ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو؟
(ٽائيم نيوز ويب سائٽ تي 18 جنوري 2022 تي شايع ٿيل مضمون کي فاضل راهو جي 37هين ورسي جي موقعي تي ٻيهر پبلش ڪري رهيا آهيون).
پاڪستان جي سياسي اڳواڻ محمد فاضل راهو جي 35 هين ورسي راهوڪي بدين ضلعي ۾ ملهائي وئي. کيس 17 جنوري 1987ع تي بدين جي علائقي ڪڙيو گهنور ۾ ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. محمد فاضل راهو سنڌ جي سياست جو يگانو ڪردار هو، سندس جنم 1934ع ڌاري راهوڪي ۾ ٿيو، جنهن جي ورسي هر سال راهوڪي ۾ ملهائي ويندي آهي. سنڌ جي عوام محترم محمد فاضل راهو کي ان وحشياڻي قتل تي کيس “شهيد عوام” قرار ڏنو هو.
سنڌي عوام جو هاڪارو اڳواڻ محمد فاضل راهُو 17 جنوري 1987ع تي صبح جي پهرئين پهر ڪڙيو گهنور تعلقو گولاڙچي ۾ (هاڻي شهيد فاضل راهو) ڪهاڙين سان قتل ڪيو ويو. چانگ ذات جي هڪ ڄڻي قانون کان بچڻ لاءِ اهو چئي کيس قتل ڪيو هو ته هن ڏانهن سندس ڪئين سال پراڻو غيرت جو پلئه رهيل هو. جناب محمد فاضل راهوءَ جي پونيئرن قانون جي پوئواري ڪندي، قاتل کي ڦاسيءَ تائين پهچايو هو.
ملڪ جي پراڻي نسل کي يادگيري طور ۽ نئين نسل جي ڄاڻ لاءِ کين ٻڌائجي ٿو ته، جناب محمد فاضل راهو 1934ع ۾ ڄائو ۽ 1987ع تي قتل ڪري عوام کان ڌار ڪيو ويو. سندس ڪل ڄمار 53 ورهيه هئي. هن کي پٽن ۽ نياڻين جو اولاد آهي. جنهن مان سندس وڏو پٽ محمد صديق راهو جيلن جون سختيون سهندي بيماريءَ کانپوءِ سندس جيئري ئي گذاري ويو هو. محمد صديق جي وفات وقت فاضل صاحب جيل ۾ هو. کيس پئرول تي هڪ هفتي لاءِ آزاد ڪيو ويو هو. محمد فاضل راهوءَ صاحب کي نياڻين جي اولاد ۾ شهناز راهو، شهربانو راهو، حسنا ، رخسانا ۽ فرزانا راهو ۽ پٽن جي اولاد ۾ چار پُٽ محمد اسماعيل راهو، محمد اسلم راهو، محمد سليم ۽ محمد فياض شامل آهن. فاضل صاحب جي چاليهي تي جناب رسول بخش پليجي جيڪا شاندار تقرير ڪري شهيد فاضل کي ڀيٽا ڏني هئي، تنهن ۾ اسان کي شاهه جي انهن بيتن بابت خبر پئي هئي، جيڪي “راهو” ذات لاءِ شاهه صاحب اچاريا هئا. جن بيتن ۾ راهن جي لاءِ هاڪاري سوچ شامل آهي.
راهوءَ جا رهيام، سنيها سرير ۾
ٻيا در وسريام، ڏٺي جا دم جکري (شاهه)
جناب محمد فاضل راهوءَ جي لاءِ “وڪي پيڊيا” ۾ لکيل آهي ته هو ولايت مان پڙهيل هو. اصل ڳالهه اها آهي ته هو رڳو ٽي درجا سنڌي پڙهيل هو، پر ڌرتي ڌڪاڻن ماڻهن جي سورن ۽ ڏکن جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري هن پليجي صاحب جي دوستي ۽ سرواڻيءَ ۾ هلندڙ “عوامي تحريڪ” مان حاصل ڪئي هئي. ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل هو. ان ڪري هن جي بدن جي هڪ هڪ ذري ۾ ڌرتي سمايل هئي ۽ هڪ هڪ ڳالهه ۾ ڌرتيءَ جي نمائندگي شامل هئي. چيو وڃي ٿو ته فاضل راهوءَ جي پهرين ويڙهه پنهنجي والد احمد خان سان ننڍپڻ ۾ ٿي هئي. جڏهن به محمد فاضل والد کان اهو سوال پڇندو هو ته توهان مهمانن کي ماني به کارايو ٿا، پر وڃڻ وقت کين ٻه چار ٻڪريون ڪهڙي اجرت ۾ ڏئي رهيا آهيو، جڏهن هن کي ڪوبه جواب نه مليو ته هن جي ذهن ۾ آهستي آهستي سوال اڀرڻ لڳا.
سندس پهرين سياسي جنگ سنڌ جي روينيو کاتي سان ٿي هئي، جڏهن ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت کانپوءِ جنرل ايوب خان بدين ۾ پنجابي آبادڪارن لاءِ کليل عدالتون قائم ڪري زمينون الاٽ ڪرڻ شروع ڪيون. نيلام شروع ٿيڻ کان اڳ ئي فاضل صاحب به حاضر ٿي ڪرسي تي قبضو ڪيو. نيلامي جا واڪ شروع ٿيڻ وقت فاضل ڪرسي تي بيٺو پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ چيو هو ته سنڌ جون زمينون سنڌين کي ۽ پنجاب جون زمينون پنجابين کي ڏنيون وڃن. تقرير شروع ٿيندي ئي پهريان روينيو وارن ۽ پوءِ آبادڪارن ۾ ڀاڄ پئي هئي. ايوب خان جي منصوبي خلاف ويڙهه جي نتيجي ۾ کيس قتل ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جون ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون ۽ سندس ئي ماڻهن هٿان کيس قتل ڪرڻ جون چار پنج ڪوششون ڪيون ويون.
فاضل راهو جن ماڻهن جي دلين کي ڌڙڪايو هو، تنهن کي عوام ۽ وڏيرن جي تضادن کان ڀليءَ ڀت واقفيت هئي. کيس خبر هئي ته جيڪو به کين مارڻ يا سياست تان هٽائڻ لاءِ ايندو، اهو انهن ماڻهن مان ئي هوندو، جنهن جي زبان هو ڳالهائيندا هئا. جن ماڻهن کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تن مان ڪي اڄ به زنده آهن، جيڪي اڳتي هلي جناب محمد فاضل راهوءَ جو ساڄو هٿ بڻجي ويا. انهن مان هڪ جمعو نوحاڻي هو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ٿيو. هن پنهنجي يادگيرين ۾ چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا فاضل راهو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ علائقي جي وڏيري جي حڪم تي گينگ ٺاهي هئي. اسان وٽ هٿيار هئا ۽ سامهون هن جون اکيون ڏسندي ئي اسان اتان کسڪي ويندا هئاسين.
تاريخي طور هن جي هڪ اهم ملاقات عدالت جي هڪ ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ملڪ جي نامور وڪيل جناب رسول بخش پليجو سان ٿي هئي جتي جناب رسول بخش پليجي ساڻس سنڌ ۾ زمينن جي نيلامي بند ڪرڻ واري تحريڪ بابت ڳالهايو. اهي هڪ ٿي ويا ۽ جناب محمد فاضل راهو زندگيءَ جي آخر تائين عوامي تحريڪ ۾ رهيو. فاضل راهو جي حياتيءَ جا ٻه وڏاڪم آهن. هڪ ته هن جڏهن به جيڪو به ڪم هٿ ۾ کنيو، ان جي باري ۾ ڪڏهن به موٽ نه کاڌي. هن پنهنجي زندگي ۾ هڪ رويو پنهنجي ساهه سان ڳنڍي ڇڏيو هو ته جيڪا به ڳالهه درست آهي ان جي باري ۾ بيهڻ سڀ کان بهتر ڪم آهي. ان ڪري هن پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي سياسي روييي کي مڪمل عوامي بڻائي ڇڏيو.
اهو رويو عوامي تحريڪ اندر به رهيو ته ايم آر ڊي جي شاندار تحريڪ ۾ پاڻ ارپي سنڌي قوم کي اڳتي آندو. اسان کي ياد آهي ته هو ايم آر ڊي جي دور ۾ سڄي سنڌ ۾ جهر جهنگ ۾ هر ڏکئي سکئي ماڻهو سان مليو. انهن کي پنهنجو ڪيو. فاضل صاحب لاءِ جيئن پنهنجي ذات ڪجهه نه هئي تيئن هن لاءِ ڏک به ڪجهه نه هئا. وڏيرا هن جا مخالف هئا ۽ هي انهن جو مخالف هو. وڏيرا سنڌ جي زمين، ان مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي خزانن کي لٽڻ جي چڪرن ۾ هئا ۽ فاضل راهو وري انهن خلاف جدوجهد لاءِ سرگردان هوندو هو. چون ٿا ته، تر جي رهزن وڏيرن کي هن جو وجود مهانگو پئي پيو. ان ڪري “غيرت” جي نالي ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيائون.
ان ئي ڏينهن، 17 جنوري 1987ع تي سن ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد سائينءَ جي سالگرهه تي موجود هو. فاضل راهو جي قتل جي خبر سبب سالگرهه جون تقريبون ختم ڪيون ويون. اتي موجود نامياري تاريخدان پروفيسر ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه عوامي تحريڪ جي وفد کي ٻڌايو هو ته “کيس ڪراچيءَ ۾ خبر پئي هئي ته اڄوڪي ڏينهن تي ڪو وڏو واقعو ڪيو ويندو”.
سنڌي ماڻهن جا مختلف شهر ان ڏينهن کي ٻن مختلف نمونن سان ملهائيندا آهن. فاضل راهو جنهن کي 17 جنوري تي قتل ڪيو ويو هو ان وقت عوامي نيشنل پارٽي جو سينئر نائب صدر هو. سندس قتل کان هڪ هفتو اڳ عوامي نيشنل پارٽيءَ جو هڪ اعليٰ سطحي وفد سندس اڳواڻي ۾ ڪابل وڃڻو هو، سڀني کي ڪابل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، رڳو وفد مان محمد فاضل راهو کي واپس ڪيو ويو. هڪ هفتي بعد 17 جنوري تي هن کي ڪڙيو گهنور ۾ قتل ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي ڪار ۾ پنهنجي دوست جي ڪپڙن جي دڪان تان واپس اچي رهيو هو. اها افسوسناڪ خبر سڄي پاڪستان ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي، ان وقت سنڌ جي ضلعي دادو جي علائقي “سن” ۾ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ملهايو پئي ويو.
17 جنوري تي سنڌ جا ماڻهو هڪ طرف محمد فاضل راهو جي ورسي ته ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ملهائيندا آهن. هاڻ 35 سالن کانپوءِ جڏهن سياسي ۽ سماجي انگ اکر پيش ڪيا وڃن ٿا ته محمد فاضل راهو يا عوامي تحريڪ يا پاڪستان پيپلز پارٽي يا ملڪ جون سڀئي وڏيون ۽ ننڍيون پارٽيون ۽ گروهه ان هڪ سوال تي سخت پريشان نظر اچن ٿا. چيو وڃي ٿو ته 1930ع کان 2007ع تائين لڳ ڀڳ هر ڏهن سالن بعد سنڌ جو هڪ اهم ۽ نامور سياستدان قتل ڪيو ويو آهي. جن ۾ سورهيه بادشاهه، الله بخش سومرو، ذوالفقار علي ڀٽو، نذير عباسي، محمد فاضل راهو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين کي قتل ڪيو ويو. هڪ سوال اهو آهي ته انهن کي ڪيئن قتل ڪيو ويو ۽ انهن جا اثر ڪهڙا پيا آهن؟ اسان صرف ايترو ئي چئي سگهون ٿا ته اڄ پاڪستان ۾ جيڪا سياست خاموش آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ سياست ۽ غير سياسي شين جي وچ واري فرق واري ليڪ ختم ٿي وئي آهي. اڄ اصول ۽ بي اصولي هڪ ٿي ويا آهن. انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. انهن سوالن جو جواب پاڪستان کي ڏيڻو پوندو. انهن سوالن جا جواب پاڪستان جي يونيورسٽين کي ڏيڻا آهن. انهن سوالن جا جواب پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جي سياستدانن کي ڏيڻا آهن. عوام چاهي ٿو ته ڪاش! اهڙي لڪير ٺهي وڃي، جنهن ۾ هڪ طرف محمد فاضل راهو هجي ۽ ٻئي طرف بي اصوليون هجن.