نسلا ٽاور ڪيرائڻ لاءِ ڪراچي انتظاميا سرگرم
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ بلاسٽنگ ذريعي مسمار ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ڪمشنر ايف ڊبليو او سربراهه ۽ ڊي جي ايس بي سي اي کي خط لکي ڇڏيو. جڏهن ته سوئي سدرن عمارت جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن. ڪراچي جي ڪمشنر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 7 ڏينهن ۾ فيصلي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نسلا ٽاور جي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن ۾ ايف ڊبليو او انتظاميا کي مدد فراهم ڪري ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ٻن ڏينهن ۾ ٽيڪنيڪي ۽ سيسمڪ سروي مڪمل ڪري آگاهه ڪيو وڃي. ان کانسواءِ ڪراچي جي ڪمشنر ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به سهڪار لاءِ خط لکيو آهي. هوڏانهن عدالتي حڪم تي نسلا ٽاور جي بجلي، گئس ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن.

