غلامي: اوائلي دور کان جديد دور تائين ڊاڪٽر پيار علي جتوئي
انساني ريتن، رسمن ۽ رواجن مان غلامي هڪ تمام بدترين قسم رهيو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن ۾ انساني مهانڊي تي هڪ بدنما داغ طور تصور ڪيو ويندو. غلامي انساني روين جو هڪ هيٺيون نيچ قسم آهي جنهن ۾ طاقتور انسان ڪمزور نٻل انسان کي طاقت جي آڌار تي نه رڳو کيس، پر سندس آڪهه کي يعني سندس اولاد ٻارن ٻچڙن، عورتن سميت قيد ڪري عمر ڀر لاءِ غلام بڻائيندا هئا. وڏي ڳالهه ته انساني تاريخ جي اهڙي گهٽيا قسم جي ريت کي قانوني شڪل حاصل هئي ۽ ان کي انساني سماج ۾ باقائده طور لاڳو ڪيو ويندو هو. جنگين لڳڻ جي ڪري جنهن ڌر کي شڪست ٿيندي هئي، انهن جا مرد ماريا ويندا هئا جڏهن ته انهن جو مال، ملڪيت، ٻار، ٻچا ۽ عورتون مال غنيمت سمجهي لٽيو ويندو هو ۽ سهڻيون عورتون سپاهين ۾ عياشيءَ لاءِ ورهايون وينديون هيون. جڏهن ته پٽ، راڻيون يا شهزاديون پنهنجي بادشاهن ڏانهن سوکڙيءَ طور اماڻيون وينديون هيون يا وري ٻيون عورتون بازارن ۾ اگهاڙيون ڪري مال جيان وڪاڻيون وينديون هيون. ننڍڙا ٻار غلام بڻايا ويندا هئا ۽ انهن کي زندگيءَ ڀر خريدار اڳيان خدمت ڪرڻي پوندي هئي.
غلاميءَ جو اهو تصور آڳاٽي زماني کان وٺي قديم دورن ۾ رائج رهيو آهي، جنهن ۾ غلاميءَ جا ڀيانڪ قسم لاڳو هوندا هئا. غلامن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت طور تصور ڪيو ويندو هو، غلامن کي چوپائي مال جيان کپايو ويندو هو. غلامن وڪامڻ جون بازارون لڳائي اگهه لڳائي سندن جسماني ڊول، جسماني سونهن، قد بت وغيره تي انهن جو ملهه ڪيو ويندو هو. آفريڪا جا ڪارا شيدي مشهور غلام طور پسند ڪيا ويندا هئا ڇو ته اهي جسماني هاٺي ۾ قدآور ۽ جانٺا جوان هوندا هئا تنهنڪري انهن جو ملهه وڌيڪ ورتو ويندو هو. مالڪ کي غلام جي ملڪيت جو رکوال سمجهيو ويندو هو. مالڪ کي هر حق حاصل هو ته اهو غلام جي جان ۽ مال تي پورو حق رکي ٿو. غلاميءَ ۾ مليل عورتون جن کي لونڊي چيو ويندو هو، انهن کي مالڪ پنهنجي عياشي جي سامان طور استعمال ڪندو هو، پر انهن کي زالاڻا ڪي به حق حاصل نه هئا. غلامن جون سڄيون عمريون مالڪن جي غلامي ڪندي گذري وينديون هيون، پر جن جو ڪو به اجورو کين نه ڏنو ويندو هو. هنن کي گهر ۾ بس پنهنجي نوڪري چاڪريءَ لاءِ رهايو ويندو هو، پر انهن جو گهر ۾ حصو ملڻ ته ڇا، پر گهر جي ڪنهن شيءِ تي انهن جو حق نه هوندو هو. غلامن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت رکڻ جو ڪو حق حاصل نه هوندو هو ۽ انهن جي هر شيءِ جو رکوال انهن جو مالڪ هوندو هو. مختلف مذهبن عقيدن ۾ غلامن کي پنهنجي مالڪ سان سچو ۽ وفادار ٿي رهڻ جي تلقين ٿيل هوندي هئي. جيڪو مالڪ جي خدمت ڪندي ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڇڏيندو هو انهن کي اڳين زندگيءَ ۾ بهشت جي بشارت ڏني ويندي هئي ۽ اهڙن غلامن کي خدا جي خوشنودي ملڻ جي يقين دهاني ڪرائي ويندي هئي، جيڪي غلام مالڪ جي فرمان جا جيترا تعبيدار هوندا هئا، انهن جا ايمان جا اوترا درجات بلند سمجهيا ويندا هئا. مختلف عقيدن ۾ غلامن کي قربانيءَ طور به استعمال ڪيو ويندو هو. جهڙيءَ طرح سان مال ملڪيت يا جانورن کي مالڪ پاڻ مٿان آيل آفت کي ٽارڻ لاءِ يا پنهنجي بيماري ختم ڪرائڻ لاءِ صدقو ڏنو ويندو آهي يا جانورن کي زبح ڪيو ويندو آهي اهڙيءَ طرح سان غلامن کي به پنهنجي مالڪ جي مٿان آيل اوکي ويل کي ٽارڻ لاءِ ڪهي انهيءَ جو رت پنهنجي خدا جي راهه ۾ وهايو ويندو آهي ته جيئن انهن جو خدا غلام جو رت پيئي خوش ٿئي ۽ ان جي صدقي ۾ ان جي مالڪ مٿان آيل آفت ٽري وڃي. غلامن کي پنهنجي مالڪ مٿان قربان ٿيڻ کي وڏي سورهائي سمجهيو ويندو هو. ڪيترن غلامن کي پنهنجي مالڪ جي مري وڃڻ کانپوءِ انهن سان گڏ زنده ساڙيو ويندو هو يا وري مالڪ سان گڏ قبرن ۾ دفنايو ويندو هو ته جيئن وري جيئرو ٿيڻ کانپوءِ به اهي غلام انهيءَ مالڪ جي اتي به خدمت ڪري سگهن.
اوائلي دور کان وٺي جديد دور تائين انساني غلامي جو اهو رواج مسلسل هلندو رهيو آهي. دنيا ۾ ڪيئي انقلاب آيا، نوان مذهب آيا، پير پيغمبر آيا، پر ڪنهن به غلاميءَ جهڙي ڪڌي رسم کي مورئون ختم نه ڪيو. توڙي جو مختلف مذهبن غلامي جي سختيءَ کي نرم ڪيو ۽ غلامن جا ڪجهه حق ٻڌايا يا وري غلامن سان سٺو ورتاءُ قائم ڪرڻ لاءِ چيو ويو، نه رڳو ايترو، پر غلامن کي آزاد ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ سمجهيو ويو ۽ هڪ غلام کي آزاد ڪرڻ جو گهڻو ثواب ٻڌايو ويو، پر پوءِ به غلامي کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم رکندا آيا.
آڳاٽي زماني جيان اڄڪلهه جي جديد دور ۾ به غلامي ڪنهن نه ڪنهن رنگ روپ ۾ قائم رهندي پئي اچي. فرق صرف اهو آهي ته اڄوڪي غلامي اڳ واري غلامي کان گهڻو مختلف آهي ۽ هن دور ۾ غلامن کي مختلف طريقن سان پنهنجو باندي بڻايو پيو وڃي. توڙي جو ظاهري طور اهڙي ڪابه زنجير ناهي هوندي جيڪا غلام جي ڳچيءَ ۾ پيل نظر اچي، پر پوءِ به هڪ اڻ ڏٺو طوق بي پهچ غريب مظلوم ماڻهن جي ڳچين ۾ ضرور پيل هوندو آهي جنهن سان نه صرف انهن تي حڪم هلائي سگهجي ٿو، پر انهن تي من پسند فيصلا مڙهي انهن جي زندگين جا فيصلا پنهنجي مرضي سان ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه انهن مسڪين بي پهچ ماڻهن جون زندگيون گروي رکي سندن ٻچن جو گرهه وات تان لاهي پنهنجي عياشيءَ ۾ لڳائي سگهجي ٿو ۽ وڏي ڳالهه اها ته ان جي باوجود به اهو غريب مظلوم طبقو ان ڦورو ٺڳ کي پنهنجو دشمن سمجهڻ بدران کيس پنهنجو هڏ ڏوکي ۽ مددگار سمجهي سندس شان ۾ قصيدا چوندي نه ٿڪبا آهن ۽ انهن جي ڪوڙن ٺلهن ڀاڇڻن تي تاڙيون وڄائي پنهنجي نادانيءَ جو ڍنڍورو پٽيندا رهندا آهن ۽ انهن ظالم طبقي وارن جي اڳيان پڇ لٽڪائو ٿي نه صرف پاڻ کي، پر پنهنجي ايندڙ نسلن کي به ڪيئي صدين تائين غلام بڻائي ڇڏيندا آهن.
اهي ملڪ جن تي ڪڏهن فاتح ملڪن ڪيئي صدين تائين حڪومتون ڪيون هيون، توڙي جو حاضر دور ۾ انهن مٿان انهن فاتح قومن جو تسلط قائم ناهي رهيو ۽ ظاهري طور اهي ملڪ آزادي ماڻي چڪا آهن تڏهن به حقيقي طور اهي ذهني طور اڃان تائين سندن غلبي مان مڪمل طور آزاد ٿي ناهن سگهيا. فاتح قومن پنهنجون ريتون رسمون، ثقافت، رهڻ ڪرڻ جو ڍنگ ايستائين جو پنهنجي ٻولي توڙي پوشاڪ به مفتوح قومن مٿان مسلط ڪري چڪيون آهن. دنيا جي ٻين قومن جيان سنڌ ڌرتي به هميشه ڌارين قومن جي قبضي هيٺ رهندي آئي آهي، ڪڏهن هن تي يونانين قبضو ڪيو آهي ته ڪڏهن عربن ۽ ايرانين پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان هن ڌرتيءَ کي لتاڙيو آهي. ڪڏهن ارغونن، ترخانن ۽ تاتارين هتان جي معصوم زراعتي ڪم ڪندڙ توڙي واپاري ماڻهن کي پنهنجي ترارن جو کاڄ بڻايو آهي ته ڪڏهن انگريزن اچي پنهنجي توپن سان هن ڌرتيءَ کي چُٽيو آهي. هيءَ امن جي پيمبر ڌرتي هميشه لٽيرن هٿان لٽبي رهي آهي. توڙي جو هن وقت ظاهري طور هيءَ ڌرتي آزادي ماڻي چڪي آهي، پر پوءِ به هتان جا ماڻهو صدين جي غلامي جا طوق پنهنجي ڳچين ۾ پائيندي غلامي جا عادي بڻجي چڪا آهن ۽ اڄ ڏينهن تائين هي ماڻهو انهن حاڪم قومن جون ريتون رسمون قائدا قانون ٻوليون توڙي انهن جون پوشاڪون پائڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهن. وڏي ڳالهه اها ته انهن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي پوشاڪ گوڏ يا شلوار قميص پائيندي شرم ٿو اچي، پر ڌاري پينٽ شرٽ پائيندي ڳاٽ اوچو ڪري هلون ٿا. پنهنجي ماين کي رئو مٿي تي رکي هلڻ يا ساڙهي پائيندي شرم محسوس ٿا ڪريون جڏهن ته عربي جبا، عبايا پائيندي غيرت سمجهون ٿا، جنهن مان اسان اهو ثابت ٿا ڪريون ته مطلب اسان جو اصل پنهنجو ڪلچر بي حيائي ۽ بي غيرتي وارو هو ۽ ڌارين اچي اسان کي غيرت ۽ عزت سيکاري. اسان پنهنجي ٻوليءَ کي ڳالهائيندي پاڻ کي ڄٽ ۽ جاهل ٿا سمجهون، پر پرائي ٻولي اردو، عربي، فارسي توڙي انگريزي ۽ چيني ٻوليون ڳالهائي پاڻ کي پڙهيل ڳڙهيل ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان وٽ اهڙا پهاڪا وجود ۾ اچي چڪا ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي” يا انگريزي ٻولي ڳالهائڻ سان ئي علم و دانش وارو سڏي سگهجي ٿو جڏهن ته پنهنجي سنڌي ٻولي ڄٽ ۽ جاهل جي ٻولي تصور ڪئي وڃي ٿي.
نه رڳو اڳيان ڌاريا اسان تي ڪاهون ڪري اسان تي مسلط ٿي اسان جي مٿان قابض ٿي ويٺا رهيا، پر اڄ جا اسان جا پنهنجا ڪجهه قوم دشمن ۽ ملڪ دشمن عناصر جيڪي رنگ روپ، شڪل شبيهه ۾ ڏسڻ ۾ ته هوبهو اسان جهڙا ٿا لڳن، پر حقيقي طور اهي به انهن قابضن جا پڇ لٽڪائو، انهن جا دلال، پنهنجي ماڻهن جا ويري ۽ پنهنجي قوم ديش جا غدار جن ڏکيو وقت اچڻ تي هميشه پنهنجي قوم سان غداري ڪري پنهنجي ملڪ کي ڌارين هٿان وڪڻي صرف پنهنجا ذاتي مفاد ماڻيندا رهيا آهن، اڄ ڏينهن تائين سنڌ انهن پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن جي چنگل ۾ ڦاٿي پئي آهي ۽ افسوس جو اڄ ڏينهن تائين اسان جا غريب مسڪين ماڻهو انهن رئيسن ڀوتارن جا غلام رهندا پيا اچن. اسان جو اٻوجهه عوام اڃان تائين انهن ديش دروهين ملڪ دشمن قوتن جا فرمانبردار ٿي، انهن جا پڇ لٽڪائو بڻجي پنهنجي ئي ايندڙ نسلن کي اڃان وڌيڪ انهن سفاڪ صفت درندن جي غلاميءَ ۾ شامل ڪندا رهن ٿا. اها ذهني غلامي ئي چئي سگهجي ٿي جو اسان ڪنهن امير رئيس وڏيري سان واسطا رکي، انهن سان گڏ فوٽو ڪڍرائي پنهنجي معتبرائپ ظاهر ڪندا آهيون. اسان انهن ديش دروهين کي، چند ٽڪن تي ڌرتي کپائيندڙ دلالن کي اسان پنهنجي اوطاقن تي دعوتون ڏيئي گهرائي کين ڪلهن تي اجرڪون اوڍائي تاريخ ۾ پاڻ کي به غدارن جي فهرست ۾ شامل ڪري رهيا آهيون.
تنهنڪري اڄ اسان اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيون ته غلاميءَ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ڪرڻو چاهي اها ڪهڙي به روپ ۾ ڇو نه هجي يا چاهي اها ڪهڙي به مذهب توڙي فرقي جي نالي تي مڙهي وڃي. آزادي انسان جو پيدائشي حق آهي، اهڙو حق انسان کان ڪو کسي نٿو سگهي. غلامي چاهي جسماني هجي يا ذهني هجي يا اقتصادي، اڄ جي جديد انسان کي هر قسم جي غلامي مان پنهنجي جند آجي ڪرائڻي آهي. غلامي هڪ ناقابل قبول رويو آهي جيڪو ڪهڙي به صورت ۾ ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪيو ويندو. آزادي زنده آباد، غلامي مرده آباد.

