بلاگ

مراقبو: ” ايڪيهين صدي لاءِ ايڪيهه سبق“ ترجمو: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو Sep 2020

(يووال نوح هراري جي ڪتاب “ايڪيهين صدي لاءِ ايڪيهه سبق” مان باب 21 “مراقبو” جو سنڌي ترجمو).

هي ايڪيهون باب “مراقبو” عالمي شهرت يافته نوجوان تاريخدان ۽ فلسفي يووال نوح هراري جي ڪتاب “ايڪيهين صديءَ لاءِ ايڪيهه سبق” جو سنڌي ترجمو آهي. مصنف جي اڳ ۾ ڇپايل ٻن ڪتابن “سيپينس: انسان ذات جي مختصر تاريخ” ۽ “هومو-ڊﻳئوس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ” وانگر هن ڪتاب جون به ڏهه لک کان وڌيڪ ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن. هي ڪتاب جونيٿن ڪيپ، لنڊن طرفان 2018 ۾ ڇاپيو ويو آهي.

(بس مراقبو ضرور ڪيو)

ڪيترين ئي ڪهاڻين، مذهبن ۽ نظرين تي تنقيد کانپوِءِ اهو ضروري آهي ته آئون پنهنجو پاڻ کي به تنقيد جي حملي هيٺ آڻيان ۽ اهو واَضح ڪريان ته هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جو ڪنهن ڳالھ تي اعتبار نه آهي اهو صبح جو ننڊ مان خوش خوش ڪيئن ٿو اٿي يا سجاڳ ٿئي، پر ايئن ڪرڻ کان ٻن سببن جي ڪري مان لنوايان ٿو: هڪ ته منهنجي سوچ ۽ منهنجي نظرئي ڏانهن منهنجو غير ارادي جھڪاءُ جو خوف، ٻيو ته مان ڪو غلط تاثر ڏيڻ نٿو چاهيان ڇو ته اهو ضروري نه آهي ته جيڪا شيءِ منهنجي لاءِ ڪارگر آهي سا لازمي طرح سان ٻين لاءِ به ڪارگر هجي. ان سلسلي ۾ مون کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته منهنجي جينياتي ترتيب، انفراديت ۽ ذاتي تاريخي واقعات ۽ عقيدا بلڪل مختلف آهن، پر پڙهندڙن لاءِ اهو ڄاڻڻ شايد بهتر ٿيندو ته اهي ڪهڙا رنگ آهن جيڪي منهنجي ڏسڻ جي شيشن کي رنگين بڻائين ٿا، جن منجھان مان دنيا کي ڏسان ٿو يا وري ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته اهي ڪيئن نه منهنجي ڏسڻ ۽ لکڻ جي سگھ کي مروڙيو ويٺا آهن.

جنهن وقت مان جوان ٿي رهيو هئس ان وقت اڪثر پريشان ۽ بيقرار رهندو هئس. دنيا ۽ زمانو منهنجي لاءِ هڪ ڳجھارت بڻيل هئا. مون وٽ زندگي بابت سوالن جا ڪي به جواب نه هئا. خاص طور تي مان اهو سمجھي نه پئي سگھيس ته دنيا توڙي منهنجي زندگي ۾ ايتريون مصيبتون ۽ تڪليفون ڇو هيون. ماڻهن کان توڙي انهن ڪتابن کان جيڪي مون پڙهيا مون کي رڳو اهو معلوم ٿيو ته اسان وٽ رڳو ڏند ڪٿائون ئي آهن. مثال طور: خدائن ۽ بهشتن بابت مذهبي ڏند ڪٿا، پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ سندس عظيم تاريخي مقصد بابت قوميت جي ڏند ڪٿا، پيار ۽ پيار وارن جي ڪارنامن بابت عشق جي ڏند ڪٿا يا وري سرمائيداري جي ڏند ڪٿا جيڪا معاشي ترقي بابت اهو ٻڌائي حيران  ڪري ٿي ته مون کي نيون شيون خريد ڪرڻ ۽ واپرائڻ ۾ ڪيڏي نه خوشي ملندي! ان وقت مون کي ايتري سمجھ ضرور هوندي هئي ته اهو محسوس ڪري سگھان ته اهي سڀ ڳالهيون شايد ڪهاڻيون يا ڏند ڪٿائون آهن، پر مون کي سچائي يا سندس دڳ بابت ڪابه پڪِي ڄاڻ ڪا نه هئي.

جڏهن مان يونيورسٽي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو ته مون سوچيو ته اها مٿين سوالن جي جوابن ڳولڻ لاءِ هڪ بهترين جڳهه آهي، پر مان مايوس ئي ٿيس. تعليمي ۽ نصابي دنيا مون کي اهڙا طاقتور اوزار ۽ هٿيار ڏنا جن وسيلي مان ماڻهن طرفان ٺاهيل سڀني هٿ ٺوڪين ڏند ڪٿائن جو باريڪ بيني سان تجزيو ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويس، پر زندگي جي وڏن سوالن جي جوابن بابت اڃان به مطمئن نه هئس. ٻئي طرف تعليمي دنيا منهنجي توجھ سوڙهن ۽ ننڍن ننڍن سوالن تي مرڪوز ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مون آڪسفورڊ يونيورسٽي مان “وچئين دور جي سپاهين جون سوانح-نگاري واريون لکڻيون” جي عنوان هيٺ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان سان گڏوگڏ مون فلسفي ۽ فلسفيانه بحثن تي ڪتابن پڙهڻ جي عادت کي جاري رکيو، جنهن مون کي اڻ کٽ ذهني آسودگي ته ڏني، پر پوءِ به ڪا حقيقي ۽ گھربل دور انديشي نه ملي سگھي. نتيجي ۾ مان ڏاڍو مايوس ٿيس.

اتفاقي طور تي منهنجي هڪ سٺي دوست ران ميرومRon Merom  مون کي صلاح ڏني ته مان ڪجھ ڏينهن لاءِ سڀني ڪتابن ۽ ذهني بحث مباحثن کان پاسيرو ٿيان ۽ وِپاسنا جو مراقبي وارو ڪورس ڪيان (وِپاسنا جو مطلب آهي اندر ۾ جھاتي پائڻ، هي لفظ اصل ۾ قديم هندستان جي پالِي زبان مان ورتل آهي). ان تي مون سوچيو ته اهو شايد نئين دور جو ڪو بيڪار خيال يا ڪورس هوندو. جيئن ته مون ڪنهن به نئين ڏند ڪٿا جي باري ۾ ٻڌڻ نه پئي چاهيو، ان ڪري شروع ۾ مون انڪار ئي ڪيو، پر هڪ سال جي لنوائڻ کانپوءِ اپريل 2000 ۾ هن مون کي ڏهن ڏينهن جي وِپاسنا لاءِ راضي ڪري ورتو.

هن کان اڳ مان مراقبي بابت تمام گھٽ ڄاڻندو هئس ۽ سوچيندو هئس ته ان ۾ ضرور سڀني قِسمن جي منجھيل صوفياڻن نظرين جي ڀرمار هوندي، پر مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته اهو سکڻ عملي طرح سان ڪيڏو نه بهتر هو. ان ڪورس جو استاد ايس. اين گوئنڪا شاگردن کي هدايت ڪندو هو ته اهي زمين تي پلٿي هڻي ٽنگون هڪ ٻئي ۾ وچڙائي ويهن، پنهنجون اکيون بند ڪن ۽ پنهنجي سڄي توجهه ناسن منجھان ساهه اندر کڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ تي مرڪوز ڪن. هو چوندو هو ته، “ڪجھ به نه ڪيو.” هو هدايتون جاري رکندي چوندو هو، “ساهه کڻڻ تي ڪابه روڪ ٽوڪ نه ڪريو ۽ نه ئي اِها ڪوشش ڪيو ته ساهه ڪنهن خاص طريقي سان  اندر کڻو يا ٻاهر ڪڍو، صرف موجوده گھڙِيءَ جي حقيقت جو مشاهدو ڪيو، ڀلي اها ڇا به هجي. جڏهن ساهه اندر اچي رهيو هجي ته توهان کي صرف اها خبر پوڻ گھرجي ته ساهه اندر اچي رهيو آهي. جڏهن ساهه ٻاهر اچي رهيو هجي ته توهان کي صرف اها خبر پوڻ گھرجي ته ساهه ٻاهر اچي رهيو آهي، پر ٻيو ڪجھ به نه. جڏهن توهان جي توجھ هٽڻ لڳي ۽ توهان جا خيال توهان جي يادگيرين يا خيالي دنيائن ۾ منتشر ٿيڻ لڳن ته توهان کي صرف اهو محسوس ٿيڻ کپي ته توهان جا خيال توهان جي ساهن اندر ۽ ٻاهر اچڻ کان منتشر ٿي رهيا آهن”. اها اهم ترين ڳالهه هئي جيڪا مون کي ڪنهن به ڪڏهن به نه ٻڌائي هئي.

جڏهن ماڻهو مون کان زندگي جي وڏن سوالن بابت پڇندا آهن ته عام طرح سان انهن کي ان ڳالهه سان ڪابه دلچسپي نه هوندي آهي ته انهن جو ساهه ناسن مان ڪڏهن اندر ۽ ٻاهر اچي رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اهي اهو ڄاڻڻ چاهيندا آهن ته مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو. جڏهن ته زندگي جي اصل حقيقت اها نه آهي ته مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، پر ان جي برعڪس اهم اهو آهي ته مرڻ کان اڳ ڇا ٿو ٿئي. جيڪڏهن موت کي سمجھڻو آهي ته پهريان توهان کي زندگي کي سمجھڻو پوندو.

ماڻهو پڇندا آهن ته، “جڏهن مان مري ويندس ته ڇا مان صفا غائب ٿي ويندس؟ ڇا مان جنت ۾ ويندس؟ ڇا مان نئين جسم ۾ وري جنم وٺندس؟ هي سوال ان مفروضي تي ٻڌل آهن ته ڪا نه ڪا ‘مان’ يا ‘آئون’ جهڙي شيءِ آهي جيڪا ڄمڻ کان مرڻ تائين تبديل ٿيڻ کانسواءِ موجود رهي ٿي. تنهنڪري هن ‘مان’ سان موت مهل ڇا ٿو ٿئي جو سوال ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿو، پر ڄمڻ کان مرڻ تائين اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هڪ وجود رکي ٿي ۽ برقرار رهي ٿي؟ اسان جو جسم ته هر لمحي تبديل ٿيندو رهي ٿو، اسان جو دماغ يا مغز به هر لمحي تبديل ٿيندو رهي ٿو، ساڳيءَ طرح سان اسان جو ذهن يا فهم به هر لمحي تبديل ٿيندو رهي ٿو. جيئن ئي توهان ڳوڙهو مشاهدو ڪندئو تيئن ئي توهان تي هي ڳالهه ظاهر ٿيندي ويندي ته هڪ کان ٻئي لمحي تائين ڪا به شيءِ ساڳي نه ٿي رهي، پر تبديل ٿي وڃي ٿي. تنهنڪري هن سڄي زندگي کي ڪهڙي شيءِ جوڙي رکي ٿي؟ مون کي ان سوال جو جواب معلوم نه آهي. جيڪڏهن توهان هن جو جواب نٿا ڄاڻو ته توهان زندگي کي به نٿا سمجھي سگھو ۽ يقينن موت کي سمجھڻ به توهان جي وس ۾ نه هوندو. جڏهن توهان اهو معلوم ڪري وٺندئو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا زندگي کي جوڙي رکي ٿي تڏهن ئي شايد موت سان لاڳاپيل وڏي سوال جو جواب ملڻ به ممڪن ٿي پوي.

ماڻهو چوندا آهن، ‘روح ئي ڄمڻ کان مرڻ تائين هڪ نه تبديل ٿيندڙ وجود رکي ٿو جيڪو زندگي کي جوڙي رکي ٿو’، پر اها ته هڪ ڪهاڻي ئي چئبي. ڇا توهان ڪڏهن روح کي ڏٺو آهي؟ توهان ان بابت زندگي ۾ ڪنهن به مهل کوجنا يا ڳولا ڪري سگھو ٿا ته پوءِ فقط مرڻ جي گھڙي دوران ئي ڇو؟ جيڪڏهن توهان اهو سمجھي سگھو ٿا ته جڏهن هڪ لمحو ختم ٿئي ٿو ۽ ٻيو شروع ٿئي ٿو ته ان وچ ۾ توهان سان ڇا ٿو ٿئي ته يقينن توهان اهو پڻ سمجھي سگھندو ته مرڻ جي گھڙي مهل توهان سان ڇا ٿيندو. جيڪڏهن سچ پچ ۾ توهان مراقبي دوران هڪ ساهه کڻڻ مهل صحيح نموني سان پنهنجو مشاهدو ڪري سگھو ٿا ته يقينن اِهو سڀ ڪجھ به سمجھي سگھو ٿا.

مان ساهه کڻڻ جي مشاهدي دوران پهرين ڳالهه اها سکي ته جيڪي به ڪتاب مون پڙهيا هئا، جيترا به يونيورسٽي جا ڪلاس مون ورتا هئا، اهي سڀ مون کي پنهنجي ذهن کي سمجھڻ ۾ ۽ ان تي ضابطو سيکارڻ ۾ بلڪل ئي ناڪام ويا هئا. پنهنجي ممڪنه ڪوشش باوجود مان پنهنجي توجھ ڏهه سيڪنڊن کان وڌيڪ پنهنجن ناسن منجھان ساهه اندر کڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ تي مرڪوز نه پئي رکي سگھيس ۽ نتيجي ۾ منهنجو ذهن هيڏانهن هوڏانهن جي خيالن ۾ ڀٽڪي ٿي ويو. سالن تائين سمجھندو رهيو هئس ته مان پنهنجي زندگي جو مالڪ آهيان ۽ پنهنجي ذات تي ضابطو رکندڙ سِي اِي او (چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر) آهيان، پر چند ڪلاڪن جو مراقبو ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي رهيو ته مان پنهنجي پاڻ تي ضابطي رکڻ کان لاچار آهيان. مان سِي اِي او نه هئس، پر ڄڻ ته فقط دروازي تي بيٺل هڪ پٽيوالو هئس جيڪو پنهنجي جسم جي دروازي يعني ناسن وٽ بيٺل هو. هُو رڳو جيڪو ڪجھ اندر آيو ٿي يا ٻاهر ويو ٿي ان تي نظر رکي رهيو هو، پر چند لمحن کانپوءِ ان کان اهو ڪم به نه پئي ٿيو ۽ توجھ هٽي ٿي وئي. ان تجربي ڄڻ ته منهنجون اکيون کولي ڇڏيون.

جيئن جيئن مراقبي جو ڪورس اڳتي وڌندو رهيو تيئن تيئن شاگردن کي نه صرف پنهنجن ساهن جو، پر پنهنجي جسم ۾ پيدا ٿيندڙ سڀني محسوسات جو مشاهدو ڪرڻ سيکاريو ويو. مراقبي ۾ صرف اعلى ترين لطف ۽ شناسائي جي اوج جهڙن مشاهدن تي نه پر عام زندگي سان لاڳاپيل مشاهدن جهڙوڪ گرمي، دٻاءُ، تڪليف وغيره تي غور ڪيو ويندو هو. وِپاسنا مراقبي جي هن حڪمت عملي جو بنياد هن ڳالهه تي آهي ته ذهني صلاحيتن ۽ جسماني محسوسات جو هڪٻئي سان ڳُوڙهو لاڳاپو آهي. دنيا ۽ منهنجي وچ ۾ هميشه منهنجا پنهنجا جسماني محسوسات ئي آهن. مان ٻاهرين دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن تي نه ئي ڌيان ڏيان ٿو نه ئي وري رد عمل ڏيکاريان ٿو، پر مان هميشه پنهنجي جسم ۾ پيدا ٿيندڙ محسوسات تي ئي پنهنجو ردِ عمل ڏيکاريان ٿو. جڏهن اهي محسوسات ناخوشگوار محسوس ٿيندا آهن ته مون ۾ نفرت ۽ ڪراهت جو ردِ عمل پيدا ٿئي ٿو ۽ جڏهن اهي خوشگوار هوندا آهن ته مون ۾ انهن لاءِ وڌيڪ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. ايستائين جو جڏهن اسان سمجھندا آهيون ته اسان ٻئي ماڻهو جي ڪنهن عمل تي پنهنجو ردِ عمل ڏيکاريندا آهيون، جهڙوڪ: صدر ٽرمپ جي تازه ترين ٽوئيٽ يا ٻئي ماڻهو جي ٻالڪپڻ جي يادگيري وغيره ته ان صورت ۾ به اصل ۾ اسان پنهنجي ئي جسم ۾ پيدا ٿيندڙ محسوسات جو ئي ردِ عمل ڏيکاريندا آهيون. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي قوم يا خدا جي بيعزتي ڪندڙ ماڻهو تي ناقابل برداشت ڪاوڙ اچي ٿي ته اها به اصل ۾ اسان جي پنهنجي جسم اندر يا دل ۾ سڙڻ ۽ سُور جي احساس کي محسوس ڪرڻ جي ڪري ئي پيدا ٿيندي آهي. اسان جي قوم ڪجھ به محسوس نه ڪندي آهي، پر اسان جي پنهنجن جسمن کي ئي تڪليف ٿيندي آهي.

جيڪڏهن توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪاوڙ ڇا آهي ته ان لاءِ توهان کي صرف ڪرڻو اهو آهي ته ڪاوڙ دوران پنهنجي محسوسات جو مشاهدو ڪيو. مان چوويهه سالن جو هئس جڏهن مراقبي جي هن نعمت سان واقف ٿيس. ان کان اڳ شايد ڏھ هزار دفعا مون کي ڪاوڙ آئي هوندي، پر ڪاوڙ ۾ ڇا محسوس ٿيندو آهي اهو مون ڪڏهن به مشاهدو نه ڪيو هو. جڏهن به مان ڪاوڙ ۾ ايندو هئس ته مان پنهنجي جسم کان ٻاهر ڪاوڙ ڏياريندڙ شيءِ (مفعول) بابت ئي سوچيندو هئس. يعني منهنجي توجھ ڪنهن ٻئي ماڻهو، جنهن ڪجھ ڪيو يا چيو تي هوندي هئي، پر اصل ڳالهه يعني ڪاوڙ ۾ منهنجي جسم جا محسوسات ڪهڙا آهن، مون کان لڪل ئي رهيا.

مان سمجھان ٿو ته مراقبي جي ڏهن ڏينهن ۾ مون پنهنجي ۽ ٻين ماڻهن بابت پنهنجن محسوسات ۽ حسي مشاهدن وسيلي اُن وقت تائين جي زندگي کان به وڌيڪ سکيو. ان لاءِ مون کي ڪنهن به ڪهاڻي، نظرئي يا ڏند ڪٿا جي سهاري جي ضرورت محسوس نه ٿي. مون کي صرف حقيقت جيئن آهي تيئن جو مشاهدو ڪرڻو پيو. اهم ترين راز جيڪو مون کي معلوم ٿيو، اهو هو ته منهنجين سمورين پيڙائن ۽ تڪليفن جو اصل سبب منهنجو ذهن ئي آهي. جڏهن مان ڪجھ چاهيان ٿو ۽ اهو نٿو ٿئي ته منهنجو ذهن پيڙا ۽ تڪليف پيدا ڪري ٿو. پيڙا ۽ تڪليف ٻاهرين دنيا جي معروضي حقيقت نه آهي، پر اها منهنجي ذهن جو ئي ردِ عمل آهي. ان ڳالهه جي پروڙ پوڻ وڌندڙ پيڙا ۽ تڪليف کي گھٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پهريون قدم آهي.

سال 2000 کان وٺي ان ڪورس کانپوءِ مان ٻه ڪلاڪ روزانو مراقبو ڪندو آهيان ۽ هر سال هڪ يا ٻن مهينن لاءِ مراقبي جي نعمت مان فائدو وٺندو آهيان. اهو سچائي کان فرار نه آهي، پر سچائي سان رابطي ۾ رهڻ جو هڪ ذريعو آهي. هر روز ٻن ڪلاڪن تائين سچائي يا حقيقت جو جيئن اها آهي تيئن مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ مان پنهنجن اِي ميلس Emails، ٽوئيٽس ۽ ڪيوٽ-پپي وڊيوز ۾ گم ٿي ويندو آهيان. مراقبي جي هن مشق مون کي پنهنجي نقطهءِ نظر کي چِٽو ڪرڻ ۽ توجھ کي مرڪوز ڪرڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪئي آهي، جنهن کانسواءِ يقينن مان پنهنجا ڪتاب سيپينس (Sapiens) ۽ هوموڊيوئس(Homo Deus)  لکي نه سگھان ها. گھٽ ۾ گھٽ منهنجي زندگي ۾ مراقبو سائنسي تحقيق سان تضاد ۾ نه آيو آهي، الٽو ڳولا ڦولا جي سائنسي اوزارن جي پيتي ۾ مراقبو هڪ اهم سائنسي اوزار طور سامهون آيو آهي جيڪو خاص طور انساني ذهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

ٻنهي ڇيڙن کان کوٽڻ:

سائنس لاءِ ذهن يا فهم جون ڳجھارتون ڀڃڻ ڏکيو ڪم رهيو آهي ڇو ته ان وٽ مؤثر اوزار نه آهن. ڪيترائي ماڻهو جن ۾ سائنسدان به شامل آهن ذهن کي مغز سمجھڻ جي مونجھاري جو شڪار آهن. جڏهن ته اهي ٻئي بلڪل مختلف شيون آهن. مغز، مغزي گھرڙن يعني نيورانس، مغزي گھرڙن جي وچ ۾موجود وٿين ۽ حياتياتي مرڪبن جو مادي ڄار آهي، جڏهن ته ذهن انساني محسوسات جو وهڪرو آهي جيڪو اسان کي ڏُک، خوشي، ڪاوڙ ۽ پيار جو احساس ڏياري ٿو. حياتياتي سائنسدان اهو فرض/تصور ڪن ٿا ته مغز ئي ڪنهن طريقي سان ذهن کي پيدا ڪري ٿو. مغزي گھرڙا جيڪي اربن جي تعداد ۾ آهن تن ۾ پيدا ٿيندڙ حياتياتي ڪيميائي عمل ئي ڪنهن نموني اسان جي مغز ۾ ڏک ۽ پيار جهڙا احساس ۽ تجربا پيدا ڪن ٿا. هينئر تائين اسان وٽ ان ڳالهه جي ڪابه وضاحت ڪونهي ته مغز مان ذهن ڪيئن ٿو ٺهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اربين مغزي گھرڙن جِي مخصوص پيدا ڪيل برقي لهر مون کي تڪليف جو احساس ڏياري ٿي ته وري اهڙي ئي مختلف لهر ڦِري پيار جو روپ ڌاري ٿي. انهيءَ ڳالهه جو اسان وٽ ڪوبه ڏس پتو نه آهي. ان هوندي به جيڪڏهن ذهن واقعي مغز مان ڦٽي ٿو ته به هن وقت ذهن متعلق تحقيق مغز بابت تحقيق کان مختلف آهي.

…(هلندڙ)…