مان ته هڪ يادگار پيڙهُين جو عظيم شاعر نارائڻ شيام کي ڀيٽا نصير مرزا
9 جنوري 1989ع… جنهن صبح جو هند سنڌ جي جديد سنڌي شاعر، نارائڻ شيام جي ديهانت جي خبر سنڌي اخبارن ۾ ڇپي. آئون ڪراچي ۾ هوس. خبر پڙهي اداس اکين سان آسمان ۾ مون ڏٺو، سنڌ جو آسمان حُسن ۽ پکين کان خالي خالي نظر آيو. اهڙي اٻاڻڪائي ۾ دل چاهيو، ڪنهن سان فون تي ڳالهايان، پنهنجو ڏک شيئر ڪريان. پوءِ ذهن تي زور ڏيئي يادگيرين مان شيام جا شعر چپن تي دهرائيندو رهيس.
تنهنجي سنڀار آئي دل جو ڪنول ٽڙي پيو،
نڪتو ڪو ذڪر اهڙو، جو بات بات چمڪي.
آواز رنگ لاتو، ورتي خيال صورت،
ڏاتر جي ڏات چمڪي، شاعر جي بات چمڪي.
پوءِ اندر مان آواز آيو، هڪ صديءَ کانپوءِ پڻ شايد ڪي عالم ۽ اديب، شيام جي شعرن منجهان ڳولي لهن نقتا نوان تڏهن شيام جو هي شعر به ياد آيم:
پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي، ڇا ڪندين پڇي،
هان ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.
پوءِ لڳو، شيام جا شعر، صرف شعر نه، انڊلٺ ريکا آهي جن جا رنگ سندس وصال جي صدمي سبب ڄڻ لڙڪن جي ڌنڌ يا شايد دهلي ۾ ڪنهن شمشان گهاٽ تان سندس اگني سنسڪار واري دونهين باعث، ذهن ۾ دونهاٽبا، ڌنڌلائبا پيا وڃن. ڪيڏو نه ٻوجهل ڏينهن هو اهو مون لاءِ، آئون ان وقت ڪراچي واري قديم بامبي هوٽل ۾ چترڪار خدا بخش ابڙي جي آرٽ اسٽوڊيو ۾ ويٺو هئس، تڏهن ٽيبل وٽان اٿي بالڪني ۾ گلن واري ڪونڊيءَ وٽ اچي بيٺس ته شيام جو هي خوبصورت شعر ياد پيو:
پوپٽن بابت ته سوچو ئي نه هوم،
مون ته گل پوکيا ايئن ئي شوق مان.
خدا بخش جو ٺاهي ڏنل ڪافيءَ جو ڪوپ ٿڌو ٿيندو رهيو ۽ دور سرحد پار کان شيام جي ڏکويل هيءَ صدا ايندي رهي:
الائي ڪهڙي گهڙي شيام ان مان نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
سنڌ ڪراچيءَ ۾ ورهاڱي کان اڳ شيخ اياز صاحب ۽ نارائڻ شيام پاڻ ۾ ڪاليج فيلو هئا. ورهاڱي جو هاڃو شروع ٿيو ته شيام سنڌ مان لڏيو. شيخ اياز هن کي ڪراچي بندر تائين ڇڏڻ ويو. پوءِ بامبي بندر تي لهڻ ۽ دهلي ۾ تنها تنها ڀٽڪندي شيام دل جو حال هن شعر ۾ بيان ڪيو:
گهميس شهر ۾ پئي اڪيلو اڪيلو،
ته ڪو پاڻ جهڙو ملي ڪنهن گهٽيءَ ۾.
تڏهن هند سنڌ ۾ هندو مسلم جهيڙا جهڳڙا ۽ انسانيت جو هر طرف خون وهندو ڏسي دل سان دانهن ڪئي.
ٻري مسجد ۾ ۽ مڙهيءَ ۾ ڏِيو،
پر نه ڌرمن جو انڌڪار ويو.
