نيب چيئرمين جي آرڊيننس ذريعي واڌ قبول ناهي: احسن اقبال
اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نارووال اسپورٽس سٽي ريفرنس هڪ لطيفي طور تي ياد رکيو ويندو. هن چيو ته 6 اربن جي دعويٰ ڪندڙن کي خبر ناهي ته ان منصوبي تي اڍائي ارب خرچ ٿيا هئا. سندس چوڻ هو ته نيب کي اهڙي قدم تي نوبيل انعام ملڻ گهرجي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نارووال اسپورٽس سٽي معاملي تي ڪوڙي جاچ شروع ڪئي وئي. جاچ ۾ چيو ويو هو ته پراجيڪٽ بارڊر کان 8 سئو ڪلو ميٽر پري ٺاهيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته نيب جنهن فائل تي هٿ رکندو آهي ته سرڪاري آفيسر ان تي ڪم ناهي ڪندو. نيب گردي ذريعي 35 آفيسرن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ڪوڙا ڪيس عمران خان جي بدلي واري باهه وسائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، ملڪ ۾ ترقياتي بجيٽ بيهي وئي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ترقياتي منصوبن جي پورائي لاءِ واڌو 2 هزار ارب گهربل آهن، اهي منصوبا اڇا هاٿي بڻجي ويا آهن، نيب ٻڌائي ته منصوبن کي اڇو هاٿي بڻائڻ جو ذميوار ڪير آهي. هن چيو ته نيب جي چيئرمين جي ڏاڍ رڳو سويلين ۽ سياستدانن تي هلندي آهي، نيب چيئرمين رڳو پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيو آهي. ان جي مدي ۾ رڳو هڪ مهينو وڃي بچيو آهي. ٻڌو آهي ته ايوان صدر جي آرڊيننس فيڪٽري مان هڪ وڌيڪ آرڊيننس جاري ڪرايو پيو وڃي، نيب چيئرمين پڇاڻو ڪري ته ٻن مهينن ۾ 13 ارب رپين جي ڊي ويليو ڪنهن ڪئي؟، ملڪ ۾ بجلي، گيس، دوائون ڪنهن مهانگيون ڪيون؟ ان جو جواب ناهي؟. سندس چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي آرڊيننس ذريعي واڌ کي ن ليگ قبول نه ڪندي. نيب رڳو ڪوڙا ڪيس ٺاهي انتقام جو نشانو بڻائي پيو. جيڪي ملڪ ۾ اپوزيشن سان ويهي ڳالهيون نٿا ڪري سگهن اهي طالبان کي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

