بلاگخاص

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر قسط-3

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-3

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر

الطاف شيخ

اسد مڪي ۽ مديني ۾ ڇهه سال گذاريا، جن ۾ هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪيو ۽ قرآن، حديث ۽ اسلامي تاريخ جو اونهو مطالعو ڪيو. هن عربن جي زندگي جو جائزو وٺڻ لاءِ بدو عربن سان ملڻ جلڻ رکيو ۽ هنن سان گڏ سفر ڪيو. ان بعد وڌيڪ مسلمان ڪميونٽين ۽ ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ اوڀر ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. 1932ع ۾ اسد عربستان جا پٽ ڇڏي هندستان (برٽش انڊيا) جو رخ ڪيو جتي هن جي ملاقات مشهور شاعر فلاسفر ڊاڪٽر محمد اقبال سان ٿي جنهن ويجهڙائيءَ ۾ خود مختيار مسلم رياست جو proposal پيش ڪيو هو. ڊاڪٽر محمد اقبال محمد اسد کي برٽش انڊيا ۾ رهي انڊيا جي مسلمانن کي پنهنجو الڳ مسلمان ملڪ ٺاهڻ ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ڊاڪٽر اقبال اسد کي چوڌري نياز علي خان سان به ملرايو جيڪو هڪ زميندار ۽ مخير انسان هو، جنهن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي پٺاڻ ڪوٽ انڊيا ۾ ۽ جوهر آباد پاڪستان ۾ درالاسلام ٽرسٽ انسٽيٽيوب ٺاهيو. اسد انڊيا ۾ رهي پيو ۽ ڊاڪٽر اقبال ۽ چوڌري نياز علي خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. هن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي صحيح بخاري حديثن جو عربي مان انگريزي ۾ ترجمو شروع ڪيو، جنهن جي ڇپائيءَ لاءِ پريس ۽ مالي مدد لاءِ اسد حيدرآباد دکن جي نظام سان مليو. “نظام نه رڳو مون کي ڇپائي جي پريس گهرائي ڏني، پر سماهي رسالي “اسلامڪ ڪلچر” جو به ايڊيٽر مقرر ڪيو. جنهن لاءِ هن مون کي سٺي پگهار جي آفر ڪئي. مون کان اڳ هن رسالي جو ايڊيٽر محمد مارما وڊيوڪ پڪٿال هو جنهن ادارت جي ڪم کان فارغ ٿي پنهنجو سمورو ٽائيم قرآن جي انگريزي ترجمي ڪرڻ ۾ لڳائڻ چاهيو ٿي.” اسد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي.

محمد اسد لاهور ۾ رهي صحيح بخاري جي ترجمي ۽ هن رسالي جو ڪم ڪرڻ لڳو. 1939ع ۾ ٻي وڏي لڙائي لڳي. اسد پنهنجن مائٽن کي مشرقي يورپ مان ڪڍي پاڻ وٽ انڊيا گهرائڻ چاهيو ٿي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٻين يهودين وانگر اسد جا والدين به گرفتار ٿي ويا، جن کي بعد ۾ نازين قتل ڪري ڇڏيو. انڊيا تي راڄ ڪندڙ انگريز حڪومت انڊيا ۾ رهندڙ سڀني يهودين کي کڻي سوگهو ڪيو. اسد جيتوڻيڪ 13 سال کن اڳ مسلمان ٿي چڪو هو ته به هن کي جرمني جو سمجهي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ 1945ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تائين هو مختلف جيلن ۾ نظر بند رکيو ويو. سندس ٻي زال منيره ۽ پٽ طلال جمالپور (پٺاڻ ڪوٽ کان پنجن ميلن جي فاصلي تي) نياز علي خان جي گهر ۾ رهيا.

اسد نئين مسلم رياست ٺهڻ جي پاسداري ۽ حمايت ڪئي ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي نئين ملڪ ٺهڻ تي اسد جي خدمتن جي عيوض کيس پاڪستان جي فل شهريت (Citizenship) عطا ڪئي وئي ۽ کيس فارين سروس ۾ نوڪري ڏني وئي ۽ هن پاڪستان جا اسلامي ملڪن سان تعلقات مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انڊيا جي ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ تي سعودي عرب وارن پاڪستان کي پنهنجو نٿي سمجهيو. اسد پنهنجي ٻي ڪتاب A Man of Desert ۾ لکيو آهي ته: هن جا جيئن ته عرب حاڪمن سان دوستاڻه تعلقات هئا، ان ڪري هو پاڻ سعودي عرب ويو ۽ پاڪستان جي وڪالت ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ڀائپي ۽ دوستي پيدا ڪئي.

پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪري دوران ڪجهه سرڪاري ڪامورن کي اسد کان ساڙ ۽ حسد ٿي پيو ۽ هن جي خلاف تنقيد ۽ سَٽ سٽڻ لڳا. انهن ۾ هڪ اهم ڪردار اردو جو مشهور ليکڪ ۽ بيورو ڪريٽ پطرس بخاري به هو. بقول محمد اڪرم چغتائي (اسد جي ڪتابن جي اردو مترجم) جي اسد ۽ پطرس بخاري جا تعلقات ڇڪتاڻ وارا رهيا. اسد جي نظرن ۾ پطرس هڪ مغرور، خودبين ۽ رعب ڄمائڻ وارو آفيسر هو. اختلاف راءِ هن کان بلڪل برداشت نٿي ٿي. ٻئي پاسي پطرس بخاريءَ کي به اسد متعلق ڪجهه غلط فهميون هيون، جيڪي جيڪي اسد جي استعيفيٰ ڏيڻ تائين جاري رهيون. هيءَ سال 1952ع جي شروع جي ڳالهه آهي. اسد چپ چاپ نوڪريءَ کان استعيفيٰ ڏئي پنهنجي آتم ڪٿا (آٽو بايو گرافي) The Road to Mecca لکڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. هن آتم ڪٿا ۾ هن جي 32 سالن جي عمر تائين جو احوال آهي جنهن ۾ هن مصر، عراق، شام ۽ ٻين ملڪن جو سفر ۽ مڪي ۽ مديني ۾ زندگي گذارڻ جو احوال، سندس مسلمان ٿيڻ ۽ يهودين جي وڌندڙ Zionist تحريڪ بابت لکيو آهي. هي ڪتاب لکڻ وقت هو ٻن ٽن سالن لاءِ نيو يارڪ (آمريڪا) ۾ اچي رهيو، جتي هن پهرين نومبر 1952ع تي حميده پولا سان شادي ڪئي جنهن اتي نوڪري ڪئي ٿي.

اسد جي پهرين زال ايلسا، جيڪا مڪي پهچڻ سان نون ڏينهن بعد گذاري وئي، جرمن هئي، جيڪا کانئس 15 سال کن وڏي هئي ۽ هن کي پهرين مڙس مان هڪ پٽ هو. اسد جي اسلام قبول ڪرڻ تي هوءَ به مسلمان ٿي ۽ پنهنجو اسلامي نالو عزيزه رکيو. 1927ع ۾ کيس مڪي ۾ مليريا ٿي پئي ۽ وفات ڪيائين. ٽن سالن بعد 1930ع ۾ اسد عرب قبيلي سان تعلق رکندڙ منيره بنت حسن نجدي سان شادي ڪئي. عمر ۾ هيءَ اسد کان 15 سال ننڍي هئي. هن مان اسد کي اڪيلو ٻار طلال 1932ع ۾ مديني ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ بعد هن ڪجهه عرصو هندستان ۾ پنهنجي پيءُ سان گذاريو، پر گهڻو وقت ماءُ سان رهيو، ان ڪري هو ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ جي طرفداري ڪندو رهيو. منيره ۽ اسد جي وچ ۾ ڪافي عرصي ۾ اڻبڻت شروع ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ لنڊن ۾ اڪيلو رهندي هئي. سندس ۽ هنن جي پٽ طلال جو خرچ پکو اسد باقائدگي سان موڪليندو رهيو. 1952ع ۾ اسد جي پولا حميده سان شادي جو ٻڌي منيره ڪافي گوڙ ڪيو، جنهن ۾ طلال جون همدرديون پنهنجي ماءُ سان هيون. ايتري قدر جو جڏهن اسد جي شاديءَ جو مصدقه اطلاع پهتو ته  طلال چيو ته “اڄ منهنجو پيءُ مري ويو.” اسد آخرڪار منيره کي طلاق ڏيئي ڇڏي. ان بعد ته ماءُ ۽ پٽ جا اسد سان تعلقات خراب ٿي ويا، جيڪي، منيره جي 1978ع ۾ وفات تائين ايئن ئي رهيا. ان بعد وقت سان گڏ پيءُ پٽ جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيءُ پٽ جي ملاقات ٿيڻ لڳي. ايتري قدر جو 1992ع ۾ جڏهن اسد وفات ڪئي ته طلال جي پهچڻ بعد سندس  پيءُ جو ڪفن دفن ڪيو ويو. …(هلندڙ)…