خاص

موٽر وي زيادتي ڪيس: خبر ناهي تحقيق ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس موٽر وي زيادتي ڪيس جي حوالي سان ريمارڪس ڏيندي چيو ته خبر ناهي انويسٽيگيشن ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي ۽ سي سي پي او جيڪو جملو ڳالهايو آهي ان تي پوري ڪابينا کي معافي گهرڻ کپي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس جي عدالتي تحقيق لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته قانون مطابق حڪومت چاهي ته عدالتي تحقيق ڪرائي سگهي ٿي. جسٽس قاسم خان چيو ته قانون پڙهي وٺو ۽ مون کي به ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت اهو حڪم جاري ڪريون، صرف خبرون ڇپرائڻ لاءِ درخواستون داخل نه ڪيون وڃن. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جو مقدمون درج آهي ۽ تحقيق به ٿي رهي آهي. ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي سي پي او اهڙو جملو ڳالهايو آهي جنهن تي پوري ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي، اها ڪهڙي انويسٽيگيشن آهي جنهن ۾ سي سي پي او مظلوم عورت جي غلطي ڄاڻائي رهيو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته سي سي پي او پاران ڏنل بيان تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته معاملي جي انڪوائري ٿي رهي آهي، عدالت پڇيو ته ڇا توهان چئي رهيا آهيو ته سي سي پي او جي بيان تي انڪوائري ٿي رهي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته پوري معاملي جي انڪوائري ٿي رهي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن معاملي تي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته جيئن قوم جي ڌيئرن جي حوصلا افزائي ٿئي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب ۽ غريب بيان ڏنا، خبر ناهي انويسٽيگيشن آهي يا ڊرامي بازي. عدالت چيو ته حڪومتي مشير ۽ قانون وارو وزير واقعي واري هنڌ تي وڃي تصويرون ڪڍرائي رهيا آهن، ڇا وزير قانون ڪو انويسٽيگيشن آفيسر آهي جو واقعي واري هنڌ تي وڃي رڳو تصويرون ٺاهي رهيو آهي، اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي ڏيکاري چوندا آهن ته وڏو ڪم ڪري رهيا آهيون. عدالت واقعي جي تحقيق لاءِ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن ۽ تازي رپورٽ طلب ڪري ڇڏي. جڏهن ته سي سي پي او لاهور کي به اڄ ئي طلب ڪري ڇڏيو.