انٽرويوخاص

عاشق عارباڻي کان (جنوري 2017 ) ۾ ورتل انٽرويو.

عاشق عارباڻي کان (جنوري 2017 ) ۾ ورتل انٽرويو

زاهده ابڙو

همسري: توهان پنهنجو مختصر تعارف اسان جي پڙهندڙن کي ڪرايو ۽ ٻڌايو ته اوهان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيئن ڪيو؟

عاشق عارباڻي: منهنجو نالو عاشق عارباڻي آهي، شروع ۾ ته صرف عاشق سڏبو هئس. مئٽرڪ کانپوءِ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز هڪ استاد جي طور تي ڪيم، جتان مئٽرڪ ڪيم اتي ئي پڙهايم. ان اسڪول جو نالو هو طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو. 1962ع ۾ مئٽرڪ ڪيم حيدرآباد جامع عربيه ۾ هڪ ڊرائنگ ٽيچر طور پڙهايم. 1964ع ۾ يونيورسٽي ۾ هڪ آرٽسٽ فوٽوگرافر جي حيثيت سان داخل ٿيس. ڪيريئر ۾ انٽري هڪ فوٽوگرافر جي حيثيت ۾ ڪيم. زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪي بائيولاجيڪل چارٽس ٺهندا هئا جن ۾ جانورن جي اندروني جسماني عضون جي مائڪرو اسڪوپ جي ذريعي فوٽوگرافي ٿيندي آهي. اهي جيوڙا جيڪي عام اک سان نظر نٿا اچن مائڪرو اسڪوپ ان کي 50 هزار دفعا وڏو ڪري ڏيکاريندي آهي. زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ اهو ڪم ٿيندو هو ۽ مان به ان جو حصو هئس. پوءِ انهن تصويرن جي بنياد تي شاگرد ٿيسز لکندا هئا ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي ڪندا هئا، تحقيق پڻ ڪندا هئا. جيئن ته مان هئس آرٽسٽ ۽ اهي چارٽس وغيره ٺاهڻ تمام جلدي سکي ورتم ۽ مان مئڪرو ۽ مائڪرو فوٽوگرافيءَ کان زندگيءَ واري فوٽوگرافيءَ ڏانهن اچي ويس. جيئن ٿر جي لائف ان ۾ ٿري چهرا، گهر گهاٽ، وڻ ٽڻ، ٻار توڙي عورتون، سندن لباس، اُٿي ويٺي، انهن جون ڪرتون پوءِ هلندي هلندي مون سوچيو ته هن ڪلچر کي مان ڪٿي سهيڙيان، فريز ڪيان، ان کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيان. ڇو ته اسان وٽ شين کي محفوظ ڪرڻ جو ڪوبه جوڳو بندوبست ناهي. يونيورسٽي ۾ به هڪ فوٽوگرافر جي طور تي ڪم ڪندو رهيس پوءِ يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ ۾ هليو ويس. 2003 ۾ يونيورسٽي مان رٽائر ٿيس، فوٽو گرافي ته اڃان به ڪندو آهيان پر 2007 ۾ هڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيس ائين سمجهو ته عرش کان فرش تي اچي ويس. حادثو ته تمام گهڻو شديد هو پر مون اهو طئي ڪيو هو ته ڊپريشن ۾ نه ويندس سو اڄ آئون جتي به آهيان تمام خوش آهيان. ڪيريئر جو آغاز ته مون گجرون ۽ ڇولا کپائي ڪيو هو. مان تمام ننڍو هئس ته منهنجو پيءُ وفات ڪري ويو پوءِ مون کي محنت ڪرڻي پئي، اسڪول به ويندو هئس ته مزدوري به ڪندو هئس، پير اگهاڙا هوندا هئا، مٿو اگهاڙو هوندو هو بس ماءُ جي دعا هئي. جڏهن طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ويس جنهن جو مالڪ تاج صحرائي هو مون کيس چيو ته آئون غريب آهيان مون کي هن اسڪول ۾ داخلا کپي. مون کي جواب ۾ چيائين ته اسان وٽ ڪيترائي غريب ٻار اچن ٿا تو ۾ ڪو خاص گڻ هجي ته توکي داخلا ڏيون. مون جواب ڏنومانس ته مان ڏاڍو سٺو ڳائيندو آهيان، جنهن تي هن جواب ڏنو ته اسان جي اسڪول ۾ هڪ پروگرام ٿيڻو آهي ان ۾ اچي پرفارم ڪجانءِ، مون ان پروگرام ۾ پرفارم ڪيو، جنهن تي تاج صحرائي صاحب مون کي اسڪول ۾ فري شپ ڏني. مون کي مفت لانچنگ ۽ بورڊنگ ملي، مفت ڪتاب ملندا هئا ۽ ايئن مون طالب الموليٰ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي، ان ئي وقت کان آئون ٿوري ٿوري شاعري به ڪندو هئس. فائن آرٽس ۾ بي. اي فرسٽ ڪلاس، ايم. اي فرسٽ ڪلاس ڪيم. پنهنجي ئي خرچ تي پندرهن کان ويهن ملڪن جو سفر ڪيم، بس ڳچي ۾ ڪئمرا هوندي هئي، کيسي ۾ پنج سئو پائونڊ وجهي ڪنهن ملڪ جي دوري تي نڪري پوندو هئس.

همسري: فوٽوگرافي جو شوق توهان کي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو ۽ ان جي لاءِ پروفيشنل ٽريننگ ڪٿان ورتي؟

عاشق عارباڻي: انسان کي جڏهن تڪليفون ۽ ڏک ملندا آهن ته هو گهڻو ڪجهه سکي وٺندو آهي. مون جڏهن فوٽو گرافي شروع ڪئي ته ان وقت ۾ ڪوبه اهڙو ادارو قائم ٿيل نه هو جتي ان جي باقاعده تعليم ڏني وڃي. فوٽو گرافي مون شوقيا شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪندو ويس. سنڌ يونيورسٽي جي باٽني ڊپارٽمينٽ ۾ منهنجي ڀاءُ جو دوست شاهنواز عارباڻي هوندو هو ان مون کي مائڪرو اسڪوپڪ فوٽوگرافي سيکاري، پوءِ وري هن احتشام الحق نقوي کي چيو ته مون کي مائڪرو اسڪوپڪ فوٽو گرافي سيکاري ان وقت ۾ ڊپارٽمينٽ جي ڪئمرا استعمال ڪرڻ جو مون کي گهٽ موقعو ملندو هو، پوءِ مون ان وقت ياشيڪا ڪمپني جي ڪئمرا ساڍا چار سئو رپين ۾ ورتي. پوءِ پنهنجو ڪم خانهءِ فرهنگ کان شروع ڪيم. اتي آغا ڪي-وان شڪوهي هوندو هو جيڪو هر تقريب ۾ مون کي گهرائيندو هو. پوءِ اهي حيدرآباد ۾ هجن يا ڪراچي ۾ مون کي گڏ کڻي هلندو هو. رضا شاهه پهلوي جي دور ۾ هنن جي هڪ وزير مون کي ايران ۾ هڪ اسائنمينٽ ڏني جيڪا مون انهن کي ڪري ڏني ۽ پوءِ مان انهن جو آفيشل فوٽوگرافر بڻجي ويس. پوءِ مون هتي پنهنجي هڪڙي تصويري نمائش ڪئي جنهن ۾ ايران جي ڪائونسل جنرل منهنجي ڪم کي سڃاتو ۽ کيس منهنجو نالو به ياد هو، هن مون کي هما ايئر طرفان پندرهن ڏينهن جو ايران جو دورو ڪرايو، جنهن ۾ آئون ايران حڪومت جو خاص مهمان بڻجي رهيس ۽ پورو ايران گهميس. جن جن جاين تي آئون گهمڻ ويس اتان جي فوٽوگرافي ڪري سڀ فوٽو مون کين پيش ڪيا. مون وٽ ڪئمرا ۾ ڪي خاص لينس ڪونه هوندا هئا پر ان هوندي به منهنجي ڪم کي خاص پذيرائي ملي تمام سٺو ڪم ڪيم. منهنجو ڪم آرٽ اينڊ اينشينٽ آرٽ جي گيلري ۾ رکيل آهي، اينشينٽ آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر لميٽيڊ جي گيلري ۾ به رکيل آهي دي اميج اها لنڪ فوٽو گيلري آهي جيڪا لنڊن ۾ منهنجو سڄو ڪم وڪڻندي آهي، جنهن جو مون کي معاوضو به ملندو رهندو آهي منهنجو ڪم مختلف طريقن سان مختلف نمائشن لاءِ سورس جي حيثيت ۾ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ميڊيا، نصابي ڪتاب، مئگزين ۽ مختلف نمائشن ۾ شايع ٿيندو آهي. مون جيترو به پورهيو ڪيو آهي تمام گهڻي محنت سان ڪيو ۽ هميشه ميرٽ تي ڪيو.

