي ته ناظم آباد ۾ سما ٽي وي جي سينيئر پروڊيوسر صحافي اطهر متين کي موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.