بلاگخاص

هڪ يهودڻ سان ملاقات

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

هڪ يهودڻ سان ملاقات

الطاف شيخ

1960ع واري ڏهاڪي ۾ مون جهاز سازي جي تعليم مڪمل ڪري مئرين انجنيئر جي حيثيت سان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي. گرام انجڻ روم ۾، طوفاني موسمن ۾ ۽ مڇريل سمنڊن تي بيٺي پير چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻ جتي ڏکيو ڪم هو اتي جهاز جي مختلف بندرگاهن ۾ پهچڻ تي گهمڻ ڦرڻ جا مزا پڻ هئا. اڄ جي گهما گهمي ۽ دهشتگردي جي دنيا سان جڏهن اڄ کان اڌ صدي اڳ وارا ڏينهن ٿو ڀيٽيان ته انهن ڏينهن ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪيڏو ته سڪون، سستائي ۽ سانت هئي. ڪوالالمپور جيڪو اڄ يورپ جو شهر لڳي ٿو، اتي فقط “جالان تئانڪو عبدالرحمان” وارو روڊ سيمينٽ جو يعني پٿرن ۽ ڏامر جو ٺهيل هو، جنهن کي چوندا ئي هئا “باتو روڊ” يعني پٿرن وارو رستو… سنگاپور ۾ ڪابه عمارت هڪ ماڙ کان مٿي نه هئي. بندر گاهه کان ايئرپورٽ تائين “وڊ لئنڊ” وارو سڄو علائقو جنگل ئي جنگل هو. ويندي ڪراچي به صدر تائين محدود هو. ڪافي ويران علائقو هلڻ بعد گرو مندر ايندو هو جتي عامل هندن جا گهر هوندا هئا. اهو ئي حال ڪولمبو، عدن، بئنڪاڪ جو توڙي آمريڪا ۽ يورپ جي شهرن جو هو. اڄ جي مقابلي ۾ امن امان به ڏاڍو هو. هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ فقط ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پوندي هئي. ڪيترن ئي ملڪن، ويندي جاپان ۽ انگلينڊ جي به ويزا جي به ضرورت نه هوندي هئي. ايئرپورٽ تي اڏام کان اڌ ڪلاڪ اڳ پهچڻ ڪافي هو. ٻاهران ملڪن ۾ اتي جي مشهور اداڪارن، رانديگرن، سرڪاري ڪامورن ۽ حاڪمن سان ملڻ به آسان ڪم هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز ٻيٽ) تي اتي جي رهاڪو ۽ بعد ۾ اڳتي هلي دنيا جو مشهور ليکڪ ٿيندڙ ۽ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ وي. ايس نائپال سان ملاقات ٿي ۽ هانگ ڪانگ جي هڪ هوٽل ۾ رهائش دوران خوشونت سنگهه سان ٿي. ان وقت تائين خوشونت سنگهه جا جيتوڻيڪ ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا هئا، پر هو اڃان مشهور نه ٿيو هو. اڄ ٿو سوچيان ته ان زماني ۾ گهمڻ ڦرڻ، فلمون ۽ ٿيٽر ڏسڻ، اجائي سجائي خريداري پٺيان پئسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ بدران هر ملڪ جي بندرگاهن ۾ اتي جي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن، فلمي اداڪارن ۽ ٻين اهڙين شخصيتن سان ملي انهن جا انٽرويو وٺجن ها، پر انهن ڏينهن ۾ انهن ڳالهين جو هوش نه هو. وري به هر جهاز تي ڪو هڪ ٻه اهڙو آفيسر ملي ٿي ويو، جنهن کي مون وانگر ڪتابن پڙهڻ جو شوق هجڻ ڪري سمنڊ تي ان ٽاپڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو ٿي، باقي ڪناري تي ڪڏهن ڪڏهن مڪاني اهم شخصيت سان ملاقات ٿيندي هئي ته اها به اتفاقي طرح. جيئن هڪ دفعي نيو يارڪ ۾ اتي جي مشهور شاعره ۽ اديبا “ايريڪا جونگ” (Erica jong) سان ٿي… پوءِ ته اها اڃان به گهڻي مشهور ٿي ۽ ڪو عرصو سندس نالو جاپان ۽ ڪوريا تائين گوجندو رهيو، هاڻ پاڻ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ظاهر آهي ان جي جاءِ تي ان کان وڌيڪ قابل ۽ ماڻهن کي پسند ايندڙ اديب شاعر اچي ويا آهن.

ايريڪا جونگ سان اسان جي ملاقات ستر واري ڏهي ۾ ٿي، جڏهن اسان جو جهاز ڪولمبو (سريلنڪا) کان نيو يارڪ لاءِ روانو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ ٻاهر جا انگريزي ناول گهٽ ملندا هئا ۽ جيڪي ملندا هئا سي مهانگا هوندا هئا. ڪولمبو ۾ اتي جي سرڪار ڪتابن تي سبسڊي ڏيڻ ڪري اتي سستا هئا، ويتر انهن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جي رپئي جي قيمت وڌيڪ هجڻ ڪري اسان لاءِ سستائي هئي. ان ڪري سمنڊ تي پڙهڻ لاءِ ڪتاب سري لنڪا جي بندر گاهه ڪولمبو مان وٺندا هئاسين يا وري آمريڪا پهچي اتي جي “سي مين” ڪلبن مان کڻندا هئاسين، جيڪي اسان جهازن وارن کي مفت ۾ ڏيندا هئا.

ان ڀيري ڪولمبو مان ورتل ڪتابن مان هڪ Fear of Flying ناول “ايريڪا جونگ” نالي عورت جو پڻ هو. پهريون صفحو پڙهڻ سان مون کي هي ناول، بلڪه مائيءَ جي لکڻ جو اسٽائل بيحد نرالو لڳو. هن ان ناول ۾ وڏي دليريءَ سان (بلڪه بي شرميءَ سان) پنهنجي فڪشن ڪهاڻي لکي آهي، جيڪا بعد ۾ خبر پئي ته ان ۾ وڏو حصو سندس سچ پچ جي زندگيءَ جو به آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن ٽي وي، سئنيمائن ۾ يا ڪمپيوٽر انٽرنيٽ تي خبر ناهي ڪهڙي قسم جون واحيات فلمون پيون هلن، ان جي مقابلي ۾ اڄ ايريڪا جو هي ناول ڪا حيثيت نٿو رکي، پر انهن ڏينهن ۾ جنهن پڙهيو ٿي ان اهو ئي چيو ٿي ته عورت ٿي ڪري ڪيڏو ته بي حيائيءَ سان لکيو اٿس ۽ هرهڪ ان ناول کي Erotic سڏيو ٿي، پر اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، انهن ڏينهن ۾ اسان جو هر ملڪ ۾ وڃڻ ٿيو ٿي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته ايريڪا جي هن ڪتاب ۾ فحش پڻو ڪو نالي ماتر آهي منجهس ادب ۽ لکڻ جو جديد اسٽائل وڌيڪ آهي ۽ هن هي ناول لکڻ ۾ ڪافي محنت ڪئي هوندي. نيو يارڪ کان واپسيءَ تي مون ان ناول جو چئپٽر اڌ ترجمو ڪري سنڌي اخبار ۾ به ڏنو هو ۽ هتي پڻ پڙهندڙن لاءِ ڏيئي رهيو آهيان.

ايريڪا جونگ اسان جي عمر جي ٿيندي بلڪه اسان کان ٻه سال وڏي آهي. پاڻ 1942ع ۾ نيو يارڪ شهر ۾ هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو اصل ملڪ پولنڊ هو ۽ ماءُ جيڪا ڄائي ته انگلينڊ ۾، پر سندس والدين يعني ايريڪا جو نانو ۽ ناني روس جا يهودي هئا. ايريڪا جونگ جي پيءُ جي پروسلين جي گُڏين ٺاهڻ جي ڪمپني هئي ۽ ماءُ پينٽر ۽ ٽيڪسٽائيل ڊزائينر هئي، جيڪا پنهنجي مڙس جي ڪمپني جي گُڏين جي ڊزائين ڪندي هئي. ايريڪا جي وڏي ڀيڻ سُوزانا هڪ لبناني عيسائي عرب سان شادي ڪئي هئي ۽ هڪ ننڍي ڀيڻ ڪلاڊيا سوشل ورڪر هئي، جنهن جي مڙس ايريڪا جي پيءُ جي ڪمپني Seymour Mann Inc ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ 2006ع ۾ گذاري ويو.

ايريڪا جي چار دفعا شادي ٿي. پهريون دفعو پنهنجي ڪاليج جي دوست مائيڪل سان، ٻيو دفعو  چيني آمريڪن سئڪا ٽرسٽ سان انهن ٻنهي جو احوال هن پنهنجي ناول “فيئر آف فلائنگ” ۾ پڻ ڪيو آهي. سندس ٽيون مڙس “جوناٿن فاسٽ” ناول نويس هو، جنهن جو پيءُ هووارڊ فاسٽ پڻ مشهور ناول نويس ٿي گذريو آهي. ان شاديءَ جو احوال ايريڪا پنهنجي ٻن ناولن How to save your own life ۽ “پئرا شيوٽس اينڊ ڪِسز” ۾ ڏنو آهي. ايريڪا اڄڪلهه پنهنجي چوٿين مڙس ڪينٿ ڊئوڊ سان رهي ٿي جيڪو نيو يارڪ جو مشهور وڪيل آهي.

ايريڪا ٽي سال کن جرمني ۾ پنهنجي ٻئي نمبر مڙس سان گڏ رهي جتان هوءَ اڪثر اٽلي جي شهر وينس ۾ گهمڻ لاءِ ويندي رهي جنهن بابت احوال هن پنهنجي ناول Daught’s Shylock ۾ ڪيو آهي.

ايريڪا جونگ 1965ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي مان انگلش لٽريچر ۾ ايم اي ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايريڪا جي مشهوري Fear of Flying ناول ڪري ٿي. مون سندس تقريبن سڀ ناول پڙهيا آهن جيڪي پاڻ بعد ۾ لکيائين، پر سندس مٿيون پهريون ناول جيڪو First person sing (زمان متڪلم) ۾ لکيل آهي سڀني پسند ڪيو آهي جنهن لاءِ نيو يارڪ ٽائيمس ۾ آيو هو ته:

“The Book tries to answer the many conflicts arising in

woman in today’s world, of womanhood, femininity, love, one’s

quest for freedom and purpose”

ايريڪا جونگ بنيادي طرح شاعره آهي. هوءَ اڄ به شاعري وڏي شوق سان ڪري ٿي. جيستائين آئون جهاز تي هئس نيو ايئر تي سندس ڪارڊ مون وٽ به ايندو رهندو هو، جيڪو هوءَ پنهنجن پڙهندڙن کي باقاعدگيءَ سان موڪليندي رهي ٿي. انهن ڪارڊن تي سندس نئين شاعري هوندي هئي.

مون سندس شاعري جا ٻه شروعاتي ڪتاب Fruits & Vegetables ۽ “هاف لائيف” سامونڊي نوڪري وارن ڏينهن ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هميشه وانگر شاعري پنهنجي سمجهه کان پري رهي آهي. هن وقت موجود سندس هڪ پراڻو New Year ڪارڊ مون وٽ موجود آهي جنهن تي لکيل سندس ڪجهه شعر هتي ڏيان ٿو:

Perishable Women

Perishable Women…

The colonial graveyards

Are strewn with your bones,

The islands of Caribbean

Are rich with your deaths.

Your perished

Like the creatures of the reefs,

Bringing forth your kind.

Perishable Women

Smashed like pots

Upon the floor beneath the wheel,

Crushed like shells upon the beach,

Like husks of coconut,

Like bits of bottle glass.

At my age I,d be dead.

You would not be.

 

Erica Mann jong