همسري: هڪ فوٽوگرافر جي حيثيت سان توهان جو يادگار پروجيڪٽ جيڪو توهان جي سڃاڻپ بڻيو هجي؟

عاشق عارباڻي: سنڌ صدين کان (Sindh Through the Centuries) نالي پروجيڪٽ هو ان ۾ منهنجا 500 فوٽوگرافس ۽ ٽرانسپيرنسيز نمائش لاءِ رکيل هئا. ڊپارٽمينٽ آف ٽوئرزم تي هينئر مون وٽ بهترين ڪليڪشن رکيل آهي جيڪو مون ڪجهه کپايو به آهي. جنهن کي هينئر ٽوئرزم کاتو “ڪافي ٽيبل” نالي ڪتاب سان ڇپيندو اهو ڪتاب سنڌ ۽ ٿر جي حوالي سان ڇپبو.

همسري: فوٽو گرافر جي حيثيت سان هن فيلڊ ۾ ڪهڙا ڪهڙا چئلينج موجود آهن؟

عاشق عارباڻي: هن پروفيشن ۾ سڀ کان وڏو چئلينج مالي وسيلن جو هوندو آهي ۽ ان جو مقابلو مون به ڪيو آهي. هي ته عشق جو سودو آهي، توهان جي ڪنهن سان عشق ڪيو ٿا ته  ان ۾ ڪيريون ئي تڪليفون اچن ٿيون پر انهن سڀني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي پهچڻ لاءِ توهان کي وسيلا کپن پر مون سڀ ذاتي بنيادن تي برداشت ڪيا ۽ وري مون شيون ڪيپچر به ڪيون، ٿر، لاڙ ۽ وچولي کي مون محفوظ ڪيو جنهن ۾ ٿر تي منهنجو تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي. سڀني کان مشڪل ڪم هوندو آهي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ پهچڻ. هڪ فوٽوگرافر لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو ڪئمرا جي افورڊ بلٽي به هوندي آهي. هڪڙو هڪڙو لينس لکين رپين جو اچي ٿو پر مون پنهنجي شوق جي ڪري انهن گهٽ وسيلن هوندي به تمام بهتر کان بهتر ڪم ڪيو. ڇو جو ان پيشي سان منهنجو پيار، جوش ۽ اتساهه شامل رهيا. ان ڪري انهن مسئلن کي ڪڏهن به مون مسئلو ڪونه سمجهيو. جڏهن ٿر ۾ ويندو هئس ته ماڻهو مون کي سڃاڻندا هئا ۽ مون کي پنهنجي گهرن ۾ به وٺي ويندا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪابه رڪاوٽ محسوس نه ٿي. چئلينج ته تمام گهڻا هئا پر چهچٽو جي ڪري مون کي ڪافي سهولتون ملنديون رهيون ۽ آئون ڪم ڪندو رهيس. ان کان علاوه چئلينج وقت جو هوندو آهي ته روشني ڪنهن مخصوص طرف هجي ۽ توهان ڪنهن به مناسب رخ کان تصوير ٺاهڻ لاءِ اتي رڪجي ويندا آهيو ته شوق اهي سڀئي ڪم ڪرايا. چيو وڃي ٿو ته گڊ لائيٽ گڊ فوٽو گرافي بيڊ لائيٽ بيڊ فوٽوگرافي نو لائيٽ نو فوٽو گرافي.

همسري: توهان نوجوانن کي هن پروفيشن اختيار ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڏيندا؟

عاشق عارباڻي: هڪ فوٽوگرافر جي حيثيت سان منهنجي نظر ۾ ته هي هڪ تمام بهترين ڌنڌو آهي. اڄ جي دنيا ۾ لينس تمام گهڻو اهم آهي هاڻي هر جاءِ تي لينس جي ذريعي پهچي فوٽو ڪيپچر ڪري سگهجي ٿو. هن وقت فوٽو گرافي ۾ ميڊيڪل سائنس کان وٺي سيٽلائيٽ تائين لينس جو استعمال ٿئي پيو. لينس کان بغير فوٽوگرافي جو تصور به نٿو ٿي سگهي. هن وقت تمام گهڻا موقعا آهن. فوٽو گرافي جي اهميت ميڊيا جي حوالي سان تمام گهڻي اهم آهي هڪڙو فوٽو ميڊيا ۾ هٽ ٿي وڃي ته فوٽوگرافر جي زندگي تبديل ٿي سگهي ٿي. آمريڪا ويٽنام جي جنگ دوران هڪڙي فوٽوگرافر هڪ ٻار جي مٿان ٿيندڙ حملي ۾ هن ٻار جي جسم جا ٿيندر ٽڪرا محفوظ ڪري ورتا ۽ جڏهن ان کي ميڊيا تي ڏيکاريو ويو ته دنيا ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ حڪومت تي هڪ تمام وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هن اهم شعبي کي جنهن کي هيستائين بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ادارا کوليا وڃن، يونيورسٽين ۾ سهولتن سان ڊپارٽمينٽ مڪمل هجن جنهن ۾ شاگرد ان جي سکيا حاصل ڪري پنهنجي عملي زندگي ۾ فيصلو ڪندو ته هو ان هنر ۽ سکيا کي ڪٿي استعمال ڪري. اسان وٽ بيروزگاري تمام گهڻي آهي اسان کي رڳو ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ضرورت ڪونهي پر هن سکيا سان اسان جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٻئي پنهنجو روزگار ڪمائي سگهن ٿا. فيشن ڊزائننگ، ماڊلنگ، ايوينٽ مئنيجمينٽ انهن سڀني ۾ فوٽو گرافر جي ضرورت هوندي آهي. فوٽوگرافر تاريخ کي به سهيڙيندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ان وٽ مڪمل سکيا هجي هينئر جيڪي اين جي اوز ڪم ڪن ٿيون انهن کي فوٽوگرافرن جي ضرورت هوندي آهي اتي به هنن کي سٺو روزگار ملي سگهي ٿو، پر حڪومت جي غير سنجيدگي جي ڪري هن شعبي تي نظر ئي ڪونه پئي آهي هي اهم پاسو هميشه کان نظر انداز ٿيندو رهيو آهي.

همسري: توهان فوٽوگرافر سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي هڪ فنڪار جي طور تي به مڃرايو ان طرف توهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو؟

عاشق عارباڻي: اهو هڪ عجيب اتفاق هو 1973 جي دوران مون کي شوق هو ته مان ٽي وي جو ڪئمرامين ٿيان. هڪ پروگرام جي دوران تاجدار عادل مون کي چيو ته اڄ جنهن فنڪار کي شيخ اياز جي وائي ڳائڻي آهي اهو ڪونه آيو آهي تون پٽڪو پائي، مُڇون هڻي پرفارم ڪر، مون ايئن ئي ڪيو ۽ اهو سڀني کي پسند آيو ۽ ايئن هڪ پرفارمر جي طور تي داخل ٿيس، پوءِ تاجدار عادل سان پهريون پروگرام “سات رنگ” ڪيم پوءِ ڪيترن ئي پروڊيوسرن سان گڏ ڪم ڪيم اهو سڀ ڪجهه حادثاتي طور تي ٿيو ان لاءِ ڪو منهنجو شوق نه هو.

همسري: توهان جا پروگرام جنهن ۾ چهچٽو، رس چس، کٽڻهار، ٽهڪ چهڪ ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن پوءِ توهان اسڪرين تان اوچتو ئي غائب ٿي ويا ان جو ڪو خاص سبب؟

عاشق عارباڻي: اهي سڀ پروگرام مون پاڻ لکيا ۽ انهن ۾ پرفارم به ڪيم ان مان چند کانسواءِ گهڻا پروگرام مان منظور قريشي سان ڪيا. ان ۾ سٺي ڳالهه اها هوندي هئي ته مون کي تمام گهڻي آزادي هوندي هئي ته مان لکي به سگهندو هئس، پر پوءِ وري ٻين چئنلن تي ويس ته اتي مون کي مزو نه آيو. چهچٽو جواني جو پروگرام هو ان جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. ٻي ڳالهه ته شوبز جي دنيا اڻ سهپ جي دنيا به آهي. توهان جا دوستن کان وڌيڪ دشمن هوندا آهن ۽ ان کانپوءِ وري رهي سهي ڪسر ڌڪ لڳڻ جي ڪري پوري ٿي وئي، جنهن ۾ منهنجو سڄو جسم ٽٽي پيو سواءِ دل جي. مون ڪڏهن به ذهني طور تي پنهنجو پاڻ کي ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ ڪونه ڏنو اهو به مون تي مالڪ جو ڪرم رهيو آهي. برهان الدين حسن جيستائين جنرل مئنيجر هوندو ته چهچٽو کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ هو چوندو هو ته ان جو اردو ورزن به ٺاهيو ويندو پر جڏهن عبدالڪريم بلوچ جنرل مئنيجر ٿي آيو ته هن چهچٽو کي بند ڪري ڇڏيو. ڪنهن پروگرام ۾ منهنجو نالو ڪمپيئرنگ لاءِ به ايندو هو ته ڪٽي ڇڏيندا هئا بس اهي ئي ڪجهه سبب هئا.

همسري: اسان جي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اوهان شاعري به ڪئي آهي، هيستائين اوهان جا ڪيترا مجموعا ڇپجي چڪا آهن؟

عاشق عارباڻي: منهنجي شاعري جو پهريون مجموعو اردوءَ ۾ “چشمِ نم” جي نالي سان ڇپيو جنهن جو مهاڳ ڊاڪٽر مختار الدين مختار لکيو آهي، پاڻ انگلينڊ ۾ رهندو آهي. ٻيو مجموعو سنڌيءَ ۾ “پيچرا ۽ پنڌ” جي نالي سان ڇپيو جنهن جو مهاڳ ادي مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي. هاڻ ٽيون مجموعو اردوءَ ۾ “گهايل” جي نالي سان ڇپيو آهي جنهن جو مهاڳ مجيب صحرائي صاحب لکيو آهي جيڪو زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر آهي. هاڻي چوٿون ڪتاب پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين تي پيو لکان جنهن جو عنوان هوندو “مون کي ياد ٿو پوي” جيتري زندگي گذري ان جا ڏک سک سڀ لکندس.

همسري: شاعريءَ ۾ ڪنهن کان وڌيڪ متاثر آهيو ۽ ڪهڙي صنف تي گهڻو لکيو اٿوَ؟

عاشق عارباڻي: سنڌي شاعريءَ ۾ ته لطيف سائينءَ کان متاثر آهيان پر لطيف کي سمجهڻ مڪمل طور تي سولو ڪونهي. ان جي ٻولي، ان جا اُچار ۽ ان جو فلسفو تمام اعليٰ آهي جيڪو ان کي مڪمل طور تي سمجهي پڙهي ته جيڪر ولي ٿي وڃي. شيخ اياز، سائين تنوير عباسي، استاد بخاريءَ جي شاعري پسند آهي. اردو ۾ غالب، داغ، سيف الدين سيف، جالب، احمد فراز آهن. مان سيف الدين سيف کان متاثر ٿيس جنهن جي ٻولي ۽ ڳالهه ڪرڻ جو انداز تمام سادو آهي، ان جو اثر منهنجي شاعريءَ تي به آهي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪيان. غزل، نظم ۽ دوها لکيا آهن، ٽي سٽا گهڻا لکيا آهن جنهن کي هائڪو يا ٽيڙو به چئبو آهي. منهنجي شاعري عام شين کان متاثر ٿي چيل آهي عام زبان ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ آهي.

همسري: مستقبل ۾ ڪهڙن پروجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ جو ارادو اٿوَ؟

عاشق عارباڻي: مون کي يقين آهي ته الله پاڪ مون کي جيڪا زندگي ڏني آهي ان ۾ اهو ئي راز لڪل آهي ته مان ڪجهه ڪم ڪري وڃان. الله جي مرضي آهي ته هو ڪنهن کان ڪيئن ٿو ڪم وٺي. شايد ڌڪ نه لڳي ها ته نه لکان ها. ڇو ته مان گهمڻ ڦرڻ جو شوقين هئس. هڪ ٻيو به پروجيڪٽ آهي جنهن تي آئون ڪم ڪريان پيو اهو ڪتاب آرٽ پيپر تي گهٽ ۾ گهٽ 13X12 يا 11X13 جي سائيز ۾ ڇپجندو ۽ منهنجي ڪيل فوٽو گرافي تي مشتمل هوندو ۽ اهو ڪتاب سنگاپور مان ڇپرائيندس جنهن جي ڪوالٽي بين الاقوامي معيار جي هوندي جنهن ۾ مُهن جي دڙي جون سڀئي تصويرون هونديون جنهن ۾ سڀئي شيون ڪرتون، سيلون ۽ ٿانو هٿيار سڀ شامل هوندا. ان کان علاوه سنڌي ثقافت ۾ استعمال ٿيڻ واريون سڀ شيون شامل ڪيون وينديون. ڇو ته ڪجهه شيون هاڻ ملڻ ناياب آهن يا ڳولڻ ناياب آهن ته ساڳئي طريقي سان اڄ جي استعمال جون شيون به اڳتي هلي ناياب بڻجي وينديون، مان انهن کي ايندڙ نسلن لاءِ تصويرن ذريعي محفوظ ڪرڻ ٿو چاهيان. اسان وٽ ڪوبه اهڙو معياري ميوزيم ڪونهي جنهن ۾ اسان پنهنجو ثقافتي ورثو بين الاقوامي معيارن مطابق محفوظ ڪيو هجي ۽ نه ئي وري اسان جو ڪو اهڙو پروگرام آهي، اسان جو ثقافتي ورثو اسان جي هٿن مان نڪرندو پيو وڃي ۽ اسان ان جي تحفظ لاءِ ڪو گهڻو ڪم نه پيا ڪريون، جيئن اجرڪ ٺاهڻ جو هڪڙو مڪمل پروسيس آهي. جيڪڏهن ان پروسيس کي اسان اڄ محفوظ نه ڪيو ته شايد اصل اجرڪ اسان کي پوءِ مستقبل ۾ نه ملي سگهي. ان لاءِ حڪومت کي اڳيان اچي انهن ڪاريگرن سان سهڪار ڪرڻو پوندو.

همسري: توهان پنهنجن پڙهندڙن کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندوَ؟

عاشق عارباڻي: اسان وٽ هميشه ميرٽ کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ۽ مون مزاحيه پروگرام تمام گهڻا ڪيا پر ان جي باوجود به مزاحيه ادب تي ڪانفرنس ٿئي ٿي ته انهن ۾ مون کي ڪڏهن به نٿو گهرايو وڃي. مون چهچٽو اهڙو پروگرام ڪيو جيڪو فيملي پروگرام هوندو هو اهڙو سنڌي ۾ وري ڪڏهن ڪونه ٿي سگهندو. اسان وٽ اڻ سهپ وارو رويو تمام گهڻو عام آهي ان کي ختم ڪرڻو پوندو. پنهنجي کي وڌندي نٿا ڏسي سگهون، پنهنجي ئي ڪهول جا ويري آهيون. اسان تي ڪيترين ئي شين جي يلغار آهي انهن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو ۽ پاڻ ۾ سهپ پيدا ڪرڻي پوندي جيڪڏهن ايئن نه ڪيوسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين.