وزيراعظم PSX تي حملي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ۽ سنڌ پوليس جي ٻن هيروز کي وساري ويٺو جن دهشتگردن سان مقابلو ڪيو.
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي ان ڳالهه ۾ هاڻ ڪوبه شڪ ناهي رهيو ته ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڀارت جي طرفان ئي ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪيتريون ئي افواهون هلي رهيون هيون ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. بجيٽ کان هڪ رات اڳ ٽي وي تي ائين لڳو پئي ته حڪومت وئي، پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورت پارليامينٽرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پارٽي ۽ اتحادين جنهن جذبي سان هي بجيٽ پاس ڪرايو ان جو به ٿورائتو آهيان. وزيراعظم عمران خان چيو ته پنهنجي هيرو سب انسپيڪٽر افتخار، خدا يار ۽ حسن علي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. حسن علي جي ڀيڻ به سندس شهادت جو ٻڌي فوت ٿي وئي. اسان کي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته حملو ڀارت طرفان ئي ڪيو ويو آهي. اسان دهشتگردي جا 4 منصوبا ناڪام بڻائي چڪا آهيون. اسلام آباد جي ويجهو دهشتگردي جا 2 منصوبا هئا دهشتگرد تمام گهڻا هٿيار کڻي آيا هئا، پر اسان جي سيڪيورٽي فورس فوري طور تي ڪارروائي ڪري انهن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

