وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا واري دوري تي ڪيترو خرچ آيو؟
وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهباز گل وزيراعظم جي سريلنڪا واري دوري جي خرچن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. خاص صلاحڪار شهباز گل پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته 2016 ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سريلنڪا واري دوري تي 2 لک 76 هزار 266 ڊالر خرچ ٿيا هئا. شهباز گل وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي 2021 جي سريلنڪا واري دوري تي صرف 14 هزار 800 ڊالر خرچ ٿيا جيڪي پاڪستاني ڪرنسي ۾ 23 لک 51 هزار 720 رپيا بڻجندا آهن. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جو ٻن ڏينهن وارو دورو ڪيو هو جيڪو گذريل ڏينهن ختم ٿيو آهي. دوري دوران وزيراعظم عمران خان سريلنڪن صدر، وزيراعظم ۽ واپاري وفدن سان ملاقاتون ڪيون هيون.

