خاص

قائداعظم جي مزار تي نعرن وارو معاملو، مريم نواز جو مڙس ڪئپٽن (ر) صفدر گرفتار

ڪراچي پوليس مريم نواز جي مڙس ڪئپٽن (ر) صفدر  کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب پوليس محمد صفدر کي نجي هوٽل مان گرفتار ڪيو ۽ کيس قائداعظم جي مزار تي نعرا لڳائڻ تي مزار قائد ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪئپٽن صفدر جي خلاف ڪيس برگيڊ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس گرفتار ڪري عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ رکيو ويو آهي. برگيڊ ٿاڻي جي پوليس ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ليگي اڳواڻ کي قائداعظم جي مزار جي تقدس جي پامالي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته شهري وقاص جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ 200 ماڻهو شامل هئا جڏهن ته ڪيس ۾ موتمار ڌمڪي، سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ ۽ مزار قائد جي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي به شامل ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪئپٽن (ر) صفدر کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو اڃان ناهي ٿيو ۽ ان جي منتقلي جي جڳهه بابت اڃان ڪجهه به نٿا ٻڌائي سگهون. پوليس اختيارين موجب ڪئپٽن صفدر کان جاچ کانپوءِ کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بابت ڪو فيصلو ڪيو ويندو.