آمريڪي صدر پاڪستان جي قيادت سان ملڻ جو خواهشمند
وائٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس جي اختتام تي صحافي جي سوال جي جواب ۾ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو پاڪستان جي قيادت سان ملڻ جي اميد رکي ٿو. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته اسان جا پاڪستان سان تعلقات بهتر ٿي ويا آهن ۽ اسان جلد ئي پاڪستان جي قيادت سان ملاقات ڪنداسين. آمريڪا جي صدر جو هي بيان ان ڪري اهم آهي ته هڪ سال اڳ ئي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان لاءِ بيان ڏنو هو ته اسان گذريل پندرهن سالن ۾ پاڪستان کي 33 ارب ڊالر ڏنا آهن پر ان جي باوجود پاڪستان اسان سان دوکو ڪيو آهي ۽ ڪوڙ هنيو آهي. هن بيان کانپوءِ مسلسل پاڪستان لاءِ آمريڪا جي ناراضگي جو خوف جاري رهيو. جنهن ۾ ماٺار ان وقت آئي جڏهن گذريل مهيني آمريڪا جي صدر ٽرمپ پاڪستان جي قيادت کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ پاڪستان کي آمريڪا طالبان ڳالهين لاءِ آمريڪا جي مدد ڪرڻ جو چيو هو. هن وقت آمريڪا جي صدر جي اعلان بعد ٻنهي ملڪن جي تعلقات ۾ بهتري جي اميد نظر اچي رهي آهي.