هاڻي اها ڳالهه به طئي ته 1947ع تي ڀارت شيام جو محض سکڻو سرير ئي ويو هو. هن جو روح ته سنڌ، سنڌ جي هوائن ۽ ٻوليءَ ۾ هو. تڏهن هندستان ۾ ڇڙوڇڙ سنڌي هندو خاندانن ۽ سنڌ تي ڌارين جي يلغار ڏسي، هن ڏک مان آواز بلند ڪيو ۽ سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو…
الا! ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
آگسٽ 1988ع ڌاري پراڻي سکر واري گهر جي اسٽڊيءَ ۾ اياز صاحب کان پڇو هئم. جديد سنڌي شاعرن ۾ اوهان جي پسند جو شاعر…؟ تڏهن شيخ صاحب جهٽ جواب ڏنو. “صرف نارائڻ شيام” ساڻس بي پناهه محبت ۾ اياز صاحب، سُر نارائڻ شيام به لکيو، جنهن ۾ چيائين:
آهه اڌوري تو بنا، هيءَ جا منهنجي “مون”،
ساميءَ وانگر “تون”، سدا رهندين سنڌ ۾.
اياز صاحب پنهنجي ڪتاب “سر لوهيڙا ڳڀيا” ۾ لکيو: “مون شيام کي چيو… شيام! تون اڳئين جنم ۾ وديا پتي هئين ڇا؟”
شيام چپن تي آڱر رکي چيو… شو… او… متان ٻئي ڪنهن کي ٻڌائين، پوءِ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هئائين. شيخ اياز صاحب وڌيڪ لکيو:
“مون هن کي چيو: شيام، سنڌ سنڍ نه آهي، ڀٽائي کانپوءِ سچل، سامي، توکي ۽ مون کي جنم ڏنو اٿائين. ڀارت ۾ ايترا شاعر ٻن هزار سالن ۾ به پيدا نه ٿيا آهن، جيترا سنڌ اڍائي سئو سالن ۾ پيدا ڪيا آهن.”
ڪتاب “نارائڻ شيام: شخصيت ۽ فن” جي مهاڳ ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل هندو مسلم عظيم شاعرن جي پسمنظر ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو: “اسين سنڌي هڪ قوم آهيون… ڌرم ۽ مذهب جي بنيادن تي قومن جي “ورهاست” ۽ “ورهاڱي” کي اسين ڪونه ٿا مڃون. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شاهه، سچل، سامي ۽ دلپت… يا سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جا “شيام” ۽ “اياز” جذبي ۽ خيال جي هڪ ئي دنيا ۾ بيهاري… اسان کي هڪ قوم بڻائين ٿا.”
جويي صاحب جي راءِ جي تسلسل ۾ منهنجو خيال هو ته 25 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوابشاهه ۾ جديد سنڌي شاعري جو جيڪو “اڌ دائرو”، نارائڻ شيام جي نالي سان پيدا ٿيو هو، صرف هڪ سال کانپوءِ اهو دائرو 1923ع ڌاري شڪارپور ۾ شيخ اياز جي جنم سان ڄڻ “مڪمل” ٿي ويو. ايئن ويهين صديءَ ۾ هڪ ئي وقت اسان ٻن مهان شاعرن کي هڪ ئي صديءَ ۾ موجود ڏٺو ۽ اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪٿي هو. سنڌي ٻوليءَ جي هنن ٻنهي مهان شاعرن جي شاعراڻي اڻتڪاري ۽ اسلوب جو جائزو وٺبو ته اياز جي شاعري جهڙي اونهاري جو گرم ڏينهن ۽ شيام جي شاعري جهڙي ستارن ڀريل ننڊاکڙي رات. اياز جي شخصيت ائين ڄڻ “ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري” ۽ شيام جو ڌيرج ڌيرج ڀريو سڀاءُ، ايئن ڄڻ “رڻ ۾ رات ٺري” ۽ اياز جو مزاج وڏي پکيڙ ۾ پکڙيل “بڙ جو وڻ.” ان جي مقابلي ۾ شيام جو سڀاءُ ڄڻ پپر جو وڻ، اياز جي شاعري پڙهو ته جهڙا سج جا تاوَ تتل ڪرڻا، شيام جي ڪوتا پڙهو ته جهڙي ڪنهن ڇانو ڀريي وڻ جي ٿڌي ٿڌي ٿڌڪار. شيام پاڻ ته چيو آهي:
اچ اچ سائي وڻ جي هيٺان،
ڇانوَ نه ملندءِ سڪل وڻ کان.
اياز ۽ شيام جي تخيل ۾ واضح فرق هي به ته اياز وٽ انا ۽ اڊمبر نظر ايندو، شيام وٽ نمرتا، نيازمندي ۽ انڪساري نظر ايندي.
هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه خالي،
نه پنهنجي زندگي اهڙي نه پنهنجي شاعري اهڙي.
شيام جي شاعريءَ جو اڀياس ڪبو ته ان ۾ چتر ۽ عڪس چٽيل نظر ايندا. جي ها، احساسن سان ڀريل زنده ۽ جاويد عڪس. ان ڏس ۾ هي سندس ڇا ته خوبصورت دوهو ڏسو:
چانڊوڪيءَ جي آرسي روپهري ۽ ايڪانت،
پنهنجي سونهن ڏسي ڏسي، ڳائي پئي سانت.
سندس ٻئي دوهي ۾، هي منظر ڏسو:
رات ايئن ها سيج تي، وٽڙيل تنهنجا وار،
ڄڻ شاعر جي ذهن تي ربط بنان اشعار.
شيام جي شاعريءَ جا عجيب رنگ، ڍنگ آهن، هن وٽ خوشبو “ڳالهائي” ٿي. باک “مرڪي” ٿي، منظر ڳالهائين ٿا، بقول سندس:
صورت ڏنم خيال کي، صورت کي آواز،
رنگ ڀريم آواز ۾، رنگ ڪيو اعجاز.
بي جان شين کي جاندار ڪري پيش ڪرڻ ته شيام کان ڪو سکي، ان جو ننڍڙو هڪڙو مثال هي ڏسو:
اجهو “اس” پئي چنبڙي ايئن گلن کي،
بکيو چنبڙي جئن ڪو “ابهم” ٿڻن کي.
شيام جي غزلن ۾ احساسن ۽ عڪسن جي جيڪا نواڻ آهي، هتي انهن مان به ڪي روح کي راحت ڏيندڙ مثال ڏسو:
ٻُهاري ڏئي هاڻ نوڪر مُڙيو،
پٺيانئس ڪِريا پن ٻه ڪُونڊيءَ منجهان.
**
ٻار کي ڪنهن جي هنج مان وٺندي،
ڇا ته دلڪش هُڳاءَ جو احساس.
**
ڀر ۾ بيٺي ته اک کڻي نه ڏٺئه،
ويندي ويندي مڙي نهاريو تو.
رات جو سمهي صبح جو اٿڻ بعد ڪابه حسينا پوءِ اها قلو پئٽرا هجي يا ايشوريا… شيام هي شعر ڄڻ اهڙين حسينائن لاءِ ئي ته لکيو آهي:
هُيئه صبح جو وار وٽڙيل اهي ئي،
گهڻو شام جو کين، تو ڀي سنواريو.
۽ اڄ نائين جنوري 1989ع… شيام جي لاڏاڻي واري ان ڏينهن کي ياد ڪندي سندس هي شعر ذهن تي تري آيو اٿم:
پٿر ڪرندي ڍنڍ ۾، جيئن ٿيو آواز،
ڀر تي بيٺل وڻ منجهان، پکيءَ ڪيو پرواز.
هي شعر به شيام پڻ پنهنجي “ديهانت” لاءِ اڳواٽ چيو هو ۽ اڄ اها ئي ڪيفيت هن لاءِ منهنجي به آهي:
هٿ آلا ۽ کارا اٿئي،
شايد ڳوڙها شيام اگهيا تو.
اي ڪاش: دهليءَ جي شمشان گهاٽ تان شيام جي پوتر شرير جي رک، سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪرڻ لاءِ سنڌ موڪلي وڃي ها. جيئن اها سنڌوءَ جي پاڪ پاڻيءَ سان ملي، سنڌ جي آباد شاداب کيتن ۾ پکڙجي، ڪڻڪ جي سونهري سنگن، مينديءَ جي ٻوٽن ۽ سدا بهار جي گلن ۾ سمائجي وڃي ها ۽ هن مهان سرجڻهار جا رنگا رنگ سپنا سنڌ ديس جي وستيءَ وستيءَ ۽ واهڻ واهڻ ۾ ازل ابد تائين جهومندا رقص ڪندا رهن ها.
“جهومندا رقص ڪندا رهن ها.”
(ڪراچي- هوٽل سراواڻ جي روم نمبر 1006 ۾ لکيل 2020-12-12).
***

