خاصنئون

چين پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيندو: پرڏيهي وزارت جو ترجمان

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر حسن نجيب ٽوئيٽر ذريعي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته چين کان ٻه ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جي رقم 25 مارچ تي ملي ويندي. جيڪا مرڪزي بينڪ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي جنهن لاءِ سموري ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي. هي رقم ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌارو ڪندي ۽ ادائگي جي توازن ۾ بهتري کي يقيني بڻائيندي.