خاص

وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچندو

وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچندو. خبر موجب وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ڪورونا وائرس بابت اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم سان سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪندا. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان اربع تي لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن جو دورو پڻ ڪندو. وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن لاهور جو به دورو ڪيو هو جتي هن ڪورونا سميت اهم صوبائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو.