خاص

مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ٿيڻ بعد وزيراعظم جو پشاور جو دورو ۽ اليڪشن ڪميشن جي تنبيهه

اليڪشن ڪميشن وزير اعظم عمران خان کي پشاور جي دوري کان روڪي ڇڏيو، پشاور جي ريجنل اليڪشن ڪمشنر وزير اعظم کي لکيل خط ۾ چيو ته خبر پئي آهي ته اوهان نيا پاڪستان ڪارڊ جي افتتاح لاءِ پشاور وڃي رهيا آهيو، مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ٿيڻ بعد وزير اعظم ۽ گورنر دورو نٿا ڪري سگهن. اليڪشن ڪميشن طرفان وزير اعظم کي ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جِي تنبيهه.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان پشاور روانو ٿي ويو. وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت مائڪرو هيلٿ انشورنس پروگرام جو افتتاح ڪندو. ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر پشاور وزيراعظم عمران خان کي پشاور جو دورو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان وزيراعظم کي پشاور جو دورو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.