بلاگخاص

مفت ۾ ڪيڪ پيسٽريون….

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

مفت ۾ ڪيڪ پيسٽريون….

الطاف شيخ

شروع جي سامونڊي زندگي جو هڪ ٻيو واقعو ٿو ياد اچي… يعني اهوئي 1968ع ۽ 1969ع وارن سالن جو… منهنجي هڪ اهڙي پراڻي جهاز تي بدلي ٿي جنهن تي مرمت Maintenance جو ايڏو ڪم هو جو روزانو مقرر ڊيوٽي کان علاوه ٻه ڪلاڪَ وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پوندو هو. مون سان گڏ مون جهڙو هڪ ٻيو به جونيئر انجنيئر هو جيڪو هن جهاز تي هڪ سال گذاري چڪو هو جيڪو مون کي سمنـڊ تي ئي آگاهه ڪندو رهيو ته بندرگاهه ۾ پهچڻ تي پاڻ جونيئر انجنيئرن جي موڪل ٿيڻ مشڪل ٿي لڳي جو جهاز جي انجڻين جو ڪم تمام گهڻو Due ٿي چڪو آهي. اسان جو جهاز آمريڪا جي بندرگاهه هيوسٽن ڏي وڃي رهيو هو ۽ هيترا ڏينهن سمنـڊ تي گهارڻ بعد اسان جي دل ماندي ٿي رهي هئي ته هيوسٽن جو شهر ضرور گهمجي. منهنجي ساٿي انجنيئر اها پلاننگ ڪئي ته بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ تي پاڻ ٻئي بيماريءَ جو بهانو ڪنداسين ۽ اسپتال وڃڻ جي بهاني شهر گهمي اينداسين.

جهاز تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اهـو بين الاقوامي طور قانون مقرر آهي ته هنن کي جهازن جي مالڪن طرفان ميڊيڪل سهولت لاءِ انشوئر رکجي. يعني جهاز جي هر مالڪ کي پنهنجي جهاز سان گڏ جهاز هلائڻ واري ڪئپٽن کان خلاصي تائين جي انشورنس ڪرائڻ ضروري آهي… آمريڪا ۽ جاپان جهڙن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ ڊاڪٽرن جي في يا دوائن جي قيمت تمام گهڻي آهي، پر جهاز هلائڻ وارن کي ڪهڙو فڪر. ٻي ڳالهه ته ڪو بيماري جو بهانو (Malingering) ٿو ڪري ته به ڪو به ڊاڪٽر ان جي شڪايت نه ڪندو. هن کي پنهنجي ڳري في وٺڻ سان واسطو. ساڳي وقت جهاز جو ڪوبه وڏو آفيسر ڪنهن کي ڪنهن به ملڪ ۾ ڊاڪٽر ڏي وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. مثال طور: جهاز جو ڪو آفيسر جهاز جي ڀنگيءَ کي اهو چئي ڊاڪٽر ڏي نه موڪلي ته تون بهانو ٿو ڪرين توکي پيٽ ۾ سور ناهي ته اهو ڀنگي به سڄي جهاز کي مصيبت ۾ وجھي سگهي ٿو. هو ڪناري تي کڻي چپ رهي. جهاز جي لنگر کڻڻ کانپوءِ ٻن يا ٽن ڏينهن بعد سمنڊ تي وٺي هاءِ گهوڙا ڪري ته مون کي پيٽ ۾ سخت سور پئجي ويو آهي… ته اهڙي حالت ۾ هن جي جان بچائڻ لاءِ احتياطن جهاز کي واپس يا ڪنهن ويجھي بندرگاهه ۾ وٺي وڃڻ ضروري ٿيو پوي. ان جي تيل سڙڻ ۽ بندرگاهه ۾ جهاز بيهارڻ جو لکين رپيا خرچ هڪ طرف ته ان آفيسر تي قانوني ڪورٽ ۾ ڪيس ٻئي طرف ٿيندو ته هن ڪنهن کي ميڊيڪل جي سهولت کان ڇو پري رکيو ۽ اهو سڄو خرچ جهاز جي مالڪ کي ڀرڻو پوي ٿو.

