فيس بڪ تي ٺاهيل سياسي گروپن بابت ڪمپني وڏو قدم کڻي ڇڏيو
سوشل ميڊيا سائيٽ فيس بُڪ چيو آهي ته ڪمپني سائيٽ تان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي لاءِ سياسي ۽ سماجي گروپن بابت هڪ اهم قدم کنيو آهي. فيس بُڪ بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني پنهنجي پليٽ فارم تان قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سياسي ۽ سماجي گروپن کي مهم ۽ ان کي جوائن ڪرڻ جي پروموشن کي ختم ڪري رهي آهي ۽ ان قدم جو مقصد فيس بُڪ جي قائدن ۽ ضابطن ٽوڙيندڙ گروپن جي پهچ کي محدود ڪرڻ آهي جڏهن ته ان سان گڏ ئي اهڙن گروپن تائين سفارشن جي ذريعي عوام جي پهچ به محدود ڪرڻ آهي جيڪي ماضي ۾ فيس بُڪ جي قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري چڪا آهن. ياد رهي ته محققن ۽ سول رائٽس آرگنائيزيشن طرفان فيس بُڪ کي تنبيهه ڪئي وئي هئي ته عوامي دلچسپي ۾ واڌ بابت ٺاهيل گروپ به ماضي ۾ غلط ڄاڻ پکيڙڻ جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ فيس بُڪ انجنيئرنگ جي نائب صدر ٽام اليس جو چوڻ هو ته فيس بڪ تيزي سان گروپن ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي ۽ صارفين چاهين ٿا ته اسان فيس بُڪ تي موجود سياسي مواد ۾ گهٽتائي آڻيون.
هن چيو ته هاڻ صارفين کي ڪنهن به عنوان تي ٺاهيل گروپن کي سفارشن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 21 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو ته جيئن ڪمپني اهو ڄاڻي سگهي ته گروپ کي آپريٽ ڪيئن ڪيو پيو وڃي.