سو چاليهه کن ڏينهن جي سامونڊي مسافري بعد اسان جو جهاز جيئن ئي هيوسٽن جي ائنڪريج تي، يعني بندرگاهه کان ويهه ٽيهه ميل پري، کلي سمنڊ ۾ اچي لنگر ڪيرايو ته اسان ٻنهي جونيئر انجنيئرن پنهنجي باس (جهاز جي سيڪنڊ انجنيئر) کي بيمار هجڻ ۽ ڊاڪٽر وٽ تپاس لاءِ وڃڻ جو اطلاع ڪيو. هر جهاز تي ڇهه ست مئرين انجنيئر ٿين ٿا. انهن ڏينهن ۾ اڻ آٽوميٽڪ ۽ پراڻا جهازَ هجڻ ڪري اٺ نو مئرين انجنيئر ۽ ٽي چار ڊيزل مڪينڪ ۽ هڪ اليڪٽريشن هڪ اليڪٽرڪ انجنيئر به هوندو هو. بهرحال جهاز جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه چيف انجنيئر ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي وڏو انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر سڏجي ٿو. جهاز جي انجنيئرن کي مختلف ڊيوٽيون ڏيڻ، جهاز جي هر هڪ مشينري کي صحيح حالت ۾ رکڻ ۽ چيف انجنيئر کي آگاهه ڪرڻ هن انجنيئر (سيڪنڊ انجنيئر) جو ڪم ٿئي ٿو.

اسان جو جهاز هونئن ئي پراڻو ۽ مرضيل هو ويتر آمريڪا لاءِ ائٽلانٽڪ ۽ ڪئريبين سمنڊ اڪرندي اسان کي چڱي خاصي خراب موسم ۽ خراب سمنڊ مليو هو، جنهن جهاز جي مختلف مشينن تي اڃان به خراب اثر ڇڏيا. واپسي جي سفر لاءِ انهن مان ڪيترين مشينن جي اوور هال ڪرڻي هئي يا پرزا بدلائڻا هئا. اهي سڀ ڳالهيون سيڪنـڊ انجنيئر جي ذهن ۾ هيون ۽ هو ڪات ڪهاڙا تيار ڪريو ويٺو هو ته جهاز رڳو بندرگاهه ۾ پهچي ۽ انجڻيون بند ٿين ته سڀني انجنيئرن جي Shore Leave بند ڪري في الحال اوور هالنگ تي لڳايان. سو اهڙي تناظر ۾ جڏهن جهاز جا اسين ٻه سڀ کان جونيئر انجنيئر هن وٽ بيماري جو بهانو کڻي پهتاسون ته هن جي هٿن جا طوطا اڏامي ويا ڇو جو هر جهاز تي گهڻي گڏها مزدوري لاءِ ته جونيئر انجنيئر ئي ڪم اچن ٿا. اسان جي ڳالهه ٻڌي هو ٽٻيءَ ۾ اچي ويو. ڪجهه ڪڇي نه سگهيو. رڳو ڏند ڪرٽيندو ۽ ٿڌا ساهه کڻندو رهيو.

جهاز کي اندر بندرگاهه ۾ وٺي وڃڻ کان اڳ بندرگاهه طرفان اميگريشن ۽ ڪسٽم جو عملو ۽ اسان جي لوڪل آفيس جو انچارج جهاز جا ۽ اسان جا ڊاڪيومينٽس (ڪاغذ پٽ) چيڪ ڪري ويو. آفيس انچارج کي جهاز لاءِ گهربل ضروري راشن پاڻي آڻڻ ۽ ٻين ڪمن سان گڏ اسان کي اسپتال وٺي وڃڻ لاءِ پڻ ٻڌايو ويو. رات جو جهاز بندرگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ جيٽي (ڌڪي) سان ٻڌو ويو. صبح جو نيرن بعد ٻيا انجنيئر تيل هاڻيون ڍانگريون پائي انجڻ روم ۾ ڪم ڪار يعني پورهئي لاءِ هليا ويا باقي اسان ٻه “هٿ ٺوڪيا بيمار” ٽاءِ ڪوٽ ۾ تيار ٿي ايجنٽ سان گڏ جهاز تان هيٺ لهي اچي سندس ڪار ۾ ويٺاسين. سيڪنڊ انجنيئر ڪرڙين نگاهن سان اسان کي ڏسندو رهيو. نارمل حالت هجي ها ته اڄ پهرين ڏينهن سيڪنڊ انجنيئر ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شهر گهمڻ لاءِ نڪرن ها ۽ ٻئي ڏينهن اسان جونيئر ۽ ٻي ڪت خلق جو به وارو اچي وڃي ها، پر هتي هي هڪ جھونو ۽ پرزن لڏيل جهاز اسان کي اهڙو ته مٿي ۾ لڳي ويو هو جنهن سمنڊ توڙي بندرگاهه تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. لڳو ٿي ته ڪم گهڻي هجڻ ڪري جهاز جو چيف انجنيئر به ٻه ٽي ڏينهن سخت مصروف رهندو ۽ خط پوسٽ ڪرڻ لاءِ به جهاز جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي زمين تي پير نه رکي سگهندو. هن جهاز تي اچڻ جي پهرين ڏينهن کان اسان پنهنجي ڪمپني کي گاريون پئي ڏنيون ته اهڙو کڳو جهاز خريد ڪري اسان کي سورن ۾ ڇو وڌو ويو آهي، پر اسان جي جهازي ڪلچر موجب اسان اهڙي يا ڪنهن به جهاز تي Sail ڪرڻ لاءِ انڪار به نٿا ڪري سگهون. هر صورت ۾ اسان کي چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي آهي. جھونا جهازي ان بابت اڪثر چڪلي ۾ ويٺل رنڊيءَ جو مثال ڏيئي چوندا آهن ته هڪ دفعو سامونڊي نوڪري اختيار ڪرڻ بعد جهاز چاهي ننڍو ملي يا وڏو، نئون ملي يا ڪراڙو، رنڊيءَ وانگر انڪار هرگز ناهي ڪرڻو.

مڪاني آفيس جي انچارج پنهنجي آفيس ۾ پهچي اسان کي ڊاڪٽر لاءِ خط ڏنو ۽ ٽئڪسي ۾ ويهاري اسپتال ڏي روانو ڪيو. ٽئڪسي ڊرائيور شيديءَ اسپتال ۾ لاهي پنهنجو ڪارڊ ڏنو ۽ ٻڌايو ته کيس واپسي جو به ڀاڙو ملي ويو آهي. ڊاڪٽر خبر ناهي ڪيترو وقت وٺي بهرحال اسان جنهن وقت به واندا ٿيون ته هن کي يا هن جي ٽئڪسي ڪمپنيءَ کي فون ڪري ٽئڪسي گهرائي وٺون.

اسان اسپتال اندر داخل ٿياسين ته ڊاڪٽر واندو ويٺو هو تنهن ڏهن منٽن ۾ تپاس ۽ ايڪسري ڪري، ڪوڙيون سچيون پيٽ جي سور جون دوائون ۽ ٻن ڏينهن لاءِ مڪمل آرام لکي اسان کي فارغ ڪيو. اسان ٿياسين ڏاڍا خوش ۽ شهر گهمڻ لاءِ نڪري پياسين. کيسي ۾ ڪي خاص پئسا نه هئا جو بس يا ٽئڪسي ۾ چڙهي ڪيڏانهن پري وڃون. بس پنهنجي گوڏا گاڏيءَ ۾ جنهن کي ڪي ماڻهو بس نمبر 11 (يعني ٻه ٽنگون) به سڏين، شهر جي هڪ مارڪيٽ جو چڪر ڏيئي ٻئي ۾ آياسين ٿي. بک به لڳي هئي سوچيوسين ته هاڻ جهاز تي موٽي هلي لنچ کائجي، پر پوءِ چيوسين ته ڊالر کن جا مڱيرا (Peanuts) وٺي گذارو ڪبو، پر شامَ کان اڳ جهاز تي نه وڃبو، نه ته سيڪنڊ انجنيئر ڊاڪٽر جو آرام وارو ليٽر ڏسي به اسان کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندو. انهن سوچن ۾ گم، اسان هڪ پارڪ مان لنگهياسين ته اتي ڏٺوسين ته گهر جي سامان جو نيلام ٿي رهيو هو… ٿانوَ  ٿپا، هنڌَ بسترا، اليڪٽرڪ جو سامان وغيره. پارڪ ۾ خريدارن جي چڱي خاصي رش هئي جيڪي واڪ ڏئي رهيا هئا. انهن سان گڏ ڪيترا ماڻهو ٽيليفون ذريعي به واڪ ڏئي رهيا هئا. آيل مهمانن لاءِ نيلام وارن طرفان چانهه، ڪافي، بسڪيٽن، سئنڊوچن ۽ چاڪليٽن جو به مفت بندوبست هو جيڪي ميزبان ڇوڪريون وڏن خومچن تي سجائي ذري ذري اڳيان پئي لنگهيون. ٻيا کائين يا نه، اسان خوب جاوا ڪندا رهياسين ۽ دل پشوري لاءِ ساڻن چرچا به ڪندا رهياسين. رکي رکي ڪڏهن چانهه پيا پيون ته ڪڏهن ڪافي… ڏاڍو مزو لڳو پيو هو ۽ ڏسندي ڏسندي شامَ ٿي وئي ۽ اسان موٽڻ جي ڪئي. فون ڪرڻ تي ٽئڪسي اچي وئي جنهن اڌ ڪلاڪ اندر اچي جهاز جي ڏاڪڻ وٽ ڇڏيو. ڏاڪڻ چڙهي مٿي آياسين ته رهائش وارن ڪمرن جي ٻمڀ وٽ ئي ريڊيو آفيسر مليو. ٽهڪ ڏيندي چيائين: “رات به ٻاهر ئي رهي پئو ها.”

اسان کي سندس چرچو نه وڻيو. بيمارن کي ٽوڪون هڻبيون آهن ڇا!؟ بهرحال ڊرائنگ روم ۾ گهڙياسين ته جهاز جا سڀ آفيسر ٽي وي ڏسي رهيا هئا. در وٽ ئي سيڪنڊ انجنيئر بئالر سوٽ ۾ ويٺو هو. تنهن اکين جا ڌوڏا ڪڍي چيو ته “ايڏي دير؟”

منهنجي پاران منهنجي ساٿي انجنيئر جواب ۾ چيس: “سائين ڇا ڪريون، ڏاڍي رش هئي. ڊاڪٽر به دير سان آيو ۽ هاڻ جيئن ئي ڏٺائين ته سڌو جهاز تي اچي نڪتا آهيون… لنچ به نه کائي سگهيا آهيون…”

“لنچ کائڻ جي توهان کي ضرورت ئي ڪهڙي؟” سيڪنڊ انجينئر چيو ۽ آئون اهو سوچڻ لڳس ته هي چوي ڇا پيو ۽ آئون ذري گهٽ چوڻ وارو هئس ته ڇو بيمار “انسان” نه آهن ڇا؟ انهن کي بک نٿي لڳي ڇا..؟”

پر چڱو جو منهنجي ڪڇڻ کان اڳ هُن ٽي وي‎ ڏي اشارو ڪندي چيو “هيترا ڪيڪ پيسٽريون کائڻ بعد به لنچ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريو؟”

ٽي وي ڏي ڏسون ته اهو ساڳيو پارڪ وارو نيلام پيو هلي جيڪو اسان جا جهاز وارا منجھند کان ڏسي رهيا هئا. بعد ۾ ته ريڊيو آفيسر ٻڌايو ته چڱو جو جهاز تي اڃان فون نه لڳو هو نه ته سيڪنڊ انجنيئر ته اهو ٿي چاهيو ته نيلام وارن جو نمبر ملائي کين واڪ ڏيڻ بدران اهو چئجي ته انهن ٻن ڪنگلن کي ته جهاز ڏي واپس ڪريو جيڪي رڳو ويٺا چَرن.

سيڪنڊ انجنيئر چيو ته “هاڻ سزا خاطر آمريڪا جي هن بندرگاهه ۾ جهاز تي ئي رهجو” مون ڊاڪٽر جو آرام لاءِ ڏنل ليٽر کيسي مان ٿورو ڪڍي وري اندر وجھي ڇڏيو جو چوري پڪڙجڻ بعد هاڻ ان خط کي پڙهائڻ جو ڇا فائدو